گوادار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گوادار (Gwadar) کي ڪلاچ وادي ۽ دشت وادي به چيو ۽ سڏيو ويندو آهي. گوادر مڪران جي تاريخ ۾ ڏاڍو اهم رهيو آهي. اهو علائقو صدين تائين ايران (Iran) جو حصو پڻ رهيو آهي. خان آف قلات، مير نصير خان 1783ع ۾ گوادر کي عماني (مسقطي) شهزاديَ شيخ سعيد کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو هو. 1955ع ۾ مڪران کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو هو. 1858ع ۾، پاڪستان جي وفاقي حڪومت 10 ملين ڊالرن ۾ عمان حڪومت کان گوادار خريد ڪيو هئو. 1971ع ۾، جڏهن وٽ يونٽ (One Unit) کي ٽوڙيو ويو ته قلات، گوادر ۽ لسٻيلو جيڪو پهريائين سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو حصو هو، ان کي ڪراچي ڊويزن کان الڳ ڪري بلوچستان صوبو ٺاهيو ويو هو. ان کان پهرين گوادر وفاقي حڪومت جي ملڪيت هو ۽ لسٻيلو سنڌ جو حصو هئو. [1]

گوادر جي تاريخ[سنواريو]

گوادر جي لفظي معنا آھي گوا يعني ھوا + در يعني دروازو. گوادر معني ھوا جو در يا ھوا جو شھر.

تاريخي طور گوادر گچڪيء ۽ بليدي قبيلن جو پَرڳڻو رھيو آھي. گوادر تي ڪڏھن بليدين تہ ڪڏھن گچڪين جي صاحبي رھي آھي.

سن 1749ع ۾ جڏھن نوري نصير خان قلات جو مُهندار ٿيو ته ھن گوادر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئى. ان وقت گوادر تي گچڪين جي صاحبي هلندي ھئی. گچڪين خان آف قلات جي خلاف ڇتي ويڙهاند ۽ مزاحمت ڪئی. نوري نصير خان جڏھن ڏٺو تہ اھو گچڪي قبيلي جي سهڪار کان سواءِ گوادر تي پنھنجو قبضو برقرار رکي نٿو سگھي تہ ھن قبيلي جي مکيه سردار سان معاھدو ڪيو. ان معاھدي تحت گوادر جو انتظامي ڪنٽرول گچڪي قبيلي جي حوالي ڪيو ويو ۽ گوادر مان ٿيندڙ آمدنيء تي بہ اُتان جي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو ويو رڳو گوادر مان ٿيندڙ آمدنيء جو 50 سيڪڙو خان آف قلات کي ٽيڪس طور ڏيڻو ڪيو ويو. اھڙي ريت گوادار قلات رياست سان لاڳاپجي ويو.

اقتصادي طور تي گوادر ڪڏهن اھم هنڌ نہ رھيو آھي بس رڳو مهاڻن جو ڳوٺڙو هئو، جيڪي مهاڻا گوادر جي سامونڊي ڪناري تي مڇيء جو شڪار ڪري پنهنجو گذران ڪندا ھيا. گوادر جي بطور بندر گاھ اهميت ان وقت سامهون آئي، جڏهن پورچوگيزن گوادر بندر تي هلان ۽ ڪاھ ڪئي. 15 صدي عيسوي م پورچوگيز ٻيڙا ڪاهي بحر هند ۾ آيا هيا. انهن بحري ٻيڙن جو سرواڻي واسڪو ڊي گاما ڪري رهيو هو. واسڪو ڊي گاما هندستان جي سامونڊي پٽيء تي موجود جتي ٻين بندرن تي ڪاهون ڪيون، اتي گوادر بندر تي به ڪاھ ڪئي هئي.

گوادر جا قبيلا ڏاڍي بي جگريء سان پورچوگيزن سان وڙهيا هيا. ان جنگ ۾ پورچوگيزن کي هارَ آئي. پنهن جي شڪست جو بدلو وٺڻ لاء پورچوگيزن ويندي ويندي گوادر شهر ۾ لٽ مار ڪئي ۽ گوادر بندر کي باھ ڏئي ڇڏي.

پورچوگيزن گوادر ۾ ته هارَ کاڌي پر بحر هند مان نه ويا. هنن هندستان جي سامونڊي پٽيء تي قبضو ڪري، هندستان ۾ حڪومت قائم ڪئي. واسڪو ڊي گاما پورچوگيزن جو پهريون نمائندو هو، جنهن کي هندستان جو وائسراء مقرر ڪيو ويو۔

هندستان کان پوءِ پورچوگيزن وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۽ آفريڪا جو رخ ڪيو. اومان کان وٺي اوڀر آفريڪا تائين پوري ساحلي پٽيء تي قبضو ڪري پورچوگيزن پنهن جون بيٺڪون قائم ڪيون. هنن اومان جو ايترو گهيرو تنگ ڪيو جو مجبورن اومان جي سلطانن کي پنهن جي بحري فوج ٺاهڻي پئي. اڳتي هلي اومان جي بحري فوج ايتري مظبوط ٿي وئي جو هنن اومان کان وٺي اوڀر آفريڪا تائين پوري ساحلي پٽيء مان پورچوگيزن کي ڊوڙائي ڪڍيو. پورچوگيزن کي ڊوڙائي ڪڍڻ کانپوءِ اومان وچ اوڀر جي وڏي فوجي طاقت ٿي اُڀرو. نه رڳو فوجي طاقت ٿي ويو پر اوڀر آفريڪا جا اهي علائقا جيڪي پورچوگيزن جي صاحبي هيٺ اچي ويا هيا. پورچوگيزن جي وڃڻ کان پوءِ اهي علائقا اومان جي حاڪميت هيٺ اچي ويا ۽ اومان هڪ عام سلطنت مان وڏي شهنشاهيت ۾ تبديل ٿي ويو.

آفريڪا ۾ صوماليا، موزمبيق، تنزانيا ۽ ڪينيا سلطنت اومان جون اهم بيٺڪيتون هيون. انهن بيٺڪيتن مان سون، عاج ۽ آفريڪي غلام حاصل ڪيا ويندا هيا. آفريڪي غلامن جو واپار اومان جي معيشيت جو اهم ٿنڀ هئي. انڪري سن 1775ع ڌاري اومان جي سلطان احمد بن سعد، قلات جي خان نوري نصير خان کان گوادر جو بندر ٺيڪي تي گهريو هو.

جڏهن اومان جي سلطان گوادر جو بندر ٺيڪي تي گهريو، ان وقت اومان فوجي لحاظ کان وچ اوڀر جي مکيه سگھ هيو. ظاهر آ ته قلات جي ننڍڙي رياست جي حا ڪم نصير خان جي اها مجال نه هئي جو هو وچ اوڀر جي هڪ سگھاري طاقت کي انڪار ڪري سگهي. انڪري گوادر جو بندر ٺيڪي تي اومان جي حوالي ڪيو ويو.

سن 1775 ۾ گوادر جو بندر اومان جي حوالي ٿيڻ کان پوء هي بندر آفريڪي غلامن جي تجارت جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻجي ويو هو. اومان جي سلطانن بلوچن کي به اوماني فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي بلوچ اوماني فوج ۾ هڪ مکيه قوت بڻجي ويا.

ان لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آفريڪي غلامن جي ڪاروبار ۾ بلوچ به حصيدار هيا. پر گوادر بندر تان رڳو آفريڪي غلامن جو ڪاروبار نه ٿيندو هو، پر غلامن سان گڏ اوني ڪپڙي، عاج جي سامان ۽ مصالحن جو ڪاروبار به ٿيندو هو.

واسڪو ڊي گاما سامونڊي ڌاڙيل هو، پورچوگيز سپاهين جا ٻيڙا ڀري ننڍي کنڊ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ ۽ بندر گاهن تي قبضا ڪرڻ آيو هو. پر واسڪو ڊي گاما جي اچڻ يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ واپار جا سامونڊي رستا کولي ڇڏيا. اومان جي سلطانن جڏهن گوادر جو بندر ٺيڪي تي ورتو ته گوادر بندر وچ اوڀر کان يورپ ۽ سينٽرل ايشيا تائين واپار جو مرڪز ٿي ويو. [2] [3] [4] [5] [[1]]

حوالا[سنواريو]

  1. گوادار | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-14 
  2. گوادر ۽ سيپيڪ، مرتب؛ لقمان نواز
  3. Political economy of Balochistan - Page 87، Siddiq Baluch
  4. Oriental influences in Swahili: a study in language and culture contacts، Abdulaziz Lodhi
  5. Slaving Zones: Cultural Identities, Ideologies, and Institutions، page 220