ڪمال اتاترڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
غازي
مصطفي ڪمال اتاترڪ

اتاترڪ صدارتي دور ۾
پھريون ترڪي جو صدر
عهدو سنڀاليو
29 آڪٽوبر 1923 – 10 نومبر 1938
وزير اعظم عصمت انونو
علي فتح اوڪيار
جلال بايار
پيشرو عھدي جو آغاز
جانشين عصمت انونو
ترڪي جو گرينڊ نيشنل اسيمبلي وارو پھريون وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
3 مئي 1920 – 24 جنوري 1921
ڊپٽي فيوضي شيڪميڪ
پيشرو عھدي جو آغاز
جانشين فيوضي شيڪميڪ
پھريون ترڪي جو گرينڊ نيشنل اسيمبلي جو اسپيڪر
عهدو سنڀاليو
24 اپريل 1920 – 29 آڪٽوبر 1923
پيشرو عھدي جو آغاز
جانشين علي فتح اوڪيار
1st ريپبلڪن پيپلز پارٽي جو اڳواڻ
عهدو سنڀاليو
9 سيپٽمبر 1923 – 10 نومبر 1938
پيشرو عھدي جو آغاز
جانشين عصمت انونو
ذاتي تفصيل
پيدائش مصطفي پٽ علي رضا
1881[1]
سالونڪا, سالونيڪا ولايت, عثماني خلافت
(ھاڻي : ٿيسالونڪي يونان)
وفات 10 نومبر 1938 (عمر 57 سال)
دولما باغچا محل, استنبول, ترڪي
آخري آرامگاهه ايٿنوگرافي ميوزيم, انقره (21 نومبر 1938 کان 10 نومبر 1953 تائين)
انتڪبير, انقرہ ( 10 نومبر 1953 کان وٺي)
قوميت ترڪ
سياسي جماعت ريپبلڪن پيپلز پارٽي
ٻيون سياسي
وابستگيون
وطن و حريت
ڪاميٽي آف يونين اينڊ پراگريس ( ان کي ڇڏي ويو .)
اناطاليه ۽ روميليه جي حقن جي دفاع واري ايسوسيئيشن ( 1923 بعد :ريپبلڪن پيپلز پارٽي )
جيون ساٿي لطيفي اساڪلگيل (1923–25)
ماءُپيءُ علي رضا آفندي
زبيده حانم
اعزاز 24 ميڊلن جي فھرست
دستخط
فوجي خدمتون
فرمانبرداري  عثماني خلافت (1893–1919)
 ترڪي (1921–1927 )
سروس/شاخ عثماني خلافتعثماني خلافت واري فوج
ترڪ فوج
عهدو ميجر جنرل (عثماني فوج )
مارشل (ترڪ فوج)
ڪمانڊر اڻويھين ڊويزن


عثماني خلافت جي سورھين ڪور


عثماني خلافت جي سيڪنڊ آرمي
عثماني خلافت جي سيونٿ آرمي
يلدرم فوجي گروپ
ترڪ فوج گرينڊ نيشنل اسيمبلي
لڙائيون/جنگيون

مصطفي ڪمال اتاترڪ (ترڪي: Mustafa Kemal Atatürk )، جيڪو 1934 تائين ڪمال اتاترڪ ۽ 1935 کان مصطفي ڪمال پاشا جي نالي سان سڏبو ويندو هو. ھي خلافت عثمانيه جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ جنرل جي عھدي تائين پھتو ۽ پھرين مھاڀاري جنگ ۾ وڏي مشھوري ماڻي. ترڪي جو فيلڊ مارشل، سيڪيولر سڌارا آڻيندڙ اڳواڻ ۽ ترڪي جو پھريون صدر ھيو. ھن ترڪي کي غيرملڪي اختيار کان آزاد ڪرائي ترڪي کي سڌارن ذريعي ي مغربي ملڪن جي طرز تي ھڪ جديد ملڪ بڻايو.

خاندان ۽ ننڍپڻ[سنواريو]

ڀيڻ مقبوله ۽ ماء زبيده سان گڏ تصوير

سندس ڏاڏي جو نالو حافظ احمد آفندي ھيو جنھن کي 1839 ۾ علي رضا نالي پٽ ڄائو جيڪو ھڪ ھاري ھيو[2] ۽ ان جي رھائش مقدوينہ جي شھر ڊيبري[3] ۾ ھئي جنھن جي شادي زبيده حانم ڌيءَ ابراھيم فيض الله آفندي سان ٿي جنھن جو خاندان اناطوليہ کان لڏي ٿياسلونڪي جي اولھ طرف لنگازا ۾ رھڻ لڳو. شادي وقت زبيده جي عمر 14 سال ھئي[4]. انھن کي 1881 ۾ موجوده يونان جي شھر ٿيسالونڪي [4] (ان وقت عثماني خلافت) ۾ ھڪ پٽ ڄائو. جنھن جو نالو مصطفي رکيو ويو. جڏھن اسڪول ۾ ھيو تہ ھن پنھنجو نالو ڪمال رکيو. جڏھن ترڪي جو صدر ٿيو تہ کيس اتاترڪ جو لقب ڏنو ويو جنھن جي معنيَ آهي ترڪن جو ابو. کيس ھڪ ڀيڻ ھئي جنھن جو نالو مقبولي ھيو. مصطفي جا ٻہ ڀائر احمد، عمر ۽ ٻہ ڀينر فاطمه ۽ نيشا ننڍي ھوندي ئي فوت ٿي ويا هئا. سندس پيءُ ماءُ ۾ سندس تعليم لاء اختلاف ٿيو ھيو . ماء چاھيو پئي تہ پٽ حافظ محمد آفندي جي مدرسي ۾ پڙھي پر سندس پيءُ سيڪيولر خيال جو ھيو. جنھن ايئن ٿيڻ نہ ڏنو ۽ پٽ کي سيمسي آفندي اسڪول ۾ داخل ڪرايو[5] . ڪمال اتا ترڪ ان فيصلي تي پاڻ کي پيء جو احسانمند سمجھندو ھيو [6]. 1888 ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو ۽ سندس ماء ٿياسلونڪي جي ھڪ ڪسٽم آفيسر رجب سان ٻي شادي ڪئي[7].

تعليم ۽ عھدا[سنواريو]

عثماني خلافت اڪيڊمي ۾ 1901 ۾ نڪتل گروپ ڦوٽو

ھي بلقان جي ملٽري اسڪول ۾ داخل ٿيو جتي ان وقت يونانين ۽ سلواڪي ماڻھن جي قومي تحريڪ سرگرم ھئي[8]. ھن خلافت جي گاديءَ واري هنڌ استنبول جي ملٽري اڪيڊمي مان گريجوئيشن ڪئي[8]. جنھن بعد دمشق ۾ پنجين آرمي آرڊر ۾ ڪيپٽن جي عھدي تي فائز ٿيو ۽ سندس پھرين انٽرنشپ پنجين آرمي جي ٽيھين ڪيولري ريجمينٽ ۾ ٿي. ان دؤر ۾ شام ۾ ٿيندڙ فسادن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو ۽ کيس گوريلا جنگ جو تجربو ٿيو. فيبروري 2008 ۾ ھي ڪاميٽي آف يونين اينڊ پروگريس جو ميمبر ٿيو. 22جون 2008 تي ھي روميلي ايسٽرن ريجن ريلوي جو انسپيڪٽر مقرر ٿيو. ھي ھاڻي ميجر جي عھدي تي فائز ٿي چڪو ھيو. ان بعد ان جي سماجي ۽ سياسي صورتحال ۽ سلامتي واري معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ سندس يونين اينڊ پروگريس سوسائٽي طرابلس (موجوده لبيا) ۾ مقرري ٿي جتي ھن 1908 واري ترڪ نوجوانن واري انقلاب جي پاليسي تي ڪم ڪيو[9]. ھن ان نوجوان انقلاب م سڌو سنئون حصو نہ ورتو پر ھن مقرري دوران خليفي عبدالحميد جي آمريت جي مخالفت کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو[8]. 1910 ۾ فرانس ويو جتان واپسي بعد 27 سيپٽمبر 1911 م استنبول جي جنرل ھيڊ ڪوارٽر ۾ شامل ٿي ويو [10]. 19 سيپٽمبر 1911 ۾ اٽلي خلافت جي شھر طرابلس تي حملو ڪيو جتي ميجر مصطفي ڪمال، ميجر انور پاشا، ميجر علي فتح اوڪيار ۽ ٻيا محاذ تي وڙھيا پر 18 ڊسمبر 1911 تي پوئتي ھٽي قاھرہ پھتا. 1915 ۾ جڏهن اتحادي فوج گيليپولي ۾ حملو ڪندي گھري آيون ته ھن بحيثيت فوجي ڪمانڊر جي حملي کي پسپا ڪري شھرت ماڻي[8]. ترقي- ڪندو 1916ع ۾ جرنل جي عهدي تي پهتو. پهرين عالمي -جنگ- جي خاتمي تي ترڪيءَ جي سلطان وحيدالدين، مصطفيٰ ڪمال کي -ترقي- ڏني

گريجوئيشن پاس ڪرڻ وقت ملٽري اڪيڊمي ۾ نڪتل ڦوٽو
طرابلس واري جنگ دوران- ميجر مصطفي ڪمال بدوي مجاھدن واري فورس کي پنھنجون لکت واريون ھدايتون ڏيندي

ترڪي جي قيام لاء جوجھد[سنواريو]

جڏھن 1919 ۾ خلافت سرڪار برطانيا آڏو پيش پئي تہ ھن سرڪار سان اختلاف رکندي استنبول کي ڇڏي فوج گڏ ڪري اناطاليه ۾ مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽ انقرہ کي صدرمقام ڪندي اتي 1920 ۾ گرينڊ نيشنل اسيمبلي قائم ڪئي[8]. 1921 ۾ اولھ اناطاليه تي يوناني فوج جڏھن حملو ڪري گھري آئي تہ سندس قيادت ۾ ترڪ قومپرست فوج ان کي شڪست ڏئي پنھنجي طاقت ايتريقدر مڃائي جو سيورا واري معاهدي کي رد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. جنھن معاھدي تحت عثماني خلافت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورھايو ويو ۽ ترڪي پڻ ورھائجي ويو ھو[8]. يوناني فوج کي شڪست ڏيڻ تي کيس غازي پاشا جو لقب مليو.

سندس صدارت وارو دؤر[سنواريو]

1923 ۾ سوئيٽزرلينڊ جي شھر لئوسان ۾ ڪيل نئين معاھدي تحت ترڪي جي نيون سرحدون طئي ڪيون ويون ۽ ترڪي جي ريپبلڪ جو قيام ٿيو جنھن جو پھريون صدر مصطفي ڪمال بڻيو[8]. ھن ترڪي جي نئين سر جديد ويسٽرن طرز تي تعمير ڪئي ۽ ان کي ھڪ سيڪيولر قوم بڻايو. 1924 ۾ ھن خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ جا سڀ مذھبي مدرسا ۽ خانقاھون بند ڪري ڇڏيون[8]. مذھبي لباس تي بندش وڌي ۽ ھڪ نئون ديواني ڪوڊ لاڳو ڪيو جنھن تحت عورتن کي برابري وارا حق ڏنا[8]. ھن عربي صورتخطيءَ کي ختم ڪري لاطيني صورتخطي مروج ڪئي ۽ ٻولي مان عربي فارسي لفظ ختم ڪري ترڪ ٻولي جي لفظ کي مروج ڪيو ۽ نوان ترڪ ٻولي جا لفظ پڻ ايجاد ڪرائي عربي فارسي جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو. 1934 ۾ ھن قانون منظور ڪري اتاترڪ جو لقب اختيار ڪيو[8]. ملڪ جو چار مدن تائين صدر رھيو[8]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق :1923ع ۾ ترڪيءَ مان عثماني خلافت جي خاتمي جو اعلان ڪيائين ۽ ترڪيءَ ۾ -جمهوريت- جو اعلان ڪيائين ۽ ائين پاڻ ترڪيءَ جو صدر بڻيو ۽ عصمت -پاشا- وزيراعظم. 1934ع ۾ -ترڪ- قوم کيس اتاترڪ جو لقب ڏنو جنهن جي معنيَ آهي ”-ترڪ- قوم جو ابو “ هن جي دور حڪومت ۾ هن -ترڪي- ٻوليءَ کي عربي رسم الخط جي جاءِ تي رومن رسم الخط ڏنو، قرآن شريف کي پڻ عربي ٻوليءَ بدران ترڪيءَ ۾ رائج ڪيائين. نماز ۾ خطبو به عربيءَ بدران ترڪيءَ ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. هجري سن بدران عيسوي سن رائج ڪيائين. ائين هن -ترڪي- قوم پرستيءَ کي رواج ۾ آندو. ڪمال اتا -ترڪ- 1938ع ۾ وفات ڪئي.[11]

وفات[سنواريو]

1938 ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو انقرہ ۾ آهي. ترڪي جي ڪرنسي نوٽن تي ۽ سرڪاري عمارتن تي سندس تصوير لڳل آھي ۽ ھر شھر ۾ سندس مجسمه نصب ٿيل آھن. ملڪ جي مختلف شھرن، شاھراھن ، يونيورسٽين ۽ استنبول جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي سندس نالا رکيل آهن[8].

حوالا[سنواريو]

  1. ھن 19 مئي 1919 تي ھن سيمسن ۾ پھچي قومي مزاحمتي جي شروعات ڪئي ھئي تنھنڪري علامتن ان تاريخ کي سندس جنم ڏينھن جي تاريخ قرار ڏنو ويو. ھن جي پيدائش جو سال 1880 پڻ ٻڌايو وڃي ٿو Zürcher, Erik Jan (1984). The Unionist factor: the role of the Committee of Union and Progress in the Turkish National Movement, 1905–1926. Leiden: E.J. Brill. p. 106. 
  2. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا
  3. Kartal, Numan. Atatürk and Kocacık Turks (2002), T.C. Ministry of Culture: "The family came to Thessaloniki from the Kocacik subdistrict of Debrei Bala in the province of Manastir. The people of Kocacik, the birthplace of Ali Riza Efendi, are also from Turkmen tribes of Turkish and Muslim Oguz people. -
  4. 4.0 4.1 Encyclopedia of Turkish world literati, 2nd volume (2004), Ataturk Cultural Center Presidency, p. 1-
  5. "Atatürkist thought" (1992), Atatürk Research Center, Turkish Historical Society Printing House, .tr / books? ei = VK-utdv5oyhrozyr7emb & ct = result & id = m41paaaamaaj & dq = mem% C4% B1z + Mehmet + Master% 27n of + district + mektebi & q = problem + it + a + g% C3% B6nl% C3 bcn% C3%% BC + will + b is% C3% A7i Me% 2C +% C5% 9f U +% C5% 9fekil +% C3% A7% C3% B6zd% C3% BC. + Mustafa +% C3% B6N by% 2C + T C3% those% B6r + neighborhood + school + ba% C5% 9Flad% C4% B1 # search_anchor s. 696
  6. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا
  7. Bayhan, Fatih. Woman Zübeyde Hanım, who raised Mustafa Kemal in her shadow (2008), Pegasus Publishing, p. 78
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 8.10 8.11 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 68-69,
  9. Rachel Simon (1999). 'Starting Reforms: Mustafa Kemal in Libya.' Jacob M. Landau (Eds. Haz.) (1999). Ataturk and Turkey's Modernization ', Istanbul: Spiral, ISBN 975-8304-18-6 (p. 39-48) inside. s. 40.
  10. Encyclopedia of Islamic Religious Foundation of Turkey, 31 volumes (2006), Turkey Religious Foundation, [I http://books.google.co .tr / books? ei = yohctvkpn9s38gpw1fs4cq & ct = = result & id wnbxaaaamaaj & dq = istanbul + army + headquarters% C4% B1 + atat% C3% bcrk & q = 27 + September% C3% bcl + 1911 + 4%% B0stanbul 27% + General Staff + Kararg% C3% A2h% C4% B1% 27na + al% C4% B1nmas% C4% B1 # search_anchor s. 340]
  11. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اتا%20ترڪ%20ڪمال