ڪاملا شمسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Kamila Naheed Shamsie
ايف.آر.ايس.ايل.

ڪاملا شمسي "گلوبل سول" (Global Soul)اميجننگ دي ڪاسموپولٽل 2017 ۾ پڙھندي ڏيکاريل
پيدائش August 13, 1973
ڪراچي، پاڪستان
ڌنڌو ليکڪا
قوميت پاڪستاني ۽ برٽش
مادرِ علمي ھيملٽن ڪاليج (نيويارڪ)
يونيورسٽي آف ميسچوسيٽس ايمھرسٽ
صنف فڪشن (افسانا)

ڪاملا ناهيد شمسي Kamila Shamsie (born 13 August 1973) برٽش پاڪستاني ناولسٽ آهي .ھن جي ماء منيزہ شمسي ھڪ صحافي ۽ ايڊيٽر ۽بيگم جھان آرا حبيب الله جي ڏوھٽي آهي.سندس پرورش ڪراچي ۾ ٿي جتي ھن ڪراچي گرامر اسڪول ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. ڪريئيٽو رائيٽنگ ۾ ھيملٽن ڪاليج نيويارڪ مان بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪيائين. ايم ايف اي پروگرام فار پوئيٽس اينڊ رائيٽرس ھن ميسچوسيٽس ايمھرسٽ يونيورسٽي مان ڪيائين جتي ھوء ڪشميري شاعر آغا شاھد علي کان متاثر ٿي. 2007 ۾ لنڊن منتقل ٿي وئي.

ڪيريئر[سنواريو]

ھن جو پھريون ناول ان د سٽي باء د سي (In The City by the Sea) جيڪو ھن پنھنجي ڪاليج واري دؤر ۾ 25 سالن جي عمر ۾ لکيو ۽ 1998 ۾ شايع ٿيو. [1]ان ناول لکڻ تي کيس 1999 ۾ پاڪستان جو ادب جو وزير اعظم وارو ايوارڊ مليو.کيس برطانيا جو 2018 جو وومين پرائز فائر فڪشن سندس ستين نمبر لکيل ناول ھوم فاير لاءِ مليو جنھن تحت ان جي ڪتاب کي سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏيندي اھو ايوارڊ ڏنو ويو. اھو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پاڪستان مان ھي پھرين عورت آهي. ان کان اڳ بہ سندس اھو ڪتاب بيلز پرائيز ۽ اورنج پرائيز لاءِ نامزد ٿيو ھيو.ھن جي ان ڪتاب جا موضوع بنياد پرستي، خانداني وفادارين ۾ ٽڪراء، محبت ء سياست آھن.[2]

حوالا[سنواريو]