ڊومينيڪن ريپبلڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊومينيڪن ريپبلڪ

República Dominicana  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])
Flag of ڊومينيڪن ريپبلڪ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Dios, Patria, Libertad" (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
"God, Homeland, Freedom"
ترانو: ¡Quisqueyanos Valientes!
¡Valiant Quisqueyans! 
Location of ڊومينيڪن ريپبلڪ
جو مقامڊومينيڪن ريپبلڪ
گادي جو هنڌ سانتو ڊومنگو
19°00′N 70°40′W / 19.000°N 70.667°W / 19.000; -70.667
سڀ کان وڏو شهر سانتو ڊومنگو
دفتري ٻوليون اسپيني ٻولي
نسلي گروھ
مقامي آبادي ڊومينيڪن [2]
حڪومت وحداني صدارتي ريپبلڪ [1]
• صدر
ڊينلو ميڊنا
مارگريٽا سيڊينو ڊي فرننڊيز
مقننه ڪانگريس
سينيٽ
چيمبر آف ڊيپوٽيز
آزادي
• اسپين کان
پھرين ڊسمبر 1821 [3]
• اسپين کان
16 آگسٽ , 1863[4]
12, جولاء 1924[5]
1, جولاء 1965[6]
• موجوده آئين
13 جون 2015[7][8]
پکيڙ
• جملي
48٬671 km2 (18٬792 sq mi) (128th)
• پاڻي (%)
0.7[1]
آبادي
• 2018 اندازو
10,735,896[9] (86th)
• 2010 مردم شماري
9,478,612[10]
•  گھاٽائي
220 /km2 (569.8 /sq mi) (65th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$186.983 ارب ڊالر [11]
• في سيڪڙو
$18,164[11]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$81.653 ارب ڊالر [11]


ڊومينيڪن ريپبلڪ(انگريزي: Dominican Republic) Spanish: República Dominicana Spanish pronunciation: [reˈpuβliˌka ðoˌminiˈkana] ڪيريبين سمنڊ واري خطي ۾ ھسپانيولا ٻيٽ تي واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو ھسپانيولا ٻيٽ جي 62.5 سيڪڙو حصي تي مشتمل آهي ۽ ٻيٽ جي باقي حصي تي ھيٽي ملڪ واقع آھي.[16][17]ھي ملڪ پکيڙ ۾ ڪيوبا کان پوءِ ڪيريبئن سمنڊ جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ آبادي ۾ ٽيون نمبر آھي. سندس ھڪ ڪروڙ جي آبادي مان ٽيھ لک ماڻھو سانتو ڊومنگو ۾ رھن ٿا. [18][19]

تاريخ[سنواريو]

ھسپانيولا ٻيٽ پنج ريڊ انڊين سردارين يا ڪيسيڪڊم(انگريزي: caciquedoms) ۾ ورھايل ڏيکاريل

ستين صدي عيسويءَ کان ھتي ٽائنو نسل جا ماڻھو رھندڙ ھيا. 5 ڊسمبر 1492 ھتي ڪرسٽوفر ڪولمبس پھتو. سانتو ڊومنگو واري جاء تي آمريڪا جي سڀ کان پھرين يورپي ڪالوني قائم ٿي. يورپين جي آمد کان پھرين اصل مقامي ماڻھن سڄي ھسپانيولا جي ٻيٽ کي پنجن سردارين (انگريزي: chiefdoms)۾ ورھائي ڇڏيو ھو. ڪرسٽوفر ڪولمبس ان ٻيٽ دريافت ٿيڻ کانپوءِ ان پھرين سفر ۾ ئي ان جي مالڪي جي دعویٰ ڪئي. ان ٻيٽ کي اسپين پنھنجو اڏو بڻايو جتان پوء ان کي ڪيريبين جي ٻين علائقن ۽ آمريڪا کي فتح ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي. 1697 ۾ اسپين ٻيٽ جي اولھ واري ٺئين حصي تي فرانس جو ڪنٽرول تسليم ڪيو جيڪو 1804 م ھيٽي بڻيو.

فرانس ۽ برطانيا جي جھازن کي سانتو ڊومنگو واري جنگ(1806) دوران ڏيکاريندڙ ھڪ پينٽنگ

ھيٽي جي قيام وقت موجوده ڊومينيڪن ريپبلڪ جو علائقو سانتو ڊومنگو سڏبو ھيو ۽ 1821 ۾ ان خودمختيار ٿيڻ چاھيو پئي پوء بہ ان تي 22 سال ھيٽي جي حاڪميت رھي آخرڪار 1844 ۾ ھيٽي کان آزادي حاصل ڪئي.1861 م ڊومينيڪن پنھنجي مرضيءَ سان اسپين جي ايمپائر ۾ شامل ٿيا پر ٻن سالن بعد اسپين سان جنگ شروع ڪري 1865 ۾ اسپين کان آزادي ورتي.

رافيل ٽروجيلو ملڪ تي 31 سال آمريت مڙھي.

1930 ۾ رافيل ليونائيڊس ٽروجيلو ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي جيڪا 1961 تائين جاري رھي.

جئان بوش ڊڪٽيٽر رافيل جي اقتدار ڇڏڻ بعد پھريون جمھوري صدر بڻيو

1962 ۾ جئان بوش اليڪشن ۾ صدر چونڊيو ويو پر 1963 ۾ فوج بغاوت ڪري اقتدار پنھنجي قبضي ۾ آندو. 1965 ۾ آمريڪا جي مدد سان جئان بوش جي بحالي جي تحريڪ ھلي.

جيڪولين بلاگر ملڪ جو 22 سال صدر رھيو

1966 جي صدارتي اليڪشن ۾ جوئڪئين بلاگر بوش کي شڪست ڏني ۽ ٽيھ سالن تائين اقتدار ۾ رھيو.1996 ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي ڪري عالمي دٻاءُ جي ڪري ھن اقتدار ڇڏيو ۽ پوء صدارتي اليڪشن ٿي جنھن ۾ مخالف ڌر جو اميدوار ليونيل فرننڊيز رينا چونڊون کٽي آيو ۽ 1996 کان 2000 تائين صدر رھيو . آئين ۾ ترميم ذريعي ٻئي مدي لاءِ چونڊ جي اجازت ملڻ بعد 2004 ۾ وري چونڊجي آيو ۽ لاڳيتو ٻئي مدي لاءِ وري چونڏجي آيو. 2012 ۾ ڊينيلو ميڊينا صدر چونڊجي آيو جيڪو ٻئي مدي لاءِ 2016 ۾ وري چونڊجي آيو[20].

ملڪ جو نالو[سنواريو]

ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ آھي. مقامي نالو ريپبلڪا ڊومنيڪنا آھي. مختصرن ان کي لا ڊومينيڪنا چوندا آهن. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ سانتو ڊومنگو جي نالي جو مطلب سينٽ ڊومينڪ اھي. ان شھر جي نالي تان ھن ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ رکيو ويو[20].

سياسي نظام[سنواريو]

سانتو ڊومنگو ۾ واقع نيشنل پئليس
سانتو ڊومنگو جو پئنوراما وارو منظر

ملڪ جو سياسي نظام صدارتي آھي. حڪومت جي گادي سانتو ڊومنگو ۾ آهي. انتظامي طور تي ھي ملڪ ڏھن خطن ۾ ورھايل آھي[20]:

  • نارٿ ايسٽ ريجن (اسپيني:Cibao Nordeste)
  • نارٿ ويسٽ ريجن (اسپيني:Cibao Noroeste)
  • نارٿ ريجن (اسپيني:Cibao Norte)
  • سائوٿ ريجن (اسپيني:Cibao Sur)
  • ال ويئييي(اسپيني:El Valle)
  • انرڪئييو (اسپيني:Enriquillo)
  • ھگئامو (اسپيني:Higuamo)
  • اوزاما (اسپيني:Ozama)
  • والديسيا (اسپيني:Valdesia)
  • يوما (اسپيني:Yuma)

ھتان جو ديواني قانوني نظام فرانس جي سول ڪوڊ تي مشتمل آهي. ھتان جي فوجداري ڪوڊ کي 2004 ۾ ڪافي تبديل ڪيو ويو. ھي ملڪ ڄمڻ جي بنياد تي شھريت نہ ڏيندو آهي. ٻٽي شھريت کي تسليم ڪري ٿو. بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ماڻھن کي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آھي پر شادي شده ماڻھو لاءِ ووٽ جي حق استعمال ڪرڻ ۾ عمر جي حد ڪانھي. ھن ملڪ ۾ فوج ۽ پوليس کي ووٽ جو حق ناھي مليل[20].


ھن ملڪ ۾ رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ صدر ھوندو آھي. ڪابينه جي نامزدگي صدر ڪندو آهي.ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس(اسپيني: Congreso Nacional) آھي جيڪا ٻہ ايواني آھي. مٿيون ايوان سينيٽ(اسپيني:Senado) آھي جنھن جون 32 سيٽون آھن. ميمبر تڪن مان سڌي چونڊ وسيلي سادي اڪثريت سان چئن سالن لاءِ چونڊبا آھن. ھيٺيون ايوان ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز (اسپيني:Camara de Diputados) سڏبو آهي جنھن جون 190 سيٽون آھن. ميمبر گڏيل سيٽ جي تڪ مان سڌي طرح اليڪشن سان متناسب نمائندگي جي بنياد تي چئن سالن جي لاء چونڊبا آھن[20].

جاگرافي[سنواريو]

ڊومينيڪن ريپبلڪ جو نقشو
ملڪ جي ٽوپوگرافي

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 19 00 N, 70 40 W آھي ۽ دنيا جي نقشي ۾ ھي ملڪ وچ آمريڪا ۽ ڪيريبين واري خطي ۾ آھي. ان جي پکيڙ 48,670 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 48,320 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 350 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ دنيا اندر 132 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 376 ڪلوميٽر آھي جيڪا ھيٽي سان ملي ٿي. بحري سرحد ٽوٽل 1288 ڪلوميٽر آهي.سمنڊ ۾ ھن ملڪ جي ايراضي 12 ناٽيڪل ميل آھي ۽ ان سان گڏوگڏ 24 ناٽيڪل ميلن جو علائقو بہ دعویٰ ۾ اٿس ۽ ان جي مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آهي[20].

ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق ملڪ جي موسم

ھن ملڪ جي آبهوا ٽراپيڪل آھي۽ برساتن ۾ موسم تبديل ٿي ويندي آهي. ھن ملڪ جي سراسري اوچائي 424 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام پيڪو دئارٽي آھي جيڪو 3098 ميٽر بلند آھي. ھتان نڪرندڙ معدنيات ۾ نڪل، باڪسائيٽ، سون ۽ چاندي آھن[20].

ڪنسٽانزا جي وادي

ملڪ جي 51.5 سيڪڙو زمين زرعي آھي ۽ 16.6 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان 10.1 سيڪڙو زمين تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 24.8 سيڪڙو زمين تي مستقل چراگاھون ۽ 40.8 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 ۾ 3070 چورس ڪلوميٽر آهي[20].

ڊومينيڪن ماڻھو[سنواريو]

ايسپائي ييٽ (اسپيني:Espaillat) جي موڪا شھر ۾ ڊومينيڪن ماڻھو

ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 10,734,247 ھئي ۽ آبادي ۾ دنيا ۾ 86 نمبر تي ھيو. ھتان جي آبادي جو وڏو حصو مڪسڊ يا گڊرن وارو آھي جيڪي آبادي جو 70.4 سيڪڙو آھن.، جن مان 58 سيڪڙو ميسٽيزو ۽ 12.4 سيڪڙو مولاٽو آھن. ان کان علاوه ڪارا آفريڪي 15.8 سيڪڙو، گورا 13.5 سيڪڙو آھن. ھتان جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي. ماڻھن جو 95 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 5 سيڪڙو باقي ٻين مذھبن وارا آھن[20].

ڊومينيڪن ٻار اسڪول ۾ پڙھندي

سياحت[سنواريو]

پونٽا ڪانا

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIADemo
  2. Roorda, Eric Paul. "Historical Dictionary of the Dominican Republic". Rowman & Littlefield. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Embassy of the Dominican Republic, in the United States". وقت 2015-06-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل February 27, 2009. 
  4. Historia de la República Dominicana. Ediciones Doce Calles, S.L.. 2010. p. 409. ISBN 978-84-00-09240-5. https://books.google.com.do/books?id=Wor3UqsHkToC&printsec=frontcover#v=onepage&q=Espa%C3%B1a. Retrieved 1 July 2013. 
  5. "12 de julio de 1924, una fecha relegada al olvido". Diario Libre. August 18, 2012. http://www.diariolibre.com/opinion/lecturas/12-de-julio-de-1924-una-fecha-relegada-al-olvido-APDL348392. Retrieved September 24, 2014. 
  6. "Segunda intervención norteamericana: Violó soberanía dominicana" (castellano ۾). El Día. April 28, 2016. http://eldia.com.do/segunda-intervencion-estadounidense/. Retrieved March 12, 2018. 
  7. "Constitución de la República Dominicana, Votada y Proclamada por la Asamblea Nacional en fecha trece (13) de junio de 2015. Gaceta Oficial No. 10805 del 10 de julio de 2015." (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). Santo Domingo: Judicial Branch (Poder Judicial). حاصل ڪيل 11 September 2018. 
  8. "Proclaman nueva Constitución en República Dominicana que permitirá reelección presidente" (Spanish ۾). EFE. El Comercio. 13 June 2015. http://www.elcomercio.com/actualidad/proclaman-nueva-constitucion-republica-dominicana.html. Retrieved 11 September 2018. 
  9. "Estimaciones y proyecciones de la población total" (xlsx). Oficina Nacional de Estadística. حاصل ڪيل April 25, 2018. 
  10. Official census data. "Dominican Republic Census data"
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 International Monetary Fund. "Gross domestic product based on purchasing-power-parity (PPP) valuation of country GDP". حاصل ڪيل 12 July 2018. 
  12. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 12 December 2017. 
  13. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل September 14, 2018. 
  14. (es ۾) (PDF) Convenios bilaterales entre la República Dominicana y Haití. Ministerio de Relaciones Exteriores de la República Dominicana. August 2000. pp. 15–17. http://www.mirex.gov.do/librobiblioteca/conveniosytratados/convenio%20haiti.pdf. Retrieved October 22, 2014. 
  15. Varios autores (2012) (es ۾). Ruptura y reconciliación. España y el reconocimiento de las independencias latinoamericanas. Penguin Random House Grupo Editorial España. pp. 30, 206. ISBN 978-84-306-0257-5. https://books.google.com/books?id=uzSZ8GmwdhsC&pg=PT206. 
  16. Dardik, Alan (وڪي نويس.). "Vascular Surgery: A Global Perspective". Springer. صفحو. 341. ISBN 978-3-319-33745-6. 
  17. Josh, Jagran (وڪي نويس.). "Current Affairs November 2016 eBook". صفحو. 93. 
  18. "Dominican Republic | Data". data.worldbank.org. حاصل ڪيل 2016-04-28. 
  19. "Estimaciones y Proyecciones de la Población Dominicana por Regiones, Provincias, Municipios y Distritos Municipales, 2008". وقت May 11, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل December 25, 2008.  Context:"Estimaciones; Población en Tiempo Real". وقت August 8, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 13, 2008. 
  20. 20.0 20.1 20.2 20.3 20.4 20.5 20.6 20.7 20.8 (سي آء اي فيڪٽس بڪ)https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/do.html آرڪائيو ڪيا ويا 2012-05-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.