ڊاڪٽر راڌا ڪرشنان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سارويپالي ڊاڪٽر راڌا ڪرشنان
Sarvepalli Radhakrishnan
ٻيون نمبرانڊيا جو صدر
عهدو سنڀاليو
14 May 1962 – 13 May 1967
وزير اعظم جواھر لال نهرو
گلزاري لال نندا(قائم مقام)

لال بھادر شاستري

گلزاري لال نندا (قائم مقام)
اندرا گانڌي
نائب صدر ذاڪر حسين
پيشرو راجيندر پرساد
جانشين ذاڪر حسين
نائب صدر
عهدو سنڀاليو
26 January 1952 – 12 May 1962
صدر راجيندر پرساد
وزير اعظم جواھر لال نهرو
جانشين ذاڪر حسين
ذاتي تفصيل
پيدائش 5 سيپٽمبر 1888(1888-09-05)
ٿروتاني(Thiruttani)، مدراس پريزيڊنسي،برٽش انڊيا
وفات 17 اپريل 1975 (عمر 86 سال)
مدراس، تامل ناڊو، انڊيا
سياسي جماعت آزاد
جيون ساٿي سواڪامو
ٻار ٻچا 5 (ڌيئر)
1 (پٽ)
مادر علمي يونيورسٽي آف مدراس
پيشو
  • فلاسافر
  • پروفيسر
اعزاز ڀارت رتنا(1954 ۾ )

ڊاڪٽر سرويپالي راڌا ڪرشنان:Dr. :Sarvepalli Radhakrishnan About this sound listen  (5 September 1888 – 17 April 1975) انڊيا جي ھڪ فلاسافر ۽ سياستدان جو نالو آهي جيڪو 1952 کان 1962 تائين انڊيا جو وائيس پريزيڊنٽ۽ 1962 کان 1967 تائين انڊيا جو صدر ھيو[web 1]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

انڊياجو صدر راڌاڪرشنان 1963 ۾ جان ايف ڪينيڊي سان گڏ اوول آفيس ۾

انڊيا جو ويھين صديءَ جو مذھبن جي تقابلي فلاسافي جو وڏو ناليوارو فلاسافر ھيو[1]ھي يونيورسٽي آف ميسور ۾ 1918 کان 1921، وري تائين فلسفي جو پروفيسر، 1921 کان 1932 تائين يونيورسٽي آف ڪلڪته جي کنگ جارج پنجون جي مينٽل اينڊ مارل سائنس جي چيئر تي فائز رهيو، 1936 کان 1932 تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اوڀر جي مذھبن ۽ اٿيڪس جو پروفيسر رھيو. ھن جو فلسفو ھندو اسڪول آف ٿاٽ جي ادوائتا ويدانتا جي نئين سر تشريح ھيو. ھن ھندو ازم جو يڪسان مغربي تنقيد کان دفاع ڪيو [2]کيس زندگيءَ ۾ علمي خدمتن عيوض کوڙ خطاب مليا. 1931 ۾ نائيٽ ھوڊ، 1954 ۾ ڀارت رتنا، 1963 م برٽش رايل آرڊر آف ميرٽ جي اعزازي ميمبرشپ، انڊيا م 1962 کان ھن جي جنم ڏينهن 5 سيپٽمبر کي ٽيچرس ڊي يا استادن جو ڏينھن ڪري ملهايو ويندو آهي.قدرت الله شھاب پنھنجي آتم ڪٿا شھاب نامه م لکي ٿو ته جڏهنآء سي ايس جي انٽرويو م بورڊ آڏو پيش ٿيو ھو ته ان جا ٽي ميمبر ھيا جن ۾ سر گورڊن ايري، سر عبدالرحمان ۽ سر ڊاڪٽر راڌا ڪرشنان ھيا جن مان راڌا ڪرشنان اھو ساڳيو شخص ھو جنھن ڪانگريس جي ڪري سر جو خطاب واپس ڪيو ھو ء پوء ڀارت جو نائب صدر ۽ بعد م صدر ٿيو ھو، ۽ ھي ھڪ وڏي پائي جو عالم ء بين الاقوامي شھرت حاصل ڪندڙ فلاسافر بڻيو.قدرت الله شھاب لکي ٿو ته.آء سي ايس جي فارم ۾ ھڪ ڪالم ھيو جنھن م پسنديده عمل جو اظهار ڪرڻو ھو ان ۾ ھن پنھنجي پسنديده عمل ۾ مذھبن جو تقابلي (comperative) مطالعو لکيو ھو جيڪو راڌا ڪرشنان جي ڌيان ۾ آيو ۽ کانئس سوال ڪيائين تہ تون مذھبن جو مطالعو اسلامي اک سان ڪيو آھي يا انساني اک سان ، جنھن تي قدرت اللہ کيس جواب ڏنو تہ جيڪي انساني اک ۽ اسلامي اک ۾ فرق ڪن ٿا اھي گمراھ آھن. جنھن کان پوءِ ھن کانئس وڌيڪ سوال نہ ڪيا جنھن تي بورڊ جي چيئرمين سر گورڊن ايري مداخلت ڪندي سوال پڇڻ جو چيو، ۽ پوءِ ھن ڪجهه بي تڪا سوال پڇيا تہ ٽينس جي بال جو وزن ڪيترو آھي ...چار اونس وزن ۾ پنگ پانگ جا ڪيترا بال ايندا..اٽلي يورپ جو بوٽ آھي ان جي ڪھڙن جزيرن کي ڪھڙي جاء تي لڳائجي تہ اھو مرداڻي بوٽ جي جاء تي زنانو سينڊل ڏسڻ۾ لڳي وغيره وغيره.[3]

حوالا[سنواريو]


حوالي جي چڪ: "web" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="web"/> نہ مليو