پول پاٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پول پاٽ، 1925ع ۾ ڪمبوڊيا جي صوبي ”ڪمپانگ ٿام“ جي هڪ ڳوٺ ”پريڪ سايو“ ۾ هڪ مالدار زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ سندس نالو ”سالوٿ سار“ رکيو ويو. ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپجڻ کانپوءِ هو پول پاٽ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو. هن شروعاتي تعليم هڪ ٻُڌ عبادت گاهه ۾ فرانسيسين جي قائم ڪيل هڪ اسڪول ۾ ورتي، 1949ع ۾ هو فرانسيسن جي تعليمي اسڪالرشپ وٺي پئرس هليو ويو: فرانس ۾ سندس واسطو کاٻي ڌر جي تحريڪ سان ٿيو، جتي هن ڪمبوڊيا جي مختلف شاگردن سان گڏ کاٻي ڌر جو هڪ گروپ ٺاهيو. اهي سڀ 1975ع ۾ کيمروج حڪومت ۾ وزير ۽ صلاحڪار ٿيا. پول پاٽ 1953ع ۾ ڪمبوڊيا واپس وريو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو زير زمين ڪارڪن بنجي ويو هن ’نام ڦنهه‘ ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ ماستري به ورتي.

ڪمبوڊيا جي بدنام کميروج (Khmer Rouge) حڪومت، جيڪا 1975ع کان 1979ع تائين قائم رهي، 1970ع ۾ ڪمبوڊيا ۾ جنرل لون نون جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪا نواز آمريت قائم ڪئي ويئي ۽ شهزادي نورو ڊوم سهانوڪ جي اقتدار جو خاتمو ٿيو، جنهن کي فرانسيسي بادشاهه مونيو انگ جي چالاڻي کانپوءِ 1941ع ۾ تخت تي ويهاريو هو. ڪميونسٽ پارٽي آف ڪمپوچيا، سهانوڪ جي حامين سان گڏجي متحده محاذ ٺاهي لون نول جي حڪومت جي خلاف گهرو ويڙهه شروع ڪئي، هن ۾ ويٽنامي ڪميونسٽن به حصو ورتو، 1972ع ۾ پئرس ڳالهين جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ويٽنام ۾ جنگ بندي ٿي، جنگ ۾ طئي ٿيل شرطن موجب ويٽنامي فوجون ڪمبوڊيا مان نڪري ويون، آمريڪا ڪمبوڊيا تي سخت بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وقتي طور تي لون نون جي حڪومت جي خلاف اڳڀرائي رڪجي ويئي، پر 1975ع ۾ لون نون جي حڪومت شڪست کاڌي ۽ 17 اپريل تي ملڪ جي وڏن شهرن تي متحده محاذ جي گوريلا فوج قبضو ڪيو، ٻهراڙيون ته اڳ ۾ ئي سندن قبضي ۾ هيون.

جنوري 1976ع ۾ متحده محاذ ختم ڪري ملڪ کي ڊيمو ڪريٽڪ ڪمپوچيا جو نئون نالو ڏنو ويو ۽ نئين آئين موجب ’چونڊون‘ ڪرايون ويون. انهن چونڊن ۾ شهرن مان تڙيل آباديءَ کي راءِ ڏيڻ جو حق نه هو. انهن چونڊن جي نتيجي طور اعلان ڪيو ويو ته ”پول پاٽ“ نالي رٻڙ جي کيت جو مزدور انقلابي حڪومت جو سربراهه چونڊيو ويو آهي، اهو راز ته سيپٽمبر 1977ع ۾ ’پول پاٽ‘ جي چين جي دوري جي موقعي تي کُليو ته اهو هڪ اڳوڻو اسڪول ماستر ’سالوٿ سار‘ آهي، جيڪو 1963ع کان زير زمين ’ڪميونسٽ پارٽي آف ڪمپوچيا‘ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل رهيو هو. اصل ۾، 17 اپريل 1975ع تي نام ڦنهه (Phnono penh) تي کيمراؤج جي قبضي کان هڪدم پوءِ سخت دور جي شروعات ٿي.

ڪمبوڊيا ۾ پول پاٽ جو ”سماجي پروگرام“ جاري هو، جو کيمراؤج پنهنجو ڌيان ويٽنام ڏانهن ڌريو، پول پاٽ جي قيادت ۾ کميروج 1977ع کان 1978ع تائين لڳاتار ويٽنام تي حملا ڪيا. ويٽنام جي خلاف ”پول پاٽ“ جي فوجي اڳرائي جو نتيجو هي نڪتو جو ڪمبوڊيا اقتصادي لحاظ کان تباهه ٿي ويو. 1979ع ۾ جڏهن ويٽنام ڪمبوڊيا تي حملو ڪيو ۽ پول پاٽ کان اقتدار کسجي ويو ته هن ڪمبوڊيائي عوام کي ويٽنام جي خلاف اُڀاري هڪ ڊگهي ڇاپه مار جنگ جي شروعات ڪئي، پول پاٽ جي سڄي شخصيت تضادن جي مجموعو هئي، هن هاري انقلابين کي منظم ڪيو، پر انهن انقلابين کي ڪوبه انتظامي تجربو نه هو.

1979ع ۾ ويٽنامي فوج جي هٿان کميروج جي حڪومت جي پُڄاڻيءَ کانپوءِ ان عمارت جي فائلن مان ”چار هزار اعتراف“ نڪتا. پول پاٽ جي سوانح Brother No: one (برادر نمبر ون) جو ليکڪ آمريڪي تاريخدان ”ڊيوڊ چينڊ“ لکي ٿو، ”ڪمبوڊيا ۾ تشدد اقتدار ۾ اچڻ جو سڀ کان اثرائتو هٿيار رهيو آهي، تشدد ڪمبوڊيائي عوام جو مزاج ۽ ڪلچر بنجي چڪو آهي“.

1995ع ۾ پول پاٽ جي بدن جي ساڄي پاسي تي اڌرنگ جو حملو، ٿيو، هو پراڻي مليريا ۾ به مبتلا هو، ٻيلن ۾ کميراؤج جي آخري مرڪزي تي قبضي کانپوءِ هن ٿائي سرحد جو ويجهو اچي پناهه ورتي هئي، جتي هو آگسٽ 1998ع ۾ مري ويو، سندس موت تي به ڪيترائي افواهه پکڙيا، ڪن چيو ته کيس زهر ڏنو ويو ته ڪن وري چيو ته کيس قتل ڪيو ويو، سندس موت جي ٻي ڏينهن سندس لاش کي پري کان صحافين کي ڏيکاريو ويو ۽ سندس مڙهه کي سندس گهر جي ڀرسان ڪاٺين ۽ ٽائرن جي ڍڳ ۾ ساڙيو ويو.[1][2]

  1. ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟ (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-26 
  2. ڪتاب: ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي. ليکڪ: يوسف سنڌي