وڪيپيڊيا:ڪڏهن حوالا ڏجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چونڊ مضمون لاءِ مقرر معيار ۾ ڄاڻيل آهي ته مضمون مستند حوالن سان قابل تصديق هجي ۽ جتي مناسب هجي، اتي هر سٽ ۾ حوالو هجڻ ضروري آهي. وڪيپيڊيا جي قابل تصديق پاليسي موجب، ڪنهن به سڌي توڙي اڻ سڌي قول يا ڪا اهڙي دعوا جنهن تي اعتراض ڪيو ويو هجي، يا اعتراض ڪرڻ جهڙو هجي، اهڙي مواد لاءِ هر سٽ ۾ حوالو ڏيڻ ضروري آهي.

  • سٽ: هر سٽ جي سامهون حوالو ڏيو، يا ان سٽ جي سامهون جنهن تي اعتراض ڪيو ويو هجي يا ڪرڻ جو انديشو هجي.
  • اکر: جيڪڏهن حوالي مان ان جا اکر ڪاپي ڪيا ويا هجن ته ان جي سامهون، اهو ئي حولو ضرور ڏيڻ گھرجي.
  • ديانت داري: جڏهن سٽ جي سامهون حوالو ڏنو وڃي ته، ان ۾ ڪا وڌيڪ ڳالهه نه لکجي، جيڪا حوالي ۾ موجود نه هجي.

حوالو ڪڏهن گھربل آهي

اهڙو مواد جنهن تي منتظمين اعتراض ڪيو هجي، ان جو حوالو نه ڏجي ته اهڙو مواد هٽايو ويندو. ممڪن هجي ته اعتراض واري مواد جو مختلف مستنعد ذريعن مان حوالا پيش ڪجن. عتراض جوڳي مواد سامهون حوالو ڏيڻ سان ڪنهن تنازعي جو خطرو پڻ نه رهندو.

حوالو ڪڏهن گھربل ناهي

ديپاچي ۾ حوالا

اڪثر مضمون جي مٿان ديباچو، سڄي مضمون جي خلاصي مان کنيل هوندو آهي، جيڪڏهن ديباچي ۾ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه شامل ناهي ته پوءِ حوالا ڏيڻ ضروري ناهي. جيڪڏهن ديباچي ۾ ڪا اهڙي اعتراض جوڳي ڳالهه ڪيل آهي، يا ڪنهن زنده ماڻهو توڙي تازي حادثي يا واقعي جي متعلق مضمون هجي ته اتي حوالو ڏيڻ ضروري هوندو.