ما ھُئا تينگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ما ھُئا تينگ (انگريزي: Ma Huateng)، پيدائش 29 آڪٽوبر 1971ع، چيني، پوني ما (انگريزي: Pony Ma) جي نالي سان بہ سُڃاتو وڃي ٿو.[1]

وڏي ڇِڪ رکندڙ ارب پَتي واپاري آھي. ايشيا جي گھٹي مُلھائتي ڪمپني، ٽينسينٽ (Tencent) جو ھي بُنياد وجھندڙ، صدر ۽ چيف اگزيڪٽو آفيسر (CEO) آھي، جا ڳنڍ ڄار (انگريزي: Internet) ۽ فنيات (انگريزي: Technology) جي وسيع تر ڪمپنين مان ھڪ ھُجٹ سان گڏ دُنيا جي وڏين ۾ وڏين سيڙپڪاري ڪندڙن، منصوبا بنديون ڪندڙن ۽ وِندر مُھيا ڪندڙ ڇِپَن مان ھڪ آھي.[2][3] [4]

اِن ڪمپني چين جو سڀ کان وڏو موبائل ذريعي تڪڙو پيغام موڪليندڙ خدمت وي چيٽ (WeChat) ٺاھيو آھي ۽ اِن جي ماتحت ھلندڙ ميڊيا، وِندر، ادائيگي نظام، سمارٽ فون، ڳنڍ ڄار سان لاڳاپيل خدمتون، واڌو قدر خدمتون (انگريزي: Value - added services) ۽ سنئون سِڌو ھلندڙ اشتھاري خدمتون چين ۽ عالمي سطح تي.

سال 2007ع، 2014ع[5] ۽ 2018ع ۾ ٽائيم مئگزين پاران ھن کي دُنيا جو سڀ کان وڌيڪ بااثر ماٹھو" جو نالو ڏنو ويو.[6]

جڏھن تہ 2015ع ۾ فوربز پاران دُنيا جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ماٹھن مان ھڪ طور ھن جو بہ ساک ڏنو ويو.

2017ع ۾ فارچون (Fortune) دُنيا جي چوٽيءَ جي واپارين منجھہ ھن کي شُمار ڪيو.[7][8]

2018ع ۾ (CEOWORID) مئگزين پاران "دُنيا جا سڀني کان وڌيڪ طاقتور ماٹھو" ۾ ھن جو نالو ڏنو.[9]

ھي شينزھين ميونسپل پيپلز ڪانگريس جي نائب ھُجٹ سان گڏ 12ھين نيشنل پيپلز ڪانگريس جو نُمائندو پٹ آھي.

نومبر 2017ع ۾ ٿوري مُدي لاءِ سندس ڪُل دولت ليري پيج ۽ سرگي برِن جي ڪُل دولت (ڌار ڌار طور) کان وڌي وڃٹ کانپوءِ ھي دُنيا جو نائون سڀني کان وڌيڪ مالدار ماٹھو ٿي ويو ۽ چين جو پھريون شھري، جيڪو فوربز جي "ڏھن چوٽيءَ جي امير ماٹھن جي فھرست) ۾ داخل ٿيو.[10][11][12]

جنوري 2021ع جي دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ مالدار ماٹھن ۾ ھي ارڙھين انگ تي آھي، سندس ملڪيت جو ڪُل ڪاٿو 67.1 ارب آمريڪي ڊالر آھي[13]. اُن سان گڏ زھونگ شنشان کانپوءِ ھي چين جو ٻيو سڀني کان وڌيڪ سُکيو ماٹھو پٹ آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Subscribe to read | Financial Times". www.ft.com. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  2. Li, Jonsson Yinya; Firm), Adamas (Law (2005) (en ۾). Investing in China: The Emerging Venture Capital Industry. GMB Publishing Ltd. ISBN 978-1-905050-50-5. https://books.google.com/books?id=IWftSWQ30Q8C&pg=PT118. 
  3. Li, Jonsson Yinya; Firm), Adamas (Law (2005) (en ۾). Investing in China: The Emerging Venture Capital Industry. GMB Publishing Ltd. ISBN 978-1-905050-50-5. https://books.google.com/books?id=IWftSWQ30Q8C&pg=PT118. 
  4. Artificial Intelligence. 2021. doi:10.1007/978-981-15-6548-9. http://dx.doi.org/10.1007/978-981-15-6548-9. 
  5. "The 100 Most Influential People in the World". TIME.com. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  6. Zhang, Wenxian; Alon, Ilan (2009) (en ۾). Biographical Dictionary of New Chinese Entrepreneurs and Business Leaders. Edward Elgar Publishing. ISBN 978-1-84844-951-0. https://books.google.com/books?id=24P3M4hrpWwC&pg=PA111. 
  7. "Businessperson of the Year 2020". Fortune. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  8. "Ma Huateng". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  9. Irel, <img src="https://cdn ceoworld biz/wp-content/uploads/2019/02/profile-150x150 jpg" width="22" height="22" alt="Sophie; Irel, " class="avatar avatar-22 wp-user-avatar wp-user-avatar-22 alignnone photo"/>Sophie. "Ranked: Most Powerful People In The World, 2020". CEOWORLD magazine. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  10. "Tencent Chief Overtakes Wanda's Wang as China's Second-Richest Person" (en ۾). Bloomberg.com. 2017-07-20. https://www.bloomberg.com/news/articles/2017-07-20/tencent-chief-passes-wanda-s-wang-as-china-second-richest-chart. 
  11. Huateng, Ma (2018-03-14). "Good connections". Our Planet 2017 (1): 20–21. doi:10.18356/da37d0a6-en. ISSN 1564-9016. http://dx.doi.org/10.18356/da37d0a6-en. 
  12. Dolan, Kerry A. "Chinese Billionaire Behind Tencent Briefly Richer Than The Google Founders". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-22. 
  13. "Ma Huateng". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-22.