لتا منگيشڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لتا منگيشڪر
پيدائش هيما منگيشڪر
سيپٽمبر 1929 (عمر 94 سال)[1]
اِنڊور, انڊور اسٽيٽ, ڀارت
(موجوده مڌيا پرديش)
وفات 06 فيبروري 2022ع
قوميت هندستاني
ٻيا نالا سُر جي راڻي, قومي آواز, صدين جي صدا, هندستان جي بلبل
پيشو گلوڪاره, موسيقار, پروڊيوسر
سَرگَرمُ سالَ 1942 کان هاڻي تائين
ماءُپيءُ دينا منگيشڪر (پيءُ)
شيوانتي منگيشڪر (ماءُ)
رشتيدار مينا کاديڪر (ڀيڻ)
آشا ڀوسلي (ڀيڻ)
اُشا منگيشڪر (ڀيڻ)
هريديناٿ منگيشڪر (ڀاءُ))
اعزاز
پارليامينٽ جي ميمبرراجيه سڀا
عهدو سنڀاليو
22 نومبر 1999 – 21 نومبر 2005
سڃاڻپ نشان

لتا منگيشڪر (انگريزي ٻولي: Lata Mangeshkar)، جنم: 28 سيپٽمبر 1929ع، وفات: 06 فيبروري 2022ع) هندستان جي مشهور گلوڪاره ۽ موسيقاره ھئي[2]. پنهنجي مڌر آواز ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب کيس نه فقط هندستان بلڪہ سڄي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن 2000 کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجا سر وکيريا ۽ هندي، مرهٺي ۽ بنگاليءَ سميت 36 کان وڌيڪ مقامي هندستاني ۽ ڪجهه ٻاهرين ٻولين ۾ فلمي گيت ڳايا[3]. سندس شاندار موسيقيءَ جو سفر ڇهن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. موسيقيءَ جي لاءِ سندس لافاني خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. 1989ع ۾ کيس هندستاني سئنيما جو وڏي ۾ وڏو ”دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ“ ڏنو ويو. 2001ع ۾ موسيقيءَ جي دنيا ۾ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي مڃتا طور کيس ”ڀارت رتنا“ ايوارڊ ڏنو ويو. هيءُ هندستان جو سڀ کان وڏو شهري اعزاز آهي. 2007ع ۾ هن کي فرانس به پنهنجي سڀ کان وڏي شهري اعزاز سان نوازيو. ان کان علاوھ هن ٻيا به ڪئين ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. هيءَ هندستان جي پهرين ڳائڻي ھئي جنهن کي 1974ع ۾ لنڊن جي رائل البرٽ هال ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو.

ننڍپڻ[سنواريو]

لتا منگيشڪر جو جنم 1929ع ۾ مڌيا پرديش جي شهر انڊور ۾ ٿيو. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر مرهٽي ڪلاسيڪي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ مقامي ٿيٽر ۾ اداڪاري به ڪندو هو. هو پنهنجي شهر ۾ ماسٽر دينا جي نالي سان مشهور هو. لتا جي ماءُ جو نالو شيوانتي هو جنهن جو واسطو گجرات سان هو[4]. ڄمڻ وقت لتا جو نالو هيما رکيو ويو هو. سندس پيءُ جي ٿيٽر ۾ هڪ اداڪاره لتيڪا ڪم ڪندي هئي. ان جو نالو لتا جي پيءُ کي اهڙو وڻيو جو هن پنهنجي ڌيءُ جو نالو تبديل ڪري لتا رکيو. لتا موسيقيءَ جا ابتدائي سبق پنهنجي پيءُ کان سکيا. پنجن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پنهنجي پيءُ سان گڏ مرهٺي ٻوليءَ جي سنگيت ناٽڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو[5]. چون ٿا ته هوءَ اسڪول ۾ فقط هڪ ڏينهن وئي هئي. اسڪول جي پهرئين ڏينهن هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ آشا کي به گڏ وٺي وئي هئي ۽ وڃڻ شرط ٻارن کي موسيقي سيکارڻ لڳي. استادن جي منع ڪرڻ تي هوءَ ڪاوڙجي گهر موٽي آئي ۽ پوءِ ڪڏهن به ٻيهر اسڪول نه وئي[6].

سنگيت جو سفر[سنواريو]

لتا اڃا 13 سالن جي مس هئي ته سندس پيءَ پرلوڪ پڌاريو. ان بعد هڪ ويجهي عزيز هن خاندان جي سرپرستي ڪئي ۽ لتا کي هڪ گلوڪارھ ۽ اداڪارھ طور ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. لتا سڀ کان پهريائين هڪ مرهٺي فلم ”ڪيتي هسال“ لاءِ گانو رڪارڊ ڪرايو پر اهو گانو فلم رليز ٿيڻ کان پهرين فلم مان خارج ڪيو ويو. ان بعد هن ڪجهه مرهٺي فلمن ۾ ڪم ڪيو. ننڍپڻ ۾ هن جو آواز تمام سنهو هو ان ڪري هن کي ڳائڻ کان منع ڪيو ويندو هو. هن همت نه هاري ۽ محنت جاري رکي ان ڪري آهستي آهستي هن جي سنگيت کي مڃتا ملڻ شروع ٿي. هن پهريون هندي گانو”ماتا اڪ سپوت ڪي، دنيا بدل دي تو“ مرهٺي فلم ”گجا ڀائو“ لاءِ ڳايو. اها فلم 1943ع ۾ رليز ٿي[7]. 1945ع ۾ لتا ممبئي منتقل ٿي وئي جتي هن استاد امان علي خان کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سندس پهرين هندي فلم ”آپ ڪي سيوا ۾“ هئي جنهن ۾ هن اداڪاره ۽ گلوڪاره طور ڪم ڪيو. هن جي اوائلي فلمن ۾ ”ميرا بائي“، ”ماجهي بال“ ”گجا ڀائو“ بال‘‘، ”ڇمڪلا دنيا“، ”بڙي مان“، ”زندگي سفر“ ۽ ڇتر شيواجي“ شامل آهن. 1948ع ۾ مشهور موسيقار ماسٽر غلام حيدر جي تربيت هيٺ آئي. 1948ع ۾ ماسٽر غلام حيدر هن کي پروڊيوسر سشادر مکرجي وٽ وٺي ويو جيڪو فلم شهيد ٺاهي رهيو هو، پر هن اهو چئي لتا کي واپس ڪري ڇڏيو ته هن جو آواز تمام سنهو آهي ۽ فلمي گيتن لاءِ مناسب ناهي. ماسٽر غلام حيدر ڪاوڙ مان پروڊيوسر کي چيو ته هڪ ڏينهن سڀئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر لتا جي پيرن تي ڪري هن کي سندن فلمن ۾ ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا. ساڳئي ئي سال هن فلم ”مجبور“ جو گانو ”دل ميرا توڙا، مجهي ڪهين ڪا نه ڇوڙا“ رڪارڊ ڪرايو. 1949ع ۾ هن جي ڳايل گاني ”آئيگا آنيوالا“ مقبوليت جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن جي شهرت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي[8].

1950ع واري ڏهاڪي ۾ هن باليوڊ جي وڏن وڏن موسيقارن سان ڪم ڪيو. لتا انهن ڏينهن ۾ اهي شاهڪار گانا ڳايا جيڪي صدين تائين ياد رهندا. 1955ع ۾ هن سريلنڪا جي فلم سيدا سولانگ ۾ سنهالا ٻوليءَ ۾ گانو رڪارڊ ڪرايو. 1956ع ۾ هن تاملي ٻوليءَ ۾ پهريون گيت ڳايو. کيس بهترين خاتون گلوڪاره طور پهريون فلم فيئر ايوارڊ 1958ع ۾ ڳايل فلمي گيت ”آجا ري پرديسي“ جي مڃتا طور ڏنو ويو. اهو گيت هن فلم ”ماڌومتي“ لاءِ ڳايو هو.

1960ع واري ڏهاڪي جي ابتدا هن ”جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا“ جهڙي شاهڪار گاني سان ڪيو. فلم ”مغل اعظم“ جي هن گاني جي موسيقي نوشاد ڏني هئي ۽ هيءُ گانو مشهور اداڪاره مڌوبالا تي فلمايو ويو. ساڳئي سال فلم ”دل اپنا اور پريت پرائي“ رليز ٿي. انهيءَ فلم ۾ لتا جو ڳايل گانو ”عجيب داستان هئي يي“ سڄي ننڍي کنڊ جو آواز بنجي ويو. 1961ع ۾ هن ٻه مشهور ڀڄن “اللّٰه تيرو نام“ ۽ ”پرڀو تيرو نام“ رڪارڊ ڪرايا. 1962ع ۾ هن کي ٻيو ڀيرو فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ هن کي مشهور نغمي ”ڪهين ديپ جلي ڪهين دل“ تي ڏنو ويو. انهيءَ نغمي جو موسيقار هيمنت ڪمار هو ۽ فلم هئي ”بيس سال بعد“. 27 جنوري 1963ع تي هن هندستان جي وزيراعظم جواهرلال نهرو جي موجودگيءَ ۾ قومي ترانو ”ائي وطن ڪي لوگو“ ڳايو. چون ٿا ته اهو ترانو ٻڌي وزيراعظم جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

لتا هزارين فلمي گيت ڳايا . 1974ع کان 1991ع تائين لتا جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائڻ واري خاتون طور شامل رهيو. 2012ع ۾ لتا ”سوامي سمارٿ مها منتر“ جي نالي سان پنهنجو البم جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي ڀڄن ڳايا آهن. 2014ع ۾ ھن پنهنجي بنگالي گيتن جو البم جاري ڪيو. 30 مارچ 2019ع تي هن پنهنجو قومي ترانو ”سگند مجهي اس مٽي ڪي“ جاري ڪيو.

لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ گيت ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي“ ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو. هن گيت جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ۽ پروڊيوسر سترام روهڙا هو[9].

بحيثيت موسيقار ۽ فلمساز[سنواريو]

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته لتا گائڪيءَ جي ميدان ۾ پنهنجا لافاني نقش ڇڏيا آهن پر هن هڪ موسيقار ۽ فلمساز طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1960ع کان 1969ع تائين هن پنجن مرهٽي فلمن ۾ موسيقار طور ڪم ڪيو. هن هڪ فلمساز طور چار فلمون ٺاهيون.

انعام ۽ اعزاز[سنواريو]

لتا منگيشڪر جي فن ۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڏنل خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوزيو ويو آهي. انهن اعزازن ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”ڀارت رتنا“، پدما ڀوشن (1969)، پدما وڀوشان (1999)، زي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا صاحب پالڪي ايوارڊ (1989)، مهاراشترا ڀوشن ايوارڊ (1997)،اين ٽي آر قومي ايوارڊ (1999)، ڀارت رتنا ايوارڊ (2001)، ليجين آف آنر (2007)، اي اين آر قومي ايوارڊ (2009)، ٽي قومي فلم ايوارڊ ۽ 15 بنگالي فلم ايوارڊ شامل آهن. 1984ع ۾ مڌيا پرديش سرڪار ۽ 1992ع ۾ مهاراشتر سرڪار ”لتا منگيشڪر ايوارڊ“ جو بنياد وڌو.

لتا ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس[سنواريو]

1974ع ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس لتا منگيشڪر کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ شخصيت قرار ڏنو ۽ لکيو ته لتا 1948ع کان 1971ع تائين هندستان جي 20 ٻولين ۾ 25000 فلمي گيت ڳايا آهن. هن رڪارڊ تي محمد رفيع اعتراض ڪيو جنهن دعويٰ ڪئي ته هن اٽڪل 28000 گانا ڳايا آهن. محمد رفيع جي وفات کان پوءِ 1984ع ۾ گنيز بڪ لتا کي پهرئين نمبر تي رکيو پر محمد رفيع جي دعويٰ جو به ذڪر لکيو. انهيءَ کان پوءِ وارن ڇاپن ۾ گنيز بڪ لکيو ته لتا منگيشڪر 1948ع ۽ 1987ع وچ ۾ 30000 کان وڌيڪ گانا ڳايا[10]. 1991ع کان گنيز بڪ بنان سبب ڄاڻائڻ جي لتا جو نالو خارج ڪري ڇڏيو. ڪجهه ذريعن پاران اها دعويٰ ٿيندي رهي ته لتا 50000 جي لڳڀڳ گانا ڳايا آهن. البت ڪجهه ٻين ذريعن مطابق 1991ع تائين هندي فلمن ۾ لتا ڪل 5025 گانا ڳايا[11]. لتا پاڻ چوي ٿي ته هوءَ پنهنجي ڳايل گيتن جو رڪارڊ نٿي رکي ۽ هن کي خبر نه آهي ته گنيز بڪ کي اهو تعداد ڪٿان مليو آهي. 2011ع ۾ گنيز آشا ڀوسلي کي سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ شخصيت قرار ڏنو ۽ لکيو ته هن 1947ع کان وٺي اٽڪل 11000 گانا ڳايا آهن.

وفات[سنواريو]

ننڍي کنڊ جي ھن عظيم گلوڪارھ 06 فيبروري 2022ع تي پرلوڪ پڌاريو. ھوءَ ڪرونا وائرس سبب 11 جنوريءَ کان اسپتال داخل ھئي. وفات وقت سندس عمر 92 سال ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Lata Mangeshkar won't celebrate 87th birthday, says 'jo shahid hue hai unki yaad karo kurbani' ['remember the victims and their sacrifice']". The Indian Express. 28 September 2016. http://indianexpress.com/article/music/lata-mangeshkar-has-special-message-for-pakistan-3053252/. 
  2. "Lata Mageshker wiki, Age, Family, Husband, Biograghy and More". 
  3. "Lata Mangeshkar: The nightingale’s tryst with Rabindra Sangeet". حاصل ڪيل 10 January 2020. 
  4. Lata Mangeshkar: A biography Lata Mangeshkar: A biography (First ed.). UBS Publishers' Distributors. 1995. ISBN 978-8174760234. https://www.amazon.com/Lata-Mangeshkar-Biography-Raju-Bharatan/dp/8174760237/ref=sr_1_1?keywords=Lata+Mangeshkar&qid=1579095077&s=books&sr=1-1. 
  5. Namaste, Lata Mangeshkar! Her voice touches at least a billion hearts (First ed.). The Indologist Pe Ltd, Singapore. 2018. ISBN 978-9814782111. 
  6. On Stage with Lata (First ed.). HarperCollins India. 2017. https://www.amazon.com/Stage-Lata-Mohan-Deora-ebook/dp/B01N22X89P/ref=sr_1_12?keywords=Lata+Mangeshkar&qid=1579095077&s=books&sr=1-12. 
  7. Bhimani H.; In Search of Lata Mangeshker (First ed.). Indus. 1995. ISBN 978-8172231705. https://www.amazon.com/search-Lata-Mangeshkar-Harish-Bhimani/dp/8172231709/ref=sr_1_3?keywords=Lata+Mangeshkar&qid=1579095077&s=books&sr=1-3. 
  8. Lata Mangeshkar In Her Own Voice (First ed.). Niyogi Books; UK. Febuary 2009. ISBN 978-8189738419. https://www.amazon.com/Lata-Mangeshkar-Her-Own-Voice/dp/8189738410/ref=sr_1_2?keywords=Lata+Mangeshkar&qid=1579095077&s=books&sr=1-2. 
  9. "Hal Ta Bhaji Haloon". Encyclopedia of Sindhi. حاصل ڪيل Jan 15, 2020. 
  10. "How fair were they to Mohammed Rafi?". Rediff News. 
  11. Broughton, Simon; Mark Ellingham; Richard Trillo (2000). World music: The Rough Guide. Rough Guides. . .. pp. p. 106. ISBN 978-1-85828-636-5.