فيلڪس ڊو ٽيمپل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فيلڪس ڊو ٽيمپل ڊي لا ڪروڪ (1823–1890).

فيلڪس ڊو ٽيمپل ڊي لا ڪروڪ(انگريزي: Félix du Temple de la Croix) (جنم:18 جولاءِ 1823؛ وفات:4 نومبر 1890) جنھن کي عام طور تي فيلڪس ڊو ٽيمپل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، فرانس جي بحري فوج جو ھڪ آفيسر ۽ مؤجد ھيو. فرانس جي نارمن خاندان ۾ پيدا ٿيو . ھن دنيا جي پھرين اڏرڻ واري مشين ايجاد ڪئي ھئي ۽ 1857 ۾ ان مشين ذريعي پھرين اڏام ڪئي ھئي.[1] ھن کي دنيا ۾ سڀ کان پھرين ملڪ کان ٻاهر پنھنج ايجاد ڪيل اڏامندڙ مشين تي اڏام جو اعزاز حاصل آهي جيڪا ھن 1874 ۾ ڪئي. [2] ھي جين مري لي برس جي دؤر جو مؤجد ھيو.

فوجي ڪيريئر[سنواريو]

فيلڪس ڊو ٽيمپل جڏھن نوجوان نيول آفيسر ھيو

ھي فرينچ نيوي اڪيڊمي(فرينچ:École Navale) ۾ 1838 ۾ داخل ٿيو. ھن ٻين فرينچ ايمپائر اڪثر جنگي معرڪن ۾ شريڪ ٿيو خاص طور تي ڪرائميا واري جنگ، اٽلي ۽ آسٽريا ۾ فرانس جي فوجي مداخلت ۽ ميڪسيڪو ۾ فرانس جي فوجي مداخلت ۾ شامل رھيو. 41 سالن جي عمر ۾ فرانس واپس موٽي آيو ۽ ڪيپٽن (Capitaine de Frégate) ٿيو ۽ فرانس جي پروشيا سان جنگ ڪندڙ لوئا فوج(انگريزي: Loire Army)(فرينچ:Armée de la Loire) ۾ شامل ٿيو.فرانس جي تخت جي دعويدار ھينري ڪائونٽ چيمبرڊ ۽ ليجٽيمسٽ خيال وارن جي حمايت ڪري کيس 1876 ۾ بحري فوج مان جبري نيڪالي ڏني وئي.

اڏامندڙ مشين (جھاز) جو پيٽنٽ يا حق محفوظ[سنواريو]

1857 ۾ فيلڪس ڊو ٽيمپل جو ٺاھيل ھوائي جھاز
1857 ۾ فيلڪس ڊو ٽيمپل جي ھوائي جھاز جي حق محفوظ ٿيل ڊرائينگ

فيلڪس ڊو ٽيمپل 1857 ۾ پنھنجي ايجاد ڪيل ماڊل مشين واري جھاز سان مشيني طاقت جي زور تي پھرين ڪامياب اڏام ڪئي[1][3][4] ان ھوندي بہ 1848 ۾ جان اسٽرنگ فيلو پاران ڪيل تجربن ۾ جھاز اڏائڻ جي پھرين دعویٰ پڻ ٿيل ھئي.[5]فيلڪس ڊو ٽيمپل 1857 ۾ پنھنجي ايجاد ڪيل ھوائي مشين جي ڊزائين پيٽنٽ(انگريزي: Patent) يا حق محفوظ ڪرائي، [5][6] جنھن ۾ ڦيٿن کي مٿي کڻڻ ۽ ھيٺ ڪرڻ واري گيئر، جھاز کي اڳتي چوريندڙ پکو، 6 ايڇ پي انجڻ، ڊائھيڊرل ونگ(انگريزي: dihedral wing)(جھاز جي پرن ۾ لڳل افقي پٽيون) جو نمونو شامل ٿيل ھو. ھن پنھنجي ڀاءُ لوئس سان گڏجي کوڙ وڏا ماڊل ٺاھيا ھيا. ھنن جي ڪوشش اھا ھئي تہ اھڙي مشين ٺاھن جيڪا ماڻھو کي ھوا ۾ کڻي سگھي.ھنن اھو سمجھي ورتو تو ٻاڦ جي انجڻ تمام ڳوري ھجڻ ڪري اھا صلاحيت نہ پئي رکي. 1867 ۾ ھنن اسٽرلنگ انجڻ جي ڊزائين تيار ڪئي جيڪا بہ ڪافي نہ ھئي. ھنن داخلي ٻرڻ جي عمل واري گيس انجڻ جي ڊزائين ٺاھي پر ان ۾ بہ اھا صلاحيت نہ ٿي سگھي.

فيلڪس ڊو ٽيمپل ڊي لا ڪروڪ 1870 ۾

آخرڪار تحقيق جاري رکندي ھي انجڻ ٺاھڻ م ڪامياب ٿي ويو جيڪا گھربل صلاحيت رکندڙ ھئي. اھا مشين ھڪ ننڍي سائيز جي 39 کان 44 پائونڊ وزن رکندڙ تيز رفتار سان ڦيرو کائيندڙ ٻاڦ جي انجڻ ھئي جنھن جي پيٽنٽ يا حق محفوظ ڪرائڻ لاء ھن 28 اپريل 1876 ۾ درخواست ڏني. انجڻ تمام ننڍڙن 1/8 انچ جي قطر وارن پائيپن سان سٿيل ھئي تہ جيئن ٿوري جاء ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڏيکاري سگھي. انھن پائيپن مان پاڻي تمام تيزي سان گردش ڪندو ھيو ۽ چوڌاري باھ جي شعلن ۾ ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪندو ھو .اھا ھڪ ننڍڙي بوائلر وانگر ھئي.[7][8]

ھڪ سيٽ وارو جھاز[سنواريو]

فيلڪس ڊو ٽيمپل جو 1874 ۾ ٺاھيل ھڪ سيٽ وارو جھاز

1874 ۾ ھنن ٻنھي ڀائرنفرانس جي شھر بريسٽ ۾ اليومنيم جو ھڪ سيٽ وارو جھاز ايجاد ڪيو جنھن جي پرن سميت ڪل موڪر 13 ميٽر ھئي ۽ ڪل وزن پائليٽ کان بغير 80 ڪلو ھيو. ڪافي مشقون ڪرڻ کان پوءِ اھا ڳالھ مڃي وئي تہ ان جھاز ۾ پنھنجي مشين جي طاقت سان اڏرڻ جي صلاحيت ھئي پر ان لاء ھوا ۾ ان کي اوچائيءَ کان ڊوڙي ھيٺ ٽپو ڏيڻ جي ضرورت ھئي، جنھن بعد ھوا ۾ ٿورو وقت رھڻ کانپوءِ واپس زمين تي سلامتيءَ سان موٽي اچڻ جي صلاحيت ھئي.تاريخ ۾ مشين جي مدد سان انسان جي اھا پھرين اڏام ھئي.[9] فيلڪس جو اھو ھوائي جھاز 1878 ۾ پيرس ۾ عالمي ميلي ۾ نمائش لاءِ رکيو ويو ھو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 [1]
  2. The New York Times, 2003 آرڪائيو ڪيا ويا 2006-05-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.; Paul Hoffman, in The New York Times Dec. 17, 2003سانچو:Pageneeded; Wright College; آرڪائيو ڪيا ويا 2005-11-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. US National Park Service آرڪائيو ڪيا ويا 2006-02-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.; U.S. Centennial of flight commission آرڪائيو ڪيا ويا 2006-04-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.; The pioneers, an anthology; The National Business Aviation Association; Aerospaceweb.org
  3. Gibbs-Smith, Charles H. (3 Apr 1959). "Hops and Flights: A roll call of early powered take-offs". Flight 75 (2619): 468. http://www.flightglobal.com/pdfarchive/view/1959/1959%20-%200937.html. Retrieved 24 Aug 2013. 
  4. "In 1857 or 1858 the Du Temple model took off under its own steam", The Road to Kitty Hawk - Page 54 by Valerie Moolman
  5. 5.0 5.1 First to Fly By Thomas C Parramore, p.46
  6. Inventing Flight By John David Anderson p.41
  7. The patent describes "une demande pour une chaudière à vapeur à circulation rapide donnant la plus grande surface de chauffe possible sous le plus petit volume et le moindre poids."
  8. Octave Chanute, Aeroplanes : Part III, August 1892
  9. Gibbs-Smith, Charles H. (3 April 1959). "They Dared First". Flight 102 (3308): 17. http://www.flightglobal.com/pdfarchive/view/1972/1972%20-%202006.html. Retrieved 24 August 2013.