فوج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا ڀر ۾ جي ڊي پي جي حساب سان فوجي خرچن جي باري ۾ هڪ چارٽ ۔ سي آء اي فيڪٽس

فوج اهڙي اداري کي چئبو آهي جنهن کي وڏي پئماني تي طاقت جي استعمال جي اجازت مليل هوندي آهي، ان ۾ هٿيارن جو استعمال، پنهنجي ملڪ جي دفاع جي لاء طاقت يا وري ڪنهن به عالمي سطح تي عوام کي لاحق خطرن جي خلاف قدم شامل آهن. فوج يا فوجي مان مراد اهي ملڪيتون به ورتيون وينديون آهن جيڪي ڪنهن به ملڪ جي فوج جي استعمال هيٺ هجن. دنيا ڀر ۾ فوجون معاشري جي اندر هڪ جدا حيثيت جو حامل معاشرو هوندو آهي جنهن کي پنهنجو الڳ سماج، صنعت، تعليمي ادارا، اسپتال ۽ ٻيا معاشرتي ادارا شامل آهن. فوجين جو بطور پيشي هن شعبه ۾ شامل ٿيڻ، تاريخ کان پهريان جو رواج آهي. تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ اثر رکندڙ مصوري ۾ به جابجا فوجي اڳواڻن ۽ سپهه سالارن جون تصويرون عام ملن ٿيون.

جاپان جي هوائي فوج جو هڪ سي ـ 1 جهاز جيڪو مال ڍوئڻ جي ڪم ايندو آهي.

جديد دور ۾، عالمي جنگيون ۽ لاتعداد سياسي ۽ سماجي اختلافن فوج يا فوجي ترقي تي بي پناهه اثر وڌو آهي ۽ اڄ جي فوج يا فوجي تڪنيڪ تاريخ جي فوجي منطقن کان بلڪل جدا آهن. ڪئي بادشاهتون وجود ۾ آيون ۽ تختا پلٽيا ويا ، رياستن جو وجود ٿيو ۽ ان جي تعداد ۾ وقت سان گڏ اضافو ہوتا ٿيندو ويو۔ دنيا ڀر ۾ سماجي تبديليون رونما ٿيون پر تاحال فوجي حڪمت عملي ۽ طاقت جو استعمال ئي هن وقت تائين بين الاقوامي تعلقن تي اثرانداز ٿيندو آهي۔ هميشه جي طرح پوري دنيا ۾ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي لاء فوجي حکڪت عملي موثر آهي.

تصويرون[سنواريو]