غلام مصطفيٰ خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان
پيدائش غلام مصطفيٰ
جُولاءِ 01 1912(1912-07-01)ع
جبل پور، برطانوي هندوستان
وفات سيپٽمبر 25 2005(2005-09-25)ع
حيدرآباد، پاڪستان
ڌنڌو تعليم جو ماھر، محقق، مورخ، لسانيات جو ماھر، عالم دين، صوفي
ٻولي اردو، سنڌي، عربي، فارسي، انگريزي
قوميت  پاڪستان
تعليم ايل ايل بي، ايم اي (اردوايم اي (فارسيپي ايچ ڊي، ڊاڪٽر آف لٽريچر (ڊي لٽ)
مادرِ علمي علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي
ناگپور يونيورسٽي، ڀارت
موضوع تاريخ، لسانيات، تحقيق، ترجمو، تنقيد، قرآن، فقہ، لغت، اقباليات، تصوف
مُکيه ڪم حالي ڪا ذهني ارتقا
فارسي پر اردو ڪا اثر
اقبال اور قرآن
ايوارڊ صدارتي اعزاز براءِ حسن ڪارڪردگي
ستاره امتياز
نقاش ايوارڊ
اقبال ايوارڊ
نشان سپاس

ڊاڪٽرغلام مصطفيٰ خان (انگريزي: Dr. Ghulam Mustafa Khan)، (پيدائش: پھرين جولاءِ، 1912ّع - وفات: 25 ستمبر،2005ع) پاڪستان جي ممتاز روحاني شخصيت، محقق، ماهر لسانيات، عالم دين، مترجم، ماهر تعليم ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ايمريطس ھيو. ھو ناگپور يونيورسٽي، ڀارت ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اردو ڪشعبي جي صدر جي عهدي تي فائز رهيا.

زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جبل پور، هندستان ۾ پھرين جولاءِ، 1912ع تي پيدا ٿيا.[1][2]

تعليم[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ابتدائي تعليم جبل پور، برطانوي هندستان مسن حاصل ڪئي. ان کان بعد وڌيڪ تعليم جي لاءِ پاڻ علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي ويا ۽ ايل ايل بي، ايم اي (اردوايم اي (فارسي) ۽ 1947ع ۾ ٻارھين صدي جي مشهور فارسي شاعر سيد حسن غزنوي - حيات و ادبي ڪارنامي جي عنوان سان مقالو لکي ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1959ع ۾ ناگپور يونيورسٽي، هندستان مان پاڻ ڊاڪٽر آف لٽريچر (ڊي لٽ) جي ڊگري حاصل ڪئي.

ملازمت[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ملازمت جي شروعات ڪنگ ايڊورڊ ڪالج امراوتي، هندستان مان بحيثيت ليڪچرار ڪئي. 1936ع کان 1948ع تائين ھو ناگپور يونيورسٽي هندستان جي اردو شعبي سان واڳيل رهيا. پاڪستان جي ٺھڻ کان بعد ھن پھريان ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ 1950ع ۾ باباءِ اردو جي درخواست تي اردو ڪالج ڪراچي جي اردو شعبي جي صدر جي عهدي تي فائز ٿيا. بعد ۾ ھو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اصرار تي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپجي ويا جتي سندن کي اردو شعبي جي صدر جون ذميداريون ڏنيون ويون. ھو ان عهدي تي 1976ع تائين فائز رهيا. 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سندن جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي طور تي سندن کي پروفيسر ايمريطس جي درجي تي فائز ڪيو ويو.[1]. سندن جي شاگردن ۾ ابن انشا، ڊاڪٽر ابوالليث صديقي، ڊاڪٽراسلم فرخي، ڊاڪٽر جميل جالبي، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، ڊاڪٽر معين الدين عقيل، ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي، ڊاڪٽر الياس عشقي ۽ قمرعلي عباسي شامل آھن.

ادبي خدمتون[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنھنجي محنتن جرئي جن حوالون سان ڄاتا وڃن ٿا انھن ۾ معتبر ترين حوالو سندن جي تحقيق آھي. ۽ ان حوالي سان پاڻ اھي حيرت انگيز ڪم سرانجام ڏنا آھن جيڪي ھن وقت تائي تشنه تحقيق ھيا. لسانيات کان وٺي ڪري شخصيتن تائين سندن جا تحرير ڪيل مقالن ۽ مضمونن اردو ادب جي لاءِ فڪر جا نوان نوان دريچا وا ڪيا آهن. ھڪ ٻي ڳالھ جيڪا ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي نثر کي ٻين سڀني ماڻھن کان منفرد ۽ ممتاز ڪري ٿي اھا ان تحرير جي رواني ۽ نرم روي آھي. موضوع ڪيترو ئر خشڪ ۽ بي روح ڇو نہ ھجي. سندن جي قلم جي زد ۾ ايندي ئي پاڻي ٿي ويندو ھو. ۽ بحث ھڪ درياھ وانگر روان دوان قاري جي نظر مان ٿيندي ان جي ذهن ۾ ھليو ويندو آھي.[3].

پاڻ اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ۾ 100 کان وڌيڪ ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيائون. سندن جي ڪتاب اقبال اور قرآن تي سندن کي اقبال ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه ادبي جائزي، فارسي پر اردو ڪا اثر، علمي نقوش، اردو-سنڌي لغت، سنڌي-اردو لغت، حالي ڪا ذهني ارتقا، تحرير و تقرير، حضرت مجدد الف ثاني، گلشن وحدت، مڪتوبات سيفيه، خزينۃ المعارف، مڪتوبات مظهريه، مڪتوبات معصوميه، اقبال اور قرآن، معارف اقبال، اردو میں قرآن و حديث ڪي محاورات، فڪر و نظر ۽ همه قرآن در شان محمدؐ جا نالا سرفهرست آهن.[1].

اعزاز[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي صلي ۾ پاڪستان حڪومت صدارتي اعزاز براءِ حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز سان نوازيو.[1] ان کان علاوه نقوش ايوارڊ، اقبال ايوارڊ ۽ انجمن ترقي اردو جي طرفان نشان سپاس جا اعزازات بہ ڏنا ويا.

تصنيفون[سنواريو]

  • ادبي جائزي
  • فارسي پر اردو ڪا اثر
  • فارسي ڪي قديم شعرا
  • علمي نقوش
  • اردو-سنڌي لغت
  • سنڌي-اردو لغت
  • حالي ڪا ذهني ارتقا
  • تحرير و تقرير
  • حضرت مجدد الف ثاني
  • تحقيقي جائزي
  • تاريخِ بهرام شاه غزنوي (انگريزي ٻولي ۾ ھي مقالو بهرام شاه غزنوي جي 41 سالن جي دورِ حڪومت جو جائزو آهي)
  • تاريخِ اسلاف
  • گلشن وحدت
  • مڪتوبات سيفيه
  • ارشادِ رحيميه از حضرت شاه عبدالرحيم محدث دهلوي (اردو ترجمو)
  • لوايح خانقاه مظهريه، فارسي (ترتيب)
  • خزينۃ المعارف
  • زبدة المقامات (اردو ترجمو)
  • مڪتوبات مظهريه
  • مڪتوبات معصوميه
  • تفسيرِ شيخ الهند (انگريزي)
  • حضرات القدس (انگريزي)
  • اقبال ۽ قرآن
  • مطالب القرآن
  • معارف اقبال
  • ضياء القران
  • اردو میں قرآن و حديث ڪي محاورات
  • فڪر و نظر
  • همه قرآن در شان محمدؐ
  • هدايۃ الطالبين از حضرت شاه ابو سعيد مجددي نقشبندي (نقشبنديه سلوڪ متعلق رسالي جو اردو ترجمو)
  • باقياتِ باقي (حضرت خواجه محمد الباقي بالله دهلوي نقشبندي جي حيات طيبه تي ھڪ علمي مقالو)
  • مولانا عبيدالله سنڌي ڪي سرگزشتِ ڪابل
  • ڀولي هوئي ڪهانيان
  • وقائع تاريخي (1408 هجري)
  • چند منسوبات

ديوانِ مرزا مظهر و خريطه جواهر

  • تحفۂ زواريه (حضرت شاه احمد سعيد دهلوي متوفي:1277ھ جي ناياب فارسي مڪتوبات جو مجموعو)
  • رسائل مشاهير نقشبنديه
  • همارا علم و ادب
  • قرآني عربي
  • تفسير مولانا عبيد الله سنڌي
  • جامعه القواعد
  • اوراقِ گم گشته
  • سيد حسن غزنوي - حيات و ادبي ڪارنامي (فارسي جي بزرگ شاعر سيد حسن غزنوي جي حيات ۽ فڪر ۽ فن تي محققانه جائزو)
  • ندائي سحر
  • سراج منير
  • لهم مغفره
  • ميرا علي گڙھ
  • متفرقات
  • Personal Hygiene in Islam
  • Studies in Literature

ناقدن جي راءِ[سنواريو]

مصنف مظهر شيراني ڊاڪٽر غلام مصطفي خان جي باري ۾ لکن ٿا تہ:

ڊاڪٽر غلام مصطفي خان قبلي جي نظر صحيح معنا ۾ ڪيميا اثر ھئي. ھن جي تصرف جو ھڪ واقعو ڊاڪٽر اسلم فرخي جي حوالي سان ھتي لکان ٿو. 1988ع ۾ جڏھن ڊاڪٽر صاحب کي انجمن ترقي اردو جي طرف کان "نشان سپاس" پيش ڪيو وڃڻو ھو، انھن ڏينھن ۾ انجمن جو صدر نور الحسن جعفري ھيو. ھو پاڪستان حڪومت جي معتمد ماليات جي عهدي تان لٿل ھو ۽ 'صاحب' ماڻھو ھو. ھن ڊاڪٽر صاحب جي اعزاز ۾ جلسي جي اجازت تہ ڏني پاڻ ان ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي. بهرحال انجمن جي ٻين ڪار دوستن جي اصرار تي نور الحسن جعفري جلسي جي صدارت تي راضي ٿي ويا. مختلف تقريرن کانپوءِ آخر ۾ جعفري صاحب صدارتي ڪلما چوڻ لاءِ مائيڪ تي آيا تہ بجاءِ ڪجهه چوڻ جي زار و قطار روئڻ لڳا. پوءِ ھٿ ٻڌي ڪري چيائون حضرت ڊاڪٽر غلام مصطفي خان صاحب، مون کي معاف ڪري ڇڏيون. مان اوھان جي ظاهري مقامن ۽ باطني مرتبن کان بالڪل بي خبر ھيس. ڊاڪٽر صاحب اٿي ڪري ھنن کي سيني سان لڳايو ۽ تسلي ڏني تڏھن ڪٿي وڃي ڪري کين قرار آيو[4].

وفات[سنواريو]

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان 25 سيپٽمبر 2005ع تي حيدرآباد پاڪستان ۾ وفات ڪري ويا.ھو مسجد غفوريه نزد ٽول پلازه سپر هائي وي بائي پاس حيدرآباد جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيل آھن.[2][5].

حوالا[سنواريو]

سانچو:تصوف-مفصل سانچو:لسانيات جا پاڪستاني ماھر