عمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عمل (Action) لفظ ٻن مختلف معنائن ۾ ڪم اچي ٿو. (i) ڪنھن ڊرامي، ناول، افساني يا نظم جي مکيہ ڪھاڻي پڌري ڪرڻ جو عمل. (ii) پلاٽ کي ٺاهيندڙ واقعن جو مکيہ سلسلو هلائڻ. ’ايڪشن‘ ڊرامي جو بنياد آهي، جنھن جو مطلب آهي ’اڳتي وڌڻ‘. اسٽيج تي جسماني چُرپُر يا ڪجهہ چوڻ کان سواءِ بہ ’ايڪشن‘ ٿي سگهي ٿو، ان جو خاص مقصد ڪردار يا پلاٽ کي پڌرو ڪرڻ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.