سوئيڪارنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سوڪارنو

1949 ۾ سوڪارنو
1st انڊونيشيا جو صدر
عهدو سنڀاليو
18 آگسٽ 1945 – 12 مارچ 1967
وزير اعظم سوران سياھر
امير شريف الدين
محمد حاتا
عبدالحليم
سوئڪيمان ورجوساندجوجو
ولوپو
علي ساستروئميدجوجو
برھان الدين ھاراپ
ڊيوئنڊا ڪرتاودجاجا
نائب صدر محمد حاتا (1945–56)
پيشرو عھدو شروع ٿيو
جانشين سھارتو
انڊونيشيا جي گڏيل رياستن جو صدر
عهدو سنڀاليو
27 ڊسمبر 1949 – 17 آگسٽ 1950
نائب صدر محمد حاتا
پيشرو عھدو شروع ٿيو
جانشين عھدو ختم ٿي ويو
11th انڊونيشيا جو وزير اعظم
عهدو سنڀاليو
9 جولاءِ 1959 – 25 جولاءِ 1966
صدر پاڻ
پيشرو ڊيوئنڊا ڪرتاودجاجا
جانشين عھدو ختم ڪيو ويو
ذاتي تفصيل
پيدائش ڪسنو سوسروڊيھارڊيو
6 جون 1901(1901-06-06)
سورابايا, اوڀر جاوا, ڊچ ايسٽ انڊيز[1]
وفات 21 جون 1970 (عمر 69 سال)
جڪارتا، انڊونيشيا
آخري آرامگاهه بليتار, اوڀر جاوا, انڊونيشيا
8°05′05″S 112°10′34″E / 8.084622°S 112.176075°E / -8.084622; 112.176075
سياسي جماعت انڊونيشيائي نيشنل پارٽي (1927–1931)
جيون ساٿي اوئتاري (ش. 1921; ط. 1922)
انگت گارناسيح (ش. 1923; ط. 1942)
فاطمہ وتي (ش. 1 جون 1943)
ھارتني (ش. 7 July 1953)
ھارتني مانوپو (ش. 1959; ط. 1968)
نائوڪو نيموتو (ش. 1962)
ھرياتي (ش. 1963; ط. 1966)
يورائڪ سانگر (ش. 1964; ط. 1967)
ھيلدي جعفر (ش. 1966; sep. 1967)
ٻار ٻچا
ماءُ ادا آيو نيومان راء
پيءُ رادين سوئيڪيمي سوسروڊيھارڊيو
مادر علمي بندونگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
دستخط

احمد سوڪارنو(انگريزي: Sukarno) يا سوئيڪارنو (انگريزي: Soekarno) [2] انڊونيشيا جو پھريون صدر ھيو. پاڻ 6 جنوري 1901 ۾ پيدا ٿيو ۽ 21 جون 1970 ۾ وفات ڪيائين. [3] ھي 1945 کان 1967 تائين ملڪ جو صدر رھيو. ھي ملڪ م نيدرلينڊز کان آزادي جي جدوجھد جو سرواڻ ھيو. ڊچ حڪومت جي نوآبادياتي دور ۾ ڏھاڪو سال جيل ۾ بند رھيو ۽ کيس جيل مان جپان آزاد ڪيو جنھن ڊچ ايمپائر تي حملو ڪري انڊونيشيا ۾ داخل ٿيو ھيو. جپان جيئن ئي ھٿيار ڦٽا ڪيا تہ ھن ۽ محمد حاتا 17 آگسٽ 1945 ۾ انڊونيشيا جي خودمختياري جو اعلان ڪيو ۽ سوئيڪارنو انڊونيشيا جو پھريون صدر بڻيو. ھن انڊونيشيائي ماڻھن جي اڳواڻي ڪندي نيدرلينڊز پاران انڊونيشيا کي نئين سر ڪالوني ٺاھڻ جي سفارتي ۽ فوجي مزاحت ڪئي نيٺ 1949 ۾ نيدرلينڊز انڊونيشيا جي خودمختياري کي تسليم ڪيو. ليکڪ پريموئيديا اننتا توئر لکيو آهي تہ " سوئيڪارنو جديد دؤر جو واحد ايشيائي اڳواڻ ھيو جنھن مختلف نسلي، ثقافتي ء مذھبي گروھن ۾ ورھايل عوام کي متحد ڪري بغير رت جي ڦڙي وھائڻ جي آزاد ڪرايو" [4] پارلياماني جمھوريت جي افراتفري دؤر بعد 1957 ۾ سوئيڪارنو رھنمائي واري جمھوريت جو مطلق العنان نظام قائم ڪيو جنھن سان ملڪ اندر عدم استحڪام جو خاتمو آيو. 1960 جي ڏھاڪي ۾ ھن کاٻي ڌر جي طرف لاڙو رکيو ۽ انڊونيشياجي ڪميونسٽ پارٽي جي مدد ڪئي ۽ ان کي تحفظ ڏنو ۽ ھن سامراج دشمن پرڏيھي پاليسي کي فروغ ڏنو، ۽ سوويت يونين ۽ چين جو پاسو ورتو. 1965 ۾ 30 سيپٽمبر واري تحريڪ جي ناڪامي سان قتل عام واقع ٿيڻ جي ڪري اڳتي ھلي 1967 م ھڪ جنرل بغاوت ڪندي کيس معزول ڪري ڇڏيو جنھن بعد ھن باقي زندگي نظربندي ۾ گذاري.

حوالا[سنواريو]

  1. A. Setiadi (2013), Soekarno Bapak Bangsa, Yogyakarta: Palapa, pp.21.
  2. "Sukarno". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
  3. Biografi Presiden آرڪائيو ڪيا ويا 2013-09-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Perpustakaan Nasional Republik Indonesia
  4. Pramoedya ananta Toer, SOEKARNO, TIME Asia story TIME 100: AUGUST 23–30, 1999 VOL. 154 NO. 7/8, http://edition.cnn.com/ASIANOW/time/asia/magazine/1999/990823/sukarno1.html