رابرٽ ڪلائيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رابرٽ ڪلائيو
(انگريزي ۾: Robert Clive خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 29 سيپٽمبر 1725 [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
عظيم برطانيا جي بادشاهت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 22 نومبر 1774 (49 سال)[2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا جي بادشاهت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن رائل سوسائٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي [14][15]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
عهدو ميجر جنرل   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
رائل سوسائٽي فيلو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

لارڊ رابرٽ ڪلائيو (انگريزي: Robert Clive) (پيدائش: 29 سيپٽمبر 1725ع - وفات: 22 نومبر 1774ع) برطانوي فوجي افسر، برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ملازم ۽ بنگال پريزيڊنسي جا پھريان گورنر ھيا. سندن جي قيادت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوجن پلاسي جي جنگ ۾ نواب سراج الدولہ کي شڪست ڏئي ڪري بنگال ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مفادن جو ڪاميابي سان دفاع ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪمپني جي طاقت کي منظم ۽ مستحڪم ڪيو. سندن جي دور ۾ الھ آباد معاھدو طي ٿيو جنھن ڪري مغل شھنشاھ شاھ عالم ثاني بنگال، بھار ۽ اوڙيسہ جي ديوانين جا حق ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڏئي ڇڏيا ھا.

زندگي جو احوال[سنواريو]

رابرٽ ڪلائيو 29 سيپٽمبر 1725ع تي شروپشائر، انگلستان ۾ پيدا ٿيا. نوجواني جي عمر ۾ ھندستان آيا ۽ مدراس ۾ ايسٽ اينڊيا ڪمپني ۾ ڪلرڪ جي حيثيت سان پھريون ڀيرو ملازمت شروع ڪيائون. ڇويھ ورھين جي عمر ۾ فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائون ۽ ڪيپٽن جي عھدي تي فائز ٿيا. برطانيہ ۽ فرانس جي ٻين جنگ ۾ جيڪا ڪرناٽڪ ۾ ٿي، ڪلائيو شھرت ماڻي. 1753ع ۾ ڪلائيو انگلستان ھليو ويو، وري ٻن ورھين کان پوءِ ايڊمرل واٽسن جي سپھ سالاري ۾ سوارن جي ھڪ دستي سان واپس آيا. ڪلائيو بنگال ۾ انگريزن جي خلاف رقابت کي فرانسيسين جي دل مان ھميشہ جي لاءِ ڪڍي ڇڏيو.[16] جون 1757ع ۾ پلاسي جي جنگ ۾ ھڪ سازش جي ذريعي نواب سراج الدولہ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ان کان پوءِ ڪلائيو مير جعفر کي بنگال جو نواب بڻائي ڇڏيو. ڪلائيو 1760ع ۾ وري انگلستان ھليا ويا.

بنگال جو گورنر[سنواريو]

1765ع ۾ لارڊ ڪلائيو بنگال جي گورنر ۽ ڪمانڊر جي حيثيت سان واپس آيا. کين مغل شھنشاھ شاھ عالم ثاني، نواب اوڌ ۽ نواب بنگال سان برطانيہ جا لاڳاپا استوار ڪرڻ کان سواءِ انتظاميہ جي حالت بھتر ڪرڻ جو اھم ترين ڪم سونپيو ويو. پاڻ الھ آباد ۽ ويجھن ضلعن سان گڏ نواب اوڌ کي ان جي تمام جاگير پنجاھ لک روپين عيوض واپس ڪري ڇڏي. لارڊ ڪلائيو برطانيہ حڪومت جي لاءِ ھڪ معاھدي جي ذريعي شاھ عالم ثاني کان بنگال، بھار ۽ اوڙيسہ جون ديوانيون حاصل ڪري ورتيون ۽ مغل شھنشاھ کي ڇويھ لک روپيہ سالانہ ڏيڻ ج وعدو ڪيو. ھون صوبن جي ذريعي آمدني تي ڪمپني جي لاءِ سڌو سنئون قبضو حاصل ڪري ورتو ۽ حڪمراني بنگال جي نواب جي لاءِ ڇڏي ڏني. لارڊ ڪلائيو غير سرڪاري تجارت ختم ڪري بد اطواري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ ملٽري افسرن جو فيلڊ الاؤنس بہ ختم ڪري ڇڏيائين. 1767ع ۾ ھن ھميشہ جي لاءِ ھندستان ڇڏي ڏنو. انگلستان ۾ سندن تي رشوت وٺڻ جو الزام لڳايو ويو. صرف ھڪ سال ۾ ڪلائيو 11 لک 70 ھزار ڊالر جي رشوت ورتي ۽ 1 لک 40 ھزار ڊالر سالانہ نذرانو وٺڻ شروع ڪيو. تحقيق ۾ کين ڏوھاري ڄاتو ويو، پر برطانيہ جي خدمت جي بدلي کيس معافي ڏني وئي. انھن سڀني ڳالھين سان گڏ ملڪ جي لاءِ سندن جي خدمتن جو اعتراف بہ ڪيو ويو پر ڪلائيو لنڊن ۾ 22 نومبر 1774ع تي خودڪشي ڪري ڇڏي.[17][18]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Clive, Robert — مصنف: Alexander John Arbuthnot — شائع شدہ از: Dictionary of National Biography, 1885–1900
  2. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13558043p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Robert-Clive-1st-Baron-Clive-of-Plassey — subject named as: Robert Clive — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  4. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6rx9qm4 — subject named as: Robert Clive — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. NE.se ID: https://www.ne.se/uppslagsverk/encyklopedi/lång/robert-clive — subject named as: Robert Clive — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Nationalencyklopedin
  6. Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/20616 — subject named as: Robert Clive — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. The Peerage person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4638&url_prefix=https://www.thepeerage.com/&id=p4986.htm#i49851 — subject named as: Robert Clive, 1st Baron Clive of Plassey — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  8. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/clive-robert — subject named as: Robert Clive — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=Robert_Clive — subject named as: Robert Clive — عنوان : Store norske leksikon
  10. Kindred Britain ID: http://kindred.stanford.edu/#/kin/full/none/none/I11466 — subject named as: Maj.-Gen. Sir Robert Clive — عنوان : Kindred Britain
  11. subject named as: Robert Clive, 1st Baron Clive of Plassey — عنوان : Clive, Robert, 1st Baron Clive of Plassey — شائع شدہ از: Grove Art Online — https://dx.doi.org/10.1093/GAO/9781884446054.ARTICLE.T018194
  12. GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=cliver — subject named as: Robert Clive
  13. Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/15614 — subject named as: Clive, Robert, baron of Plassey — عنوان : Proleksis enciklopedija
  14. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13558043p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  15. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=hka2010587328 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
  16. جامع اردو انسائڪلوپيڊيا (جلد 2، تاريخ)، قومي ڪونسل برائي فروغ اردو زبان نئي دھلي، 2000ع، ص 316
  17. جامع اردو انسائڪلوپيڊيا (جلد 2، تاريخ)، قومي ڪونسل برائي فروغ اردو زبان نئي دھلي، 2000ع، ص 317
  18. رابرٽ ڪلائيو، دائرۃالمعارف برطانيڪا آن لائن

سانچو:Kolkata topics