عباسي خلافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(خلافت عباسيہ کان چوريل)
خلافت عباسيہ

ٱلْخِلَافَة ٱلْعَبَّاسِيَّة
750 1258 (بغداد ۾ زوال )
1261– 1517 (قاھرہ ۾ زوال)
Flag of عباسي
Location of عباسي
حیثیت ايمپائر
(750–1258)
رسمي شاھي گھراڻي جي بنياد تي قاھرہ ۾ مملوڪ سلطنت
(1261–1517)
گادي جو هنڌ
مذهب سني اسلام
حڪومت خلافت

عباسي خلافت (Abbasid dynasty), اسلام جي عظيم ۽ اهم خلافت هئي. خلافت اميہ جي خاتمي سان عباسي گھراڻي ھن نئين خلافت جو بنياد وڌو . خلافت جو نالو عباسين حضرت محمد صلي عليه والهٖ وسلم جي ننڍي چاچي حضرت عباس رضي الله عنه (566-653) جي پٺيان رکيو. انھن جي دعويٰ هئي تہ اھي حضرت عباس رضي الله عنه جي پشت مان آهن. هنن حڪومت گهڻو ڪري بغداد هاڻوڪي عراق مان ڪئي. ھن خلافت جو بنياد 750ع ۾ أبو العباس عبد الله بن محمد السفّاح رکيو جيڪو عباسي گھراڻي جو پھريون خليفو ھيو. اھا خلافت بغداد ۾ 1258 ۾ ختم ٿي[2]، پر رسمن مصر ۾ 1517 تائين قائم رھي.

شروع ۾ هنن ڪوفي کي پنهنجي خلافت جو مرڪز بڻايو پر بعد ۾ خليفي المنصور 662 ۾ ساناني سلطنت جي گادي جي هنڌ سيٽسفون ڀرسان بغداد جو شهر جو بنياد رکيو جيڪو ايران جي سرحد جي ڀرسان هو. ان وقت خلافت عباسيہ گهڻو تڻو ايراني ڪامورن تي اعتماد ڪيو ۽ ڪيترن حڪمران خليفن ايراني رسمون کي پڻ اپنايو.

عباسين جو دور اسلام جو سنهري دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ بغداد علم ادب سائنس تحقيق ايجادات جو مرڪز بڻجي ويو هر طرف کان ماڻهن علم حاصل ڪرڻ لاء بغداد جو رخ ٿي ڪيو.

مملوڪ سلطنت جي سلطان ملڪ ظاهر بيبرس عباسي شهزادي ابو القاسم احمد جي هٿ تي بعيت ڪئي. ۽ عباسين جو خطبو پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ انهن جو سڪو بڻ جاري ڪيو. ان کان پوء خلافت عباسيہ جو مرڪز قاهره بڻجي ويو. پر 1517 ۾ عثمانيه خلافت ۾ قاهره جي فتح سان عباسي خلافت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو.

تاريخ[سنواريو]

بنو اميہ جي خلافت جو خاتمو ان پروپيگنڊا سان ٿيو تہ انھن خلافت جي اصولن کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ اھو مطالبو بہ اٿيو ته خلافت حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي رضه جي خاندان بني ھاشم کي ملڻ کپي، شيعن کي حضرت علي جي وارثن سان عقيدت ھئي پر عباسين انقلاب جي سرواڻي پئي ڪئي انھن پاڻ کي حضرت عباس رضہ جي نسبت سان بني ھاشم گھراڻي مان وارث قرار ڏئي اقتدار پنھنجي ھٿ ۾ ورتو[2].1258 ۾ منگولن بغداد تي حملو ڪري بغداد کي تباھ ڪري ۽ عباسي گھراڻي جي فردن جو قتل عام ڪري ھن خلافت جو خاتمو آندو. ھن گھراڻي جا ڪجهه فرد مصر ڀڄي ويا جتي عباسين جي ھڪ نالي ماتر حڪومت قائم رھي[2].

زوال[سنواريو]

عباسي خلافت ٻن صدين تائين بغداد مان خلافت ڪئي پر بعد ۾ هنن جي خلافت وڏي تيزي سان گهٽجڻ لڳي ايران ۾ مقامي حڪمرانن واڳون سنڀاليون جڏهن تہ آفريڪا ۾ شيعن خلافت فاطميہ جو بنياد رکيو. ۽ الغابيہ سلطنت پڻ اتر آفريڪا ۾ وجود ۾ آئي. سنڌ ۽ مسلم اسپين جون واڳون پڻ هنن جي هٿن مان نڪري ويون. پر آخر ۾ منگول سلطنت حڪمران هلاڪو خان جي هٿ هيٺ عباسن جو 1258 ۾ مڪمل خاتمو آندو.

خليفا جي فهرست[سنواريو]

نمبر خليفا لقب خلافت خلافت جي گادي جو هنڌ
1 أبو العباس عبد الله السفاح - 25 جنوري 750 - 10 جون 754 بغداد
2 أبو جعفر عبدالله بن محمد المنصور المنصور 10 جون 754 - 6 آڪٽوبر 775 بغداد
3 أبو عبد الله محمد بن عبد الله المنصور‎ المهدي 6 آڪٽوبر 775 - 24 جولاء 785 بغداد
4 أبو محمد موسى بن المهدي الهادي الهادي 24 جولاء 785- 14 سيپٽمبر 786 بغداد
5 هَارُون الرَشِيد 14 سيپٽمبر 786 - 24 مارچ 809 بغداد
6 محمد الأمين بن هارون الرشيد الامين 24 مارچ 809 - 27 سيپٽمبر 813 بغداد
7 أبو العباس المأمون المامون 27 سيپٽمبر 813 - 7 آگسٽ 833 بغداد
8 أبو إسحاق محمد بن هارون الرشيد‎ المعتصم 9 آگسٽ 833 - 5 جنوري 842 بغداد
9 أبو جعفر هارون بن محمد المعتصم‎ الواثق باللہ 5 جنوري 842 - 10 آگسٽ 847 بغداد
10 جعفر بن محمد المعتصم بالله‎ المتوڪل 10 آگسٽ 847 - 10 ڊسمبر 861 بغداد
11 أبو جعفر محمد‎ المنتصر بالله 11 ڊسمبر 861 - 7 جون 862 بغداد
12 أحمد بن محمد المستعين بالله 8 جون 862 - 17 آڪٽوبر 866 بغداد
13 أبو عبد الله محمد بن جعفر‎ المعتز 25 جنوري 866 - 13 جولاء 869 بغداد
14 أبو إسحاق محمد المهتدي بالله المهتدي 21/22 جولاء 869 - 21 جون 870 بغداد
15 أبو العباس أحمد المعتمد على الله المعتمد 16 جون 870 - 15 آڪٽوبر 892 بغداد
16 أحمد المعتضد بالله المعتضد بالله 15 آڪٽوبر 892 - 5 اپريل 902 بغداد
17 أبو محمد علي بن أحمد‎ المڪتفي بالله‎ 5 اپريل 902 - 13 آگسٽ 908 بغداد
18 أبو الفضل جعفر بن أحمد المعتضد المقتدر بالله‎ 13 آگسٽ 908 - 28 فيبروري 929 بغداد
19 أبو منصور محمد القاهر بالله القاهر بالله‎ مارچ 929 بغداد
ٻيو دفعو أبو الفضل جعفر بن أحمد المعتضد‎ المقتدر بالله‎ 2 مارچ 929 - 31 آڪٽوبر 932 بغداد
ٻيو دفعو أبو منصور محمد القاهر بالله القاهر بالله‎ 31 آڪٽوبر 932 - 24 اپريل 934 بغداد
20 أبو العباس محمد بن جعفر المقتدر‎ الراضي بالله‎ 24 اپريل 934 - 12 ڊسمبر 940 بغداد
21 أبو إسحاق إبراهيم المتقي لله المتقي 15 ڊسمبر 940 - 26 آگسٽ 944 بغداد
22 أبو القاسم عبد الله المستڪفي بالله‎ 26 آگسٽ 944 - 28 جنوري 946 بغداد
23 أبو القاسم الفضل المطيع لله‎ 28 جنوري 946 - 4 آگسٽ 974 بغداد
24 أبو بڪر عبد الڪريم الطائع بالله 4 آگسٽ 974 - 30 آڪٽوبر 991 بغداد
25 أبو العباس أحمد القادر 1 نومبر 991 - 29 نومبر 1031 بغداد
26 أبو جعفر عبد الله القائم بامر الله القائم بامر الله 29 نومبر 1031 - 2 اپريل 1075 بغداد
27 أبو القاسم عبد الله المقتدى 2 اپريل 1075 - 3 فيبروري 1094 بغداد
28 أبو العباس أحمد المستظهر بالله المستظهر 3 فيبروري 1094 - 6 آگسٽ 1118 بغداد
29 أبو منصور الفضل المسترشد بالله المسترشد بالله 6 آگسٽ 1118 - 29 آگسٽ 1135 بغداد
30 هو أبو جعفر المنصور الراشد بالله الراشد 29 آگسٽ 1135 - 17 آگسٽ 1136 بغداد
31 أبو عبد الله محمد المقتفي لأمر الله المقتفي لأمر الله 17 آگسٽ 1136 - 12 مارچ 1160 ع بغداد
32 المستنجد بالله أبو المظفر يوسف المستنجد بالله 12 مارچ 1160 - 18 ڊسمبر 1170 بغداد
33 أبو محمد الحسن بن يوسف المستضيء بأمر الله 18 ڊسمبر 1170 - 27 مارچ 1180 بغداد
34 أبو العباس أحمد الناصر لدين الله 28 مارچ 1180 - 5 آڪٽوبر 1225 بغداد
35 أبو النصر محمد الظاهر بأمر الله الظاهر بأمر الله 5 آڪٽوبر 1225 - 10 جولاء 1226 بغداد
36 أبو جعفر "المستنصر بالله" المنصور المستنصر بالله 10 جولاء 1226 - 5 ڊسمبر 1242 بغداد
37 أبو عبد المجيد "المستعصم بالله" عبد الله المستعصم باللہ 5 ڊسمبر 1242 - 20 فيبروري 1258 ع بغداد
38 أبو القاسم أحمد بن محمد الظاهر المستنصر بالله ٻيون 13 جون 1261- 28 نومبر 1261 قاہرہ
39 أبو العباس أحمد الحاڪم بأمر الله پهريون 21 نومبر 1262 - 19 جنوري 1302 قاہرہ
40 أبو الربيع سليمان المستڪفي بالله 20 جنوري 1302 - فيبروري 1340 قاہرہ
41 إبراهيم الواثق بالله الواثق بالله پهريون فيبروري 1340 - 16 جون 1341 ع قاہرہ
42 أحمد الحاڪم بأمر الله الحاڪم بأمر الله ٻيون 1341– 1352 قاہرہ
43 أبو بڪر المعتضد بالله المعتضد بالله پهريون 1352- 1362 قاہرہ
44 أبو عبد الله محمد المتوڪل على الله پهريون 1362- 1377 قاہرہ
45 زڪريا المستعصم بالله المستعصم بالله 1377 - 1377 قاہرہ
ٻيو دفعو أبو عبد الله محمد المتوڪل على الله پهريون 1377- سيپٽمبر 1383 قاہرہ
46 عمر الواثق بالله الواثق بالله ٻيون سيپٽمبر 1383- 13 نومبر 1386 ع قاہرہ
ٻيو دفعو زڪريا المستعصم بالله المستعصم بالله 1386ع - 1389ع قاہرہ
ٽيون دفعو أبو عبد الله محمد المتوڪل على الله پهريون 1389 - 1406ع قاہرہ
47 أبو الفضل العباس المستعين بالله المستعين بالله 1406ع - 1414ع مصر جي سلطان طور
48 أبو الفتح داود المعتضد بالله 1414- 23 جولاء 1441 ع قاہرہ
49 سليمان المستڪفي بالله المستڪفي بالله ٻيون 23 جولاء 1441- 29 جنوري 1451 ع قاہرہ
50 أبو البقاء حمزة القائم بأمر الله 1451- 1455ع قاہرہ
51 أبو المحاسن يوسف المستنجد بالله 1455- 7 اپريل 1479 قاہرہ
52 عبد العزيز المتوڪل على الله ٻيون 8 اپريل 1479- 27 سيپٽمبر 1497 قاہرہ
53 يعقوب أبو الصبر المستمسڪ بالله المستمسڪ بالله 27 سيپٽمبر 1497-1508 قاہرہ
54 محمد بن يعقوب المتوڪل على الله ٽيون 1508 - 1516 قاہرہ

محمد بن يعقوب کان پوءَ عباسي خاندان جي حڪومت ختم ٿئي ۽ سنطنت عثمانيه جي حڪومت شروع ٿي.

  1. The Abbasid Revolution against the Umayyad Caliphate adopted black for its rāyaʾ for which their partisans were called the musawwids. Tabari, Jane McAuliffe, وڪي نويس., Abbāsid Authority Affirmed, SUNY, صفحو. 124  Their rivals chose other colours in reaction; among these, forces loyal to Marwan II adopted red. Patricia Crone (2012). The Nativist Prophets of Early Islam. p. 122. . The choice of black as the colour of the Abbasid Revolution was already motivated by the "black standards out of Khorasan" tradition associated with the Mahdi. The contrast of white vs. black as the Umayyad vs. Abbasid dynastic colour over time developed in white as the colour of Shia Islam and black as the colour of Sunni Islam: "The proselytes of the ʿAbbasid revolution took full advantage of the eschatological expectations raised by black banners in their campaign to undermine the Umayyad dynasty from within. Even after the ʿAbbasids had triumphed over the Umayyads in 750, they continued to deploy black as their dynastic colour; not only the banners but the headdresses and garments of the ʿAbbasid caliphs were black [...] The ubiquitous black created a striking contrast with the banners and dynastic color of the Umayyads, which had been white [...] The Ismaili Shiʿite counter-caliphate founded by the Fatimids took white as its dynastic color, creating a visual contrast to the ʿAbbasid enemy [...] white became the Shiʿite color, in deliberate opposition to the black of the ʿAbbasid 'establishment'." Jane Hathaway, A Tale of Two Factions: Myth, Memory, and Identity in Ottoman Egypt and Yemen, 2012, p. 97f. After the revolution, Islamic apocalyptic circles admitted that the Abbasid banners would be black but asserted that the Mahdi's standard would be black and larger. David Cook (2002). Studies in Muslim Apocalyptic, p. 153. Anti-Abbasid circles cursed "the black banners from the East", "first and last". Patricia Crone (2012). The Nativist Prophets of Early Islam. p. 243. 
  2. 2.0 2.1 2.2 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages#52,