ھڪھٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھڪھٽي __ اجاراداري__مونوپولي__Monopoly:

اھڙا معاھدا جن جو مقصد ھڪھٽي يا مونوپولي پيدا ڪرڻ ھجي باطل آھن ڇوته اھي انگريزي قانون مطابق مصلحت عام يا پبلڪ پاليسي جي ابتڙ ھوندا آھن اھڙو فيصلو مدراس جي ھاء ڪورٽ 1928 ۾ ڏئي چڪي آهي. معاھدي جي قانون Contact Act جي قلم 23 جي مطابق به نافذ ٿيڻ جي قابل آهن. پٽنا جي ھاء ڪورٽ 1938 ۾ فيصلو ڏنو تہ اھڙو معاھدو يا اجازت نامو جنھن تحت ھڪ شخص کي حق ڏنو وڃي تہ زمينداري علائقي جي سڀني مردہ جانورن جون کلون جمع ڪري ۽ مردہ جانورن ۽ چمڙيءَ وارن کي ان معاھدي تحت پابند ڪيو وڃي تہ اھي ان اجازت يافتہ شخص کانسواءِ ڪنھن ٻئي کي کلون نہ وڪڻن، اھا ھڪھٽي يا اجاراداري آھي ۽ اھڙو معاھدو قانون ۾ ناقابل نفاذ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب: قانوني لغت:؛ مرتب: جسٽس ڊاڪٽر تنزيل الرحمان؛ ايڊيشن:2013؛ پي.ايل.ڊي.پبلشرز،لاھور