ھيپاٽائٽس اي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھيپاٽائٽس اي
Hepatitis A
Synonyms وچڙندڙ ھيپاٽائٽس
مريض جي تصوير جنھن کي ھيپاٽائٽس اي جي ڪري ڪامڻ ٿيو آهي
مھارت وچڙندڙ بيماري, گيسٽروئينٽرالاجي(مادي ۽ آنڊن جي بيمارين جو علم)
آثار دل ڪچي ٿيڻ، الٽي، دست، ڪاراٺيل پيشاب، ڪامڻ، بخار، پيٽ جو سور[1]
خرابي جگر جي شديد خرابي[1]
معمول واري اٿل انفيڪشن کان 2–6 ھفتا پوءِ [2]
مدو 8 ھفتا[1]
ڪارڻ ھيپاٽووائرس اي سان وچڙيل گنھ جو کاڌي يا پاڻي ۾ شامل ٿي وڃڻ
تشخيصي طريقو رت جي چڪاس
پرھيز ھيپاٽائٽس اي واري وئڪسين, کاڌي پچائڻ يا کائڻ کان اڳ ۾ ھٿ ڌوئڻ[1][3]
علاج ھمٿائيندڙ سنڀال, جيري جي پيوندڪاري[1]
ورجاء 2015 ۾ 1140 لک آثارن ۽ بغير آثارن وارا 114 [4]
موت 11,200[5]

ھيپاٽائٽس اي (انگريزي: Hepatitis A ) جيري يا جگر جي ھڪ بيماري آھي جيڪا ھيپاٽووائرس اي(انگريزي: Hepatovirus A ) يا (HAV) جي ڪري ٿيندي آھي. [6] کوڙ مريضن خاص طور تي ننڍڙي عمر وارن کي ٿورڙن آثارن سان يا بغير آثارن جي ٿيندي آهي. بيماري جي انفيڪشن ۽ آثارن ظاھر ٿيڻ جي وچ وارو وقت ٻہ کان ڇھ ھفتن جو ھوندو آھي.[2] بيماري جا آثار شروع ٿيڻ بعد اٺن ھفتن تائين جاري رھندا آھن ۽ ان جا کوڙ آثار ھوندا آھن جن۾ دل ڪچي ٿيڻ، الٽي، دست، ڪامڻ، بخار ۽ پيٽ جو سور شامل ھوندا آھن.[1] جيري يا جگر جي مڪمل نڪارگي ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آھي سابہ وڏي عمر جي مريضن ۾ .[1]وائرس واري گنھ لڳل کاڌي يا پاڻي واپرائڻ ڪري ھيپاٽووائرس جسم اندر داخل ٿي انفيڪشن پيدا ڪندو آهي ۽ اھڙي طرح اھا بيماري گنھ ذريعي ڦھلجندي آهي. [1]ڪچي رڌل کوپي واري مڇي مان بہ ڦھلجندي آهي .[7] اھا انفيڪشن واري ماڻھو سان ويجھو ٿيڻ تي بہ ڦھلجندي آهي. ٻارن م آثار ظاھر نہ ٿيڻ جي ڪري انھن مان ٻين ڏي جلدي ڦھلجندي آهي .[1] ھڪ دفعو ٿيڻ کان پوءِ ان ماڻھوءَ کي زندگيءَ ۾ ٻيھر نہ لڳندي آهي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 Matheny, SC; Kingery, JE (1 December 2012). "Hepatitis A.". Am Fam Physician 86 (11): 1027–34; quiz 1010–1012. PMID 23198670. http://www.aafp.org/afp/2012/1201/p1027.html. 
  2. 2.0 2.1 Connor BA (2005). "Hepatitis A vaccine in the last-minute traveler". Am. J. Med. 118 (Suppl 10A): 58S–62S. doi:10.1016/j.amjmed.2005.07.018. PMID 16271543. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Irv2012
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named GBD2015Pre
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named GBD2015De
  6. Ryan KJ, Ray CG (editors) (2004). Sherris Medical Microbiology (4th ed.). McGraw Hill. pp. 541–4. ISBN 978-0-8385-8529-0. 
  7. Bellou, M.; Kokkinos, P.; Vantarakis, A. (March 2013). "Shellfish-borne viral outbreaks: a systematic review.". Food Environ Virol 5 (1): 13–23. doi:10.1007/s12560-012-9097-6. PMID 23412719.