ھاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھاريءَ (انگريزي ٻولي: Peasant) جا ڪيترائي قسم آھن، جن مان مکيه هي ٻه آھن.

سرڙيو ھاري[سنواريو]

ھي اُھو ھاري آھي، جنھن کي پنھنجي ڪابه شيءِ نه ھوندي آھي. ڏاندن جو جوڙو، ھلٽ، زمين وغيره سڀ زميندار جا ھوندا آھن. ھاري زميندار کان پنج يا ڏھ ھزار قرض کڻي وڏيري جي زمين تي اُن جي ڏاندن ۽ ھلٽ ٻج ڀاڻ وغيره جي ذريعي صرف پنھنجي محنت خرچ ڪندو آھي ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي پيدائش جي چوٿين حصي جو مالڪ ٿيندو آھي. کيس جيئن ته محنت ڪرڻ (پوکڻ) لاءِ محدود زمين جو ٽُڪرو ڏنو ويندو آھي، ان ڪري سندس ملڪيت وارو چوٿون حصو جيڪو تمام ٿورو ٿيندو آھي، سو به وڏيرو قرض ۾ کڻي ويندو آھي ۽ حساب ڪتاب کان پوءِ خبر پوندي آھي ته ھاري جيڪڏھن پنج ھزار قرض کنيو آھي ته سال پوري ٿيڻ تي اھو ڏھ ھزار ٿي چڪو ھوندو آھي. جيڪا زمين ھو پوکيندو آھي ان تي سندس ڪوبه قانوني حق نه ھوندو آھي. ان ڪري وڏيرو جنھن وقت چاھي اُن کي ٻنيءَ تان بي دخل ڪري سگھي ٿو. پر عام طور وڏيرا قرضي ھارين کي بي دخل ناھن ڪندا، پر سندن قرض ۾ ٻين وڏيرن وٽ وڪرو ڪندا آھن ۽ اُھي نوان وڏيرا قيدين وانگر ڀڄي وڃڻ جي ڊپ کان ھارين کي ڪِن جاين تي رات جو زنجيرن ۾ ٻڌي قابو ڪندا آھن. ان کان سواءِ قرض کڻي بيھندو ته ھڪ ھاري آھي، پر زميندار وٽ گروي پورو خاندان ھوندو آھي. ننڍڙي ٻار کان وٺي مرد عورتون سڀ ان زمين ٽُڪري تي محنت ڪندا آھن پوءِ به کين ھڙ حاصل ڪجهه نه ٿيندو آھي. جيڪڏھن سندس سالياني پيدائش جو سراسري ڪاٿو لڳايو وڃي ته في ماڻھو چار آنا روزانو جي حساب سان سندن تاريخ ڪانه ٿي ڇُٽي. ڪيترن ڪاغذي قانونن ۽ مارشل لا ضابطن جي جاري ٿيڻ جي باوجود اڄ سوڌو ھاري ڀاڻ، ٻِج، ڇيڙ ۽ وڏيرن جو گھرو ڪم ڪار لازمي طرح ڪن ٿا. ٻي صورت ۾ مٿن ڳرا ڏَنڊ ۽ چَٽيون وڌيون وينديون آھن. ان سڀ جي باوجود ھاريءَ جي زندگي، صحت ۽ عزت نفس لاءِ ڪو قانون ناھي. سندس ڪم جو وقت مقرر نه آھي. اُھو گھر جي سمورن ڀاتين سميت رات ڏينھن جا چوويھ ئي ڪلاڪ ڪم ڪندو آھي، مرڻ، بيمار ٿيڻ، معزور ٿيڻ، نانگن ۽ بلائن کان ڏنگجڻ واري صورت ۾ پاڪستان جي سرڪار ھاريءَ جي معاملي ۾ اِئين بي پرواھ آھي جيئن رنڊي بستري تان گراھڪ اُٿارڻ کان پوءِ بي پرواھ ٿي ويندي آھي.

پنھنجي جوڙي ۽ ھلٽ وارو ھاري[سنواريو]

هيءُ هاري به سنڌ ۾ عام جام آھي. اھو پنھنجي جوڙي ھلٽ اڌ ڀاڻ ٻِج جي عيوضي ڪنھن زميندار کان ٻنيءَ ٽُڪر وٺي آباد ڪندو آھي. سنڌ جا خاص ڪري اھي ضلعا جتي زمينداري نظام جو گھاڻو پوري قوت سان گھمندو ٿو رھي، اُتي اھو ھاري به ساڳين اُنھن حالتن جو شڪار آھي، جن جو شڪار سرڙيو ھاري آھي. جيڪا زمين ھو پوکي ٿو، تنھن تي ھِن کي ڪوبه قانوني حَق نه آھي سواءِ انجي ته ڪاغذي طرح ھو پيدائش جي اڌ جو مالڪ آھي. پر پيدائش جو اھو اڌ به دوائن، ڀاڻ، ٻِج، ٽريڪٽر جي کڙ ۽ ٿريشر جي ڳاھ ۽ وائر جي بلٽ جي حوالي ٿي ويندو آھي. عام طور نسبتي طرح انجي سطح ڪجهه مٿاھين ھوندي آھي ان ڪري وڏيرا اھڙي ھاريءَ کي زمين ٽُڪر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آھن يا اھڙا ور وڪڙ ڏيندا آھن جو ھو وڏيري وٽ محتاج ھوندو آھي. ان ڪري تاريخي طرح سنڌ جي معروضي حالتن ۾ ھاريءَ ۾ پنھنجي حالت جي تبديليءَ لاءِ بغاوت جا عنصر موجود آھن. پر جيئن ته ھاريءَ جي جيڪا بنيادي ڪمزوري آھي يعني ڇڙوڇڙ رھڻ، پري پري ھجڻ. [1] [2] [3]

  1. سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-01 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: سنڌي سماج جو جائزو، ليکڪ: عبدالواحد آريسر