ڪيمبرج يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيمبرج يونيورسٽي
فائل:University of Cambridge coat of arms official version.svg
ڪيمبرج يونيورسٽي جو نشان
لاطيني ٻولي: Universitas Cantabrigiensis
چونڊيل چوڻي ھن جاء تان اسان کي جاڳرتا ۽ قيمتي ڄاڻ ملي ٿي
قسم پبلڪ تحقيقي يونيورسٽي
سرگرم 1209
سهڪار £6.441 billion (including colleges) (as of 31 2018) [3]
بجٽ £1.965 

ارب پائونڊ (جنھن ۾ ڪاليجون شامل ناھن)

[4]
چانسلر لارڊ سئنسبري آف ٽرول
وائيس چانسلر اسٽيفن ٽوپ [5]
تدريسي عملو
7,913[6]
انتظامي عملو
3,615[6]
شاگرد سانچو:HESA student population (سانچو:HESA year)[7]
انڊر گريجوئيٽ سانچو:HESA undergraduate population (سانچو:HESA year)[7]
پوسٽ گريجوئيٽ سانچو:HESA postgraduate population (سانچو:HESA year)[7]
پتو ڪيمبرج ، انگلينڊ، يونائيٽيڊ ڪنگڊم
ڪيمپس يونيورسٽي ٽائون
288 هيڪٽر (710 acre)[8]
رنگ      ڪيمبرج نيرو[9]
لاڳاپا
ويب سائيٽ cam.ac.uk
فائل:University of Cambridge logo.svg


يونيورسٽي آف ڪيمبرج: (انگريزي: University of Cambridge) يا ڪيمبرج يونيورسٽي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ملڪ انگلينڊ جي ھڪ جڳ مشھور پبلڪ ۽ تحقيقي يونيورسٽي جيڪا دنيا جي سڀ کان پراڻن بچي ويل درسگاھن ۾ شامل آهي. ھن درسگاهه جو بنياد 1209 ۾ پيو ۽ ان جي منظوري 1231 ۾ ھينري ٽئين شاھي چارٽر ذريعي ڏني. انگريزي ٻوليءَ جي دنيا ۾ ھي ٻيون نمبر پراڻي درسگاھ آهي ۽ دنيا جي درسگاهن ۾ اھا دنيا جي چوٿون نمبر پراڻي درسگاھ آهي.[10] ھن يونيورسٽي جو بنياد آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن وڌو جن کي شھر جي ماڻھن جي تڪرار ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان نيڪالي ڏني وئي ھئي.[11] انھن ٻنھن قديم درسگاهن م ڪافي ھڪجھڙائي رھندي آئي ۽ اڪثر ٻنھي کي تذڪري دوران گڏائي آڪسبرج سڏيو ويندو آهي. تاريخي طور تي پوء بہ ڪيمبرج يونيورسٽي دنيا جي درسگاهن ۾ وڌيڪ شانائتو مقام رکندڙ آھي. [12] ھن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جو تعداد 31 آهي ان کان علاوه ھڪ سؤ شعبن وارا ڇھ اسڪول پڻ لاڳاپيل اٿس. يونيورسٽي جو ھڪ شعبو ڪيمبرج يونيورسٽي پريس آهي جيڪا دنيا جو قديم ڇاپخانو آھي ۽ دنيا جي ٻيون نمبر پراڻي يونيورسٽي پريس آهي. ھن يونيورسٽي جو ھڪ شعبو يونيورسٽي آف ڪيمبرج لوڪل اگزيمنيشنس سينڊيڪيٽ جنھن کي ڪيمبرج امتحانن جو شعبو بہ چون ٿا. اھو شعبو دنيا جي ھر اول امتحان وٺندڙ ادارن ۾ سر فھرست آھي جيڪو ھر سال اسي لک شاگردن جي امتحانن جي چڪاس ڪندي نتيجا ڪڍندو آهي. يونيورسٽي جي نگراني ۾ فٽزوليم ميوزيم، نباتاتي باغ سميت اٺ ثقافتي ۽ سائنسي ميوزيم پڻ آهن. يونيورسٽي جي ڪتبخانن ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڪتاب آھن جن مان اسي لک ڪتاب رڳو يونيورسٽي جي مرڪزي ڪتبخاني ڪيمبرج يونيورسٽي لائبريري ۾ آھن.31 جولاءِ 2018 تي پوري ٿيندڙ مالياتي سال تي يونيورسٽي جي، ڪاليجن جي آمدني کان سواءِ، جملي آمدني 1.965 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھئي جنھن مان رڳو ساڍا پندرھن ڪروڙ اسٽرلنگ پائونڊ آمدني تحقيق گرانٽ ۽ معاھدن مان ھئي. [4] ساڳي سال مرڪزي يونيورسٽي ۽ ان جي ڪاليجن جي گڏيل امدادي آمدني 6.4 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھئي ۽ يونيورسٽي جا جملي اثاثا 12.2 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھيا .[4] 2019 ۾ ان جي اثاثن ۾ 40 ڪروڙ اسٽرلنگ پائونڊ جو اضافو ٿيو. ان ڪري کيس يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي امير ترين يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي.[13] ٽائيمز جي سروي مطابق 2019 جي شمار ۾ ھي يونيورسٽي برطانيا جي سڀ کان بھترين درسگاھ ھئي ۽ دنيا جي ٻيون نمبر بھترين درسگاھ ھئي

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Accounts of the Colleges 2017-18" (PDF). حاصل ڪيل 11 June 2019. 
  2. "REPORTS AND FINANCIAL STATEMENT 2018" (PDF). University of Cambridge. حاصل ڪيل 11 June 2019. 
  3. Colleges £3,188.2M,[1] University (consolidated) £3,253.0M[2]
  4. 4.0 4.1 4.2 "Reports and Financial Statements for the year ended 31 July 2018 - Cambridge University Reporter 6530". www.admin.cam.ac.uk. 
  5. "New Vice-Chancellor for Cambridge" (en ۾). University of Cambridge. 2 October 2017. https://www.cam.ac.uk/news/new-vice-chancellor-for-cambridge-0. 
  6. 6.0 6.1 "Facts and Figures January 2018" (PDF). University of Cambridge. حاصل ڪيل 1 April 2018. 
  7. 7.0 7.1 7.2 سانچو:HESA citation
  8. "Estate Data". Estate Management. University of Cambridge. حاصل ڪيل 1 April 2018. 
  9. "Identity Guidelines – Colour" (PDF). University of Cambridge Office of External Affairs and Communications. وقت 10 September 2008 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 March 2008. 
  10. Sager, Peter (2005). Oxford and Cambridge: An Uncommon History. 
  11. "A Brief History: Early records". University of Cambridge. حاصل ڪيل 17 August 2008. 
  12. "World's most prestigious universities 2016" (en ۾). Times Higher Education (THE). 4 May 2016. https://www.timeshighereducation.com/world-university-rankings/worlds-most-prestigious-universities-world-reputation-rankings-2016-results. 
  13. Adams, Richard; Greenwood, Xavier. "Oxford and Cambridge university colleges hold £21bn in riches". The Guardian.