ڪشمير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دال ڍنڍ تي شڪارہ نالي ڪاٺ جي ٻيڙي
ڪشمير
علائقائي تڪرار
ٻيا نالا: جمون ۽ ڪشمير، آزاد ڪشمير، لداخ
جاگرافي
Location of ڪشمير
مقام ڏکڻ ايشيا
انتظام ھيٺ
پاڪستان
ڀارت
چين
دعويدار ملڪ
پاڪستان
جمون ۽ ڪشمير، لداخ
ڀارت
آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان

ڪشمير(انگريزي: Kashmir ) ڏکڻ ايشيا جو ھڪ علائقو آهي جيڪو ھن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورھايل آھي ۽ ٻئي ملڪ ان جا دعويدار آھن. تاريخي طور تي ڪشمير لفظ ھماليه جي اولھندي پڇڙي جي ڏکڻ ۾ واقع ھڪ وادي لاء استعمال ٿيندو ھو پر ھاڻي اھو ھڪ وڏي علائقي لاء استعمال ٿيندو آهي جنھن ۾ انڊيا جي قبضي ۾ جمون ۽ ڪشمير (جنھن ۾ ڪشمير جي وادي، جمون ريجن ۽ لداخ شامل آهن) واري رياست، پاڪستان جي قبضي وارو آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ چين جي قبضي ۾ اڪسائي چن ۽ ٽرانس قراقرم ٽريڪٽ اچي وڃن ٿا. ڪشمير جي وادي گھٽ زرخيز آهي جبلن ۾ گھيريل ۽ ندين وارو علائقو آهي پر اھو قدرتي حسن ۽ سادي زندگي جي ڪري پوري دنيا ۾ مشھور آھي. اھا پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪراري سرحدي علائقي جو پڻ حصو آهي. ڪشمير جي ٽنھي ملڪن واري علائقي جي گڏيل پکيڙ 230,166.1 چورس ڪلوميٽر آهي.

نالو[سنواريو]

نيل ماتا پراڻ ۾ لکيل آهي تہ ان وادي جي ابتدا پاڻي مان ٿي ھئي. لفظ ڪا جي معنيَ آھي پاڻي ۽ لفظ شمير جي معنيَ آهي ترڪ ڪرڻ. اھڙي طرح ڪشمير جي معنيَ آھي پاڻي کان خالي سرزمين.