ڪرسٽين اسٽيورٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪرسٽين اسٽيورٽ ڪانز فيسٽيول 2014ع

ڪرسٽين جيمس اسٽيورٽ جو جنم 9 اپريل 1990ع تي لاس اينجلس، ڪيليفورنيا، آمريڪا ۾ ٿيو ۽ تمام ننڍڙي عمر ۾ هن آمريڪي اداڪاره شهرتن جو مٿاهون سفر طئہ ڪيو آهي. مشهور فلمي سيريز دي ٽوائلائيٽ ساگا ۾ سال 2008ع کان سال 2012ع تائين سندس ڪردار نوجوان نسل کي ديوانو بڻائي ويو آهي.

ٽوائلائيٽ سيريز انهن 5 سالن ۾ ساڍن 3 ڪروڙ ڊالرن کان مٿي جو ڪاروبار سڄيءَ دنيا ۾ ڪيو ۽ ڪرسٽين اسٽيورٽ کي جديد دور جو چهرو سڏيو وڃي ٿو.

پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات هن 5 سالن جي ڄمار کان ڪئي ۽ هڪدم شهرتن جي سفر تي رواني ٿي ويئي. جڏهن مشهور آمريڪي اداڪاره جوڊي فاسٽر جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيائين، تنهن وقت کان وٺي هن ٿرلر پينڪ روم، اسپيڪ، زٿورا، ان ٽو دي وائيلڊ، ايڊوينچر لينڊ، دي رن اويز، سنووائيٽ اينڊ دي هنسمين، ان دي روڊ، ڪيمپ ايڪسري، اسٽل الائيس ۽ ايڪوئلس ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس شمار تقريبن ڪروڙ ڊالرن جي آمدنيءَ جي ڪري هاليوڊ جي 10 مهانگين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو.

هن ’رائيزنگ اسٽار بافٽا ايوارڊ‘ ۽ سيزر ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو آهي.