ڊائنوسارز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا


اوھان 1993ع واري مشھور فلم جراسڪ پارڪ Jurassic Park تہ ضرور ڏٺي هوندي ۽ اهيو بہ سوچيو هوندو تہ ڇا ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھجي ٿو ان فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي تہ هڪ سائنسدان پاران امبر amber ۾ قيد ٿيل مڇر جي پيٽ ۾ موجود ڊائنوسارز جي رت مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي ڪڊهيو ويو ۽ پوءِ ان ڊي اين اي مان ڊائنوسارز ٻيھر پيدا ڪيا ويا امبر اڄڪلھ تہ هڪ قيمتي پٿر طور استعمال ٿيندو آهي پر هي دراصل خاص قسمن جي وڻن منجھان نڪرندڙ هڪ رس آهي جيڪو ڄمي ڪري پٿر ٿي ويندو آهي ان رس ۾ ننڊها جيت ڪرڙيون ڦاسي پون تہ نڪري ناهين سگھندا ۽ انجي اندر ئي قيد ٿي ويندا آهن لکن ڪروڙن سالن ۾ هي رس ڄمي ڪري پٿر ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ موجود جيتن ڪرڙين کي هاڻي بہ انھي حالت ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيئن اهوئي ڪروڙين سال اڳ هيا جڏهن اهوئي ان رس ۾ ڦاٿا هيا هي درست آهي تہ ڊائنوسارز جي زماني ۾ بہ مڇر ۽ ٻيا جيت موجود هيا جيڪي ڊائنوسارز جو رت پيئندا هيا انھن منجھان ڪافي جيت امبر ۾ ڦاسي ڪري پاڻ ہمیشہ جي لاءِ محفوظ ٿي ويا پر ايترو عرصو گذري وڃڻ سبب انھن جيتن جو ڊي اين اي ۽ انھن جي جسم جا سڀ حصا ٽوٽي ڦوٽي ويا آهن خاص طور انھن جي معدي ۾ موجود ڊائنوسارز جي رت ۾ ڊي اين اي جا سڀ ماليڪيولز ٽوٽي ڪري ڌار ٿي چڪا آهن پراڻي کان پراڻو کاڌو جنھن مان ان جانور جو ڊي اين اي حاصل ڪيو ويو آهي صرف ڏھ لک سال پراڻو آهي جڏهن تہ ڊائنوسارس کي ختم ٿيندي ساڊها ڇھ ڪروڙ سال ٿي چڪا آهن ائين جيڪڏهن اسان امبر ۾ قيد ٿيل مڇرن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهون ٿا جنھن حالت ۾ اهوئي امبر ۾ ڦاٿا هيا ۽ انھن جي معدي ۾ ڳاڙهي رت کي بہ ڏسي سگھون ٿا پر ان رت مان ڊي اين اي حاصل نٿو ڪري سگھجي.

اسان صفا ائين بہ نٿا چئجي سگھون تہ امبر ۾ قيد ٿيل جيتن ڪرڙين مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي حاصل نٿا ڪري سگھون گھڻا سائنسدان ان باري ۾ سوچيدا ضرور آهن تہ ڇا سائنس ڊائنوسارز کي ٻيھر تخليق ڪري سگھي ٿي

لنڊن ۾ نيچريل هسٽري ميوزيم جي paleontologist سوزي ميڊمنٽ جو بيان آهي تہ حقيقت ۾ جراسڪ پارڪ جھڙي ٽيڪنالوجي ممڪن ئي ناهي انجي برعڪس برطانيا جي هڪ يونيورسٽي جي ماھر جينيات جمال ناصر جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن امبر ۾ قيد ٿيل جيوت مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر ارتقا ڪو پھريان کان طي ٿيل عمل نہ آهي ائين دراصل ڊائناسورز جي ٻيھر ارتقا کي خارج امڪان قرار نٿو ڏئي سگهجي ارتقا ۾ اهڙو ڪو تصور نہ آهي تہ ارتقا هڪ ئي سمعت ۾ ٿي سگھجي ٿي ائين جيڪڏهن مناسب حالات پيدا ڪيا وڃن ۽ موجوده جيوت جي ڊي اين اي ۾ مناسب ترغيب لاڙو ميوٽيشنز پيدا ڪيون وڃن تہ دراصل ان ڳالھ جو امڪان موجود آهي تہ ڊائنوسارز ٻيھر پيدا ڪري سگھجن هي حقيقت آهي تہ ڊائنوسارز جو فطري طور تي ٻيھر ارتقا ٿي وڃڻ ناممڪن آهي ڇوجو ارتقا جو بنيادي اصلاح ڊي اين اي ۾ ترغيب ميوٽيشنز آهي جيڪو ہمیشہ رينڊم هوندي آهي پر جيڪڏهن انسان ڪنٽرولڊ ماحول ۾ موجود پکين جي ڊي اين اي ۾ هڪ هڪ ڪري ترغيب ميوٽيشن ختم ڪندا وڃن تہ ڊائنوسار مان پکين جي ارتقاء جي عمل دوران ٿي تہ دراصل پکين جي ارتقاء کي ريورس ۾ هلائجي سگھجي ٿو

ڪجهه سائنسدان تہ هاڻي کان ئي ڪڪڙن تي جينياتي تجربا ڪري رهيا آهن تہ جيئن هي ڏٺو وڃي تہ ڇا ڪڪڙن ۾ موجود ڊائنوسارز جا اهڙا جينز ٻيھر فعال ڪري سگھجن ٿا جواب ترغيب ميوٽيشنز ڪارڻ ناڪارا ٿي چڪا آهن انھن تجربن ۾ ڪجهه ڪاميابيون بہ مليون آهن جيئن هڪ تجربي ۾ سائنسدانن پاران ڪڪڙ جي ڊي اين اي مان اهو ترغيب ميوٽيشنز ڪڊهيا جن ڪارڻ پکين ۾ ڏنڊ ٺهڻ وارا جينز ناڪارا ٿي چڪا آهن انجي نتيجي ۾ ڪڪڙ جي جنين ۾ ڏنڊ پيدا ٿيڻ لڳا پر اهڙن جنين کي ضايع ڪيو ويندو آهي ۽ انھن کي مڪمل چوزو بڻجڻ ناهي ڏيندو

ڪجهه ماهرن جو اهيو بہ چوڻ آهي تہ ڊائنوسارز هاڻي بہ اسان وٽ موجود آهن صرف فرق اهيو آهي تہ اسان انھن کي پکين جو نالو ڏنو آهي سڀ ماهر ان ڳالھ تہ متفق پڻ آهن تہ موجودہ پکين جو ارتقاء گوشت خور ڊائنوسارز مان ئي ٿيو آهي پکين ۾ ارتقاء هاڻي بہ مسلسل ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پکين جون نيون خاصيتون وجود ۾ اينديون رهنديون جن کي اسان ڊائنوسارز جون نيون خاصيتون چئي سگھون ٿا

انکان علاوه ماهرن جو اهيو بہ خيال آهي تہ جيڪڏهن ساڊها ڇھ ڪروڙ سال پراڻين جانورن کي ڪنھن طريقي سان ٻيھر پيدا ڪري بہ وٺجي تہ انھن کي زندھ رکڻ ۽ انھن جي نسل کي اڳتي وڌائڻ ممڪن نہ هوندو ڇوجو اهڙا جانور ساڊها ڇھ سئو سال پراڻي ماحول سان واسطو رکندڙ آهن ان لاءِ اهوئي اڄ جي ماحول ۾ زندھ نہ رهي سگھندا جيڪڏهن مستقبل جي ٽيڪنالوجي سان ڊائنوسارز

کي ٻيھر پيدا ڪرڻ بہ ممڪن ٿي وڃي پر مستقبل کانپوءِ بہ ڊائنوسارز کي ڪاميابي سان واپس نٿو آڻي سگھجي ڇوجو ڊائنوسارز مستقبل جي ماحول ۾ زندھ نہ رهي سگھندا.