ٿامس مور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
د رائيٽ آنربلسر
ٿامس مور

سر ٿامس مور جو 1527 جو پورٽريٽ
لارڊ چانسلر
عهدو سنڀاليو
آڪٽوبر 1529 – مئي 1532
شاهي حڪمران ھينري VIII
پيشرو ٿامس وولسي
جانشين ٿامس آڊلي
لينڪاسٽر جي ڊچي جو چانسلر
عهدو سنڀاليو
31 ڊسمبر 1525 – 3 نومبر 1529
شاهي حڪمران ھينري VIII
پيشرو رچرڊ ونگفيلڊ
جانشين وليم فٽزوليم
ھائوس آف ڪامنز جو اسپيڪر
عهدو سنڀاليو
16 اپريل 1523 – 13 آگسٽ 1523
شاهي حڪمران ھينريVIII
پيشرو ٿامس نيول
جانشين ٿامس آيڊلي
دستخط
ٿامس مور
مشھور ڪم يوٽوپيا (ڪتاب) (1516)
عهد جاڳرتا جو فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر يوٽوپيا
شعبه عمل
سماجي فلسفو
اهم نظريا
يوٽوپيا

سر ٿامس مور(انگريزي: Sir Thomas More)(1478ع-1535ع) هو. ٿامس مور لنڊن جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ ڪامياب وڪيل هو. ٿامس مور کي يوناني ادب، فلسفي ۽ دينيات جي مطالعي جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، تنهنڪري هن شاگردي جي زماني ۾ ئي هڪ مڪالمو افلاطون جي ”ريپبلڪ“ جي تعريف ۾ لکيو هو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾ بيرسٽر ٿي ويو. 1497ع ۾ هن کي يورپ جي مشهور انسان دوست فلسفي ايراس مَس (Eras Mus) سان ملاقات جو موقعو مليو ته هو ايراس مس جي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو. 1504ع ۾ هو برطانوي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ٻئي سال سندس شادي ٿي. 1510ع ۾ هو لنڊن جو نائب ميئر، 1518 ۾ پريوي ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1523ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. ٻه سال پوءِ بادشاهه هنري اٺين هن کي وزير ۽ پوءِ 1529ع ۾ وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، پر اڃا ٽي سال به نه گذريا، ته بادشاهه سان سندس اڻبڻت ٿي پئي. سبب اهو هو ته هنري اٺين اسپين جي ملڪه ڪيٿرين کي طلاق ڏئي، اين بولين سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. جڏهن ته رومن ڪيٿولڪ مذهب ۾ طلاق ناجائز آهي. ڪلسيائي حلقن ۾ سرٿامس مور جو اثر زور هو، تنهڪري بادشاهه سوچيو ته جيڪڏهن ٿامس مور سندس تائيد ڪري، ته پادرين کي ڪو به اعتراض نه هوندو، پر سرٿامس مور اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته مذهبي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ ۾ آءٌ توهان جو ساٿ ڏئي نه سگهندس. پوءِ هن وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني. ان نافرمانيءَ جي ڏنڊ ۾ هنري اٺين سرٿامس مور تي رشوت جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ کيس ٽاور آف لنڊن ۾ قيد ڪري ڇڏيو، پر هو پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ آخرڪار قتل ڪيو ويو[1].

خاندان[سنواريو]

سر ٿامس مور جي خاندان جو پورٽريٽ 1564 ۾ تيار ڪيل

مور 1505 ۾ جين ڪولٽ سان شادي ڪئي [2]:118 ڊيسيڊيريس اراسموس جي مطابق مور پنھنجي نوجوان زال کي شادي بعد بھتر تعليم ڏيارڻ چاھيو پئي ۽ ان کي موسيقي ۽ ادب جي سکيا ڏياري .[2]:119ھنن کي چار ٻار ٿيا جنھن بعد جين 1511 ۾ وفات ڪري وئي. مھيني بعد مور مارگريٽ روپر سان شادي ڪئي [2]:132 [3][4] ٻي زال مان کيس اولاد ڪانه ٿي[2]:146 ٻارن سان کيس ڏاڍي محبت هئي. پري وڃڻ دوران ھن انھن سان خط و ڪتابت جاري رکي.[2]:150[5]

يوٽوپيا[سنواريو]

سر ٿامس مور پنهنجي ڪتاب ـــــ يُوٽوپيا ـــــ جو گهڻو حصو 1516ع ۾ اينٽ ورپ (بيلجيم) ۾ لکيو هو. اينٽ ورپ انهن ڏينهن ۾ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ اهم واپاري بندرگاهه هو ۽ سر ٿامس مور اتي برطانوي واپارين جي ڪنهن ڪم سان ويو هو. يوٽوپيا سفرنامي واري نموني تي لکيل آهي. گهڻو ممڪن آهي ته سر ٿامس مور جي ملاقات اينٽ ورپ ۾ ڪنهن سامونڊي سوداگر سان ٿي هجي ۽ ان جي آتم ڪٿا ٻڌي سر ٿامس مور يوٽوپيا لکڻ جو منصوبو سٽيو هجي.[1]سر ٿامس مور يوٽوپيا لاطيني ٻولي ۾ لکيو هو، جيڪا سورهين صديءَ ۾ يورپ جي تهذيبي ٻولي هئي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو بيلجيم ۾ 1516ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو ته پسند ڪيو ويو جو جلد ئي ان جا ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿي ويا، پر يوٽوپيا جو پهريون انگريزي ترجمو مور جي وفات کان 16 سال پوءِ لنڊن مان ڇپيو. دير جو سبب اهو هو ته ان وچ ۾ مور جي سِسي ڪپجي چڪي هئي ۽ ڪنهن کي به همٿ نه هئي ته هنري اٺين جي زندگيءَ ۾ مور جو ڪتاب برطانيا ۾ ڇپي ها.[1]يوٽوپيا اسپين جي هڪ فرضي سياح جو فرضي سفرنامو آهي. ان سياح جو نالو رافيل هيٿ ڪوڊي هو. سر ٿامس مور جي چواڻي رافيل يوناني ۽ لاطيني ٻولين کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ وِس پوچي سان گڏ ٽي ڀيرا آمريڪا جو سفر ڪري چڪو هو، پر آخري ڀيري هو وِس پوچي سان گڏ نه موٽيو، پر اهڙن اڻ ڄاتل علائقن جي سير تي نڪري ويو جيڪي نقشن ۾ به ڪو نه هئا. يوٽوپيا ۾ ذڪر ڪيل ملڪ به انهن ئي علائقن مان هڪ هو. رافيل پنجن ڇهن سالن تائين انهن پرانهن ڏيهن جو سير ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪالي ڪٽ پهتو، جتي انهن ڏينهن ۾ اسپيني جهاز واپاري سامان کڻي ايندا رهندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڪالي ڪٽ ۾ رهي هو وطن واپس موٽي ويو[1]. رافيل جي ملاقات سر ٿامس مور سان اينٽ وَرپ ۾ ٿئي ٿي. رافيل گفتگو ڪندي هڪ اهڙي ٻيٽ جون حالتون بيان ڪري ٿو جتي ماڻهو ڪميونسٽ اصولن مطابق زندگي گذاريندا آهن. ان جزيري جو نالو يوٽوپيا (خيالي) آهي. سر ٿامس مور رافيل جي سرگذشت ڏاڍي شوق سان ٻڌندو آهي ۽ لکي ڇڏيندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Ackroyd
  3. Gerard B. Wegemer (1995). Thomas More: A Portrait of Courage. Scepter Publishing. 
  4. John A. Wagner; Susan Walters Schmid (2011). Encyclopedia of Tudor England. ABC-CLIO. pp. 769–770. ISBN 1598842994. https://books.google.com/books?id=R_c_md3gMpwC. 
  5. More, St Thomas (1961). Rogers, Elizabeth Frances. ed. Selected Letters. New Haven and London: Yale University Press. .