پولي ھيڊران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پولي ھيڊران جا مثال

رواجي ٽيٽرا ھيڊران

پليٽانڪ ٺوس مادو


ننڍو ڊوڊيڪا ھيڊران

ڪيپلر وارو پائنساٽ ٺوس مادو


آئڪوسيڊوڊيڪا ھيڊران

ارشميدس وارو ٺوس مادو


وڏو ڪيوبيڪيوبوڪٽا ھيڊران

يڪسان ستاري وارو پولي ھيڊران


رومبڪ ٽرائڪونٽا ھيڊران

ڪئٽالن ٺوس مادو


ٽورائڊل پولي ھيڊران


پولي ھيڊران(انگريزي: Polyhedron) عربي ۾ ڪثير الستوح جمع پولي ھيڊرا (polyhedra) ھڪ جاميٽري سان تعلق رکندڙ شڪل جو نالو آهي جيڪا ٽن رخن واري ھوندي آھي جن ۾ سڌيون گھڻ ڪنڊيون شڪليون شامل ھونديون آھن. لفظ پولي ھيڊران يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: پولي poly- معنيَ گھڻو، ۽ ھيڊرانhedron معنيَ بنياد يا ويھڻ جي جاء. پولي ھيڊران جي گھڻ رخي شڪل جو ھڪ مثال پولي ٽوپ (polytope) آھي. پولي ھيڊران جا قسم ان جي اندر شڪلين جي تعداد جي بنياد تي نالن سان سڃاتا ويندا آهن ھيڊران لفظ جي اڳيان يوناني ٻوليءَ ۾ انگن جو لفظ ڏئي نالو ڏنل اٿن مثال يوناني ٻوليءَ ۾ ٽن لاء ٽيٽرا لفظ استعمال ٿيندو آھي ۽ ٽہ رخي ھيڊران کي ان ڪري ٽيٽرا ھيڊران سڏن ٿا. اھڙي طرح پنج رخي ھيڊران کي پينٽرا ھيڊران، ڇھ رخي کي ھيڪسا ھيڊران، ٽيھ رخي کي ٽرائڪونٽا ھيڊران سڏيندا آهن


حوالا[سنواريو]