پلٽڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فوجي تنظيم / نظم و ضبط
جٿا تعداد (لڳ ڀڳ) سپهه سالار
فائر ٽيم 2–4 لانس نائيڪ يا
نائيڪ
دستو 8–14 نائيڪ يا
سارجنٽ يا
اسٽاف سارجنٽ
پلٽڻ 15–45 ليفٽيننٽ
ڪمپني 80–150 ڪيپٽن يا ميجر
بٽالين 300–800 ليفٽيننٽ ڪرنل
ريجمنٽ يا
برگيڊ
1,000–5,500 ڪرنل يا
برگيڊيئر جنرل
ڊويزن 10,000–25,000 ميجر جنرل
ڪور 30,000–50,000 ليفٽيننٽ جنرل
فيلڊ آرمي 100,000–300,000 جنرل
فوجي گروپ 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي فيلڊ مارشل يا
پنج تارن وارو فوجي آفيسر
فوجي ضلعو 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا
فوج جو سپه سالار

پلٽڻ (انگريزي: platoon) هڪ فوجي ٽولي کي چيو ويندو آهي. هڪ پلٽڻ ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ فوجي دستا شامل هجن ٿا. پلٽڻ جي جوڙجڪ مختلف ملڪن ۾ مختلف هجي ٿي، پلٽڻ جي جوڙجڪ فوجي شاخن جي حوالي سان پڻ مختلف هوندي آهي. پر آمريڪا جي سرڪاري ڪاغذن مطابق آمريڪا جي فوج ۾ هڪ پلٽڻ ۾ رائيفل سان ليس 39 پيادا هجن ٿا يا واري بحري فوج جي پلٽڻ ۾ 43 سپاهي هوندا آهن. پيادي پلٽڻ جا مختلف قسم هوندا آهن، جيئن antiarmor, heavy machinegun, light armored reconnaissance, mortar, reconnaissance, scout, scout sniper, and weapons وغيره. پيادن سپاهين کان سواءِ مختلف قسمن جي پلٽڻ ۾ سپاهين جو تعداد بنهه گھٽ به هوندو آهي، جيئن آمريڪا جي رابطن واري پلٽن (انگريزي: Communication Platoon) 9 سپاهين تي مشتمل هجي ٿي. پلٽڻ جي سربراهي ننڍي عهدي وارو فوجي آفيسر ڪندو آهي. پلٽڻ جي سربراهه کان پوءِ پلٽڻ حولدار پلٽڻ جو اڳواڻ هوندو آهي، جنهن جي صلاح سان پلٽڻ جو سربراهه فيصلا وٺندو آهي.[1][2] 

فرانس ۾ پلٽڻ مان مراد صرف گھوڙسوار سپاهي هوندا آهن، جڏهن ته پيادن جي ٽولي کي سيڪشن چيو ويندو آهي.

فائرنگ دستي جو استعمال[سنواريو]

شروع ۾ پلٽڻ هڪ منظم فوجي تنظيم بجاءِ صرف فائرنگ ڪندڙ سپاهين جي ٽولي کي چيو ويندو هو. ان جي شروعات سوئيڊن ۾ گوستاوس ايڊولفس 1681ع ۾ ڪئي. 1970ع ۾ فرانس جي فوج ۾ هڪ بٽالين کي 18 پلٽڻ ۾ ورهايو ويندو هو ۽ 3 پلٽڻ گڏجي وڙهندا هئا. اهو طريقڪار برطانيا، آسٽريا ۽ روس جي فوج ۾ پڻ استعمال ٿيندو هو.[3][4]

بنگلاديش[سنواريو]

بنگلاديش جي فوج ۾ پيادن جي پلٽڻ ۾ 30 کان 50 سپاهي هوندا آهن. جنهن جي سربراهي ڪيپٽن يا ميجر ڪندو آهي. ان کان سواءِ 3 کان 4 ليفٽيننٽ پڻ بلا آفيسرن جا صلاحڪار هوندا آهن.[حوالو گهربل]

حوالا[سنواريو]

  1. "Infantry Platoon and Squad ATP 3-21.8" (PDF). حاصل ڪيل 28 November 2017. 
  2. "Organization of Marine Corps Forces MCRP5-12D" (PDF). حاصل ڪيل 28 November 2017. 
  3. p.250 Curtis, Thomas The London Encyclopaedia: Or, Universal Dictionary of Science, Art, Literature, and Practical Mechanics... Volume 9 T. Tegg, 1829
  4. p.486 Lynn, John A. Giant of the Grand Siècle: The French Army, 1610-1715 Cambridge University Press, 14/12/2006