پستول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پستول

هڪ قسم جو بارودي هٿيار آهي ، جنهن کي 1540ع ۾ اٽليءَ جي هڪ شهر پستويا ۾ ايجاد ڪيو ويو . اتان هيءُ انگلستان جي رستي جرمنيءَ پهتو . شروع ۾ پستول تمام وڏو ۽ ڳرو هوندو هو . 1835ع ۾ آمريڪا جي هڪ شهري ’ڪولٽ ‘ پستول ۾ سڌارا آندا ۽ هن کي هاڻوڪي ڊزائين ڏني . ريوالر به پستول جو هڪ قسم آهي . جنهن جي چئمبر ۾ گوليون پون ٿيون ۽ چرخيءَ وانگر ڦرندو آهي . هاڻي ته خودڪار پستول ۽ ريوالر به ايجاد ٿيا آهن.[1]

  1. encyclopediasindhiana.org