پاڪستان جو جهنڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان جو جهنڊو

پاڪستان جو قومي جهنڊو مستطيل شڪل جو آهي، جنھن جو چوٿون حصو اڇو ۽ ٽي حصا گهاٽي سائي رنگ جا آهن. اڇو حصو اقليت وارين قومن کي ظاهر ڪري ٿو. سائو حصو جنھن جي وچ ۾ هلال (پھرين تاريخ جو چنڊ) ۽ پنج ڪُنڊو تارو ٺھيل آهي، سو مسلمانن جي نمائندگي ڪري ٿو.