پئراڊائيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مثال، نمونو, مثالي نمونو، نظريي يا ضابطي جو مثالي نمونو، پئراڊائيم (Paradigm) يا ڪو به تصور، خاڪو نمونو يا ماڊل، جيڪو سائنسي طرح ثابت نه ڪري سگهجي، پر اهو سوچ جي طريقي ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ ٿيڻ جي اهليت رکندو هُجي. هن تصور ۾ نظرياتي، تصوراتي ۽ خيالي، پر عمل جوڳا نت نوان ڪردار يا نمونا پيش ڪيا وڃن ٿا، جن کي جديد دور ۾ ”پيراڊائم“ سڏيو وڃي ٿو.

صورتحال مختصر ۽ عارضي طريقي جي هوندي آهي ۽ مسلسل تبديل ٿيندي رهندي آهي جي حوالي سان جرمن مذهبي عالم ’هئنس ڪونگ‘ (Hans Kung) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو مثال ڏيندي ٻُڌائي ٿو، ته ان حادثي، جنگي تصورن جي دُنيا ۾ مُڪمل انقلاب آڻي ڇڏيو. ان تسلسل ۾ دُنيا جي ڪنهن به سرشتي يا موضوع ۾، سوچ جي حوالي سان روايتن جي خلاف ايڏي وڏي تبديلي اچي وڃي، جيڪا ان سرشتي يا موضوع بابت پراڻن تصورن کي بدلائي بلڪل نوان گس ۽ پيچرا نروار ڪري، ته اهڙي صورتحال کي ”تصورن جي فيصلائتي يا مڪمل تبديلي“ (Paradigm Shift) جي عُنوان سان بيان ڪيو ويندو آهي. جيئن نامياري سائنسدان ’البرٽ آئنسٽائين‘ جي نسبتي نظريي (Theory of Relativity) طبيعيات جي علم ۾ نيوٽن جي روايتي طبعي قانون کي رد ڪندي، نوان تصوراتي خاڪا آندا هئا ۽ طبعيات جي دُنيا ۾ سوچ جا نوان سلسلا جاري ڪري ڇڏيا. [1] [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد