ٽوالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽوالو

Flag of Tuvalu
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Tuvalu mo te Atua" (Tuvaluan)
"Tuvalu for the Almighty"
ترانو: Tuvalu mo te Atua (Tuvaluan)
Tuvalu for the Almighty

Location of Tuvalu
گادي جو هنڌ فونافوٽي
8°31′S 179°12′E / 8.517°S 179.200°E / -8.517; 179.200
سڀ کان وڏو شهر فونافوٽي
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ
مذهب چرچ آف ٽوالو
مقامي آبادي ٽوالوئن
حڪومت وحداني غير جماعتي جمھوريت پارلياماني آئيني بادشاهت
ايلزبيٿ II
آئڪوبا اٽاليلي
انيل سوپوئاگا
مقننه پارليامينٽ
آزادي
• برطانيا کان
1 آڪٽوبر 1978
پکيڙ
• جملي
26 km2 (10 sq mi) (192nd)
• پاڻي (%)
نہ جي برابر
آبادي
• 2017 مردم شماري
11,192 (196th)
•  گھاٽائي
475.88 /km2 (1٬232.5 /sq mi) (27th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$39 ملين ڊالر [1] (226th)
• في سيڪڙو
$3,566[1] (156th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$32 ملين ڊالر [1] (194th)

ٽوالو(انگريزي: Tuvalu) Listeni/tˈvɑːl/ too-VAH-looيا {{IPAc-en|ˈ|t|u:|v|ə|l|u:} TOO-və-loo جنھن جو پراڻو نالو ايلس جا ٻيٽ ھيو پولينيشيا جو ھڪ ٻيٽن وارو ملڪ آهي جيڪو اوشنيا کنڊ ۾ ھوائي ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع آهي. ھي ملڪ ٽن ساحلي ٽڪرين وارن ٻيٽن ۽ ڇھ ڇلي نما ٻيٽن(انگريزي: atoll) تي مشتمل آهي.

تاريخ[سنواريو]

ايلس ٻيٽ پھرين گلبرٽ ٻيٽن جي برطانوي ڪالوني جي مائڪرونيشيا جي پولينيشيا ھيو پر 1974 ۾ نسلي ثڪرائن جي ڪري ھنن ٻيٽن جي ماڻھن گلبرٽ ٻيٽن جي مائڪرونيشيا کان علحدگي لاءِ ووٽ ڏنو ۽ ٻئي سال ايلس وارا ٻيٽ برطانيا جي الڳ ڪالوني ٿي ويا جن جو نالو ٽوالو رکيو ويو. 1978 ۾ ھي ملڪ برطانيا کان آزاد ٿي ويو.

جاگرافي[سنواريو]

ٽوالو جا ٻيٽ

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 8 00 S, 178 00 E آھي ۽ نقشي ۾ اھو اوشيانا ۾ ڏيکاريل آھي. ملڪ جي پکيڙ 26 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سموري خشڪي آھي.دنيا ۾ پکيڙ ۾ ھن ملڪ جو نمبر 239 آهي. ملڪ جي بحري سرحد 24 ڪلوميٽر آهي، سامونڊي حد سان علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ ان سان گڏوگڏ علائقو 24 ناٽيڪل ميل ۽ خاص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل آھي. سراسري بلندي 2 ميٽر ۽ سڀ کان اوچو مقام 5 ميٽر اٿس. قدرتي وسيلن ۾ مڇي ۽ ناريل شامل اٿس[2].

آبهوا[سنواريو]

ھتان جي آبهوا وچولي اھي مارچ کان نومبر تائين اوڀر گھلندو آھي ۽ ڊسمبر کان فبروري تائين اولھ جون طوفاني ھوائون ۽ برسات پوندي آھي[2].

فونافوٽي وٽ طوفان جي آمد ظاهر ڪندڙ سامونڊي منظر

زراعت[سنواريو]

ھتان جي 60 سيڪڙو زمين زرعي آھي جيڪا پوک جي لائق ناھي. ھتي چراگاھ ڪانہ آھي باقي 33 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آهن[2].

ٽوالوئي ماڻھو[سنواريو]

ٽوالوئن رقاصہ

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 11,052 ھئي ۽ آبادي ۾ دنيا جو 223 ملڪ ھيو. ماڻھن کي ٽوالوئن چوندا آھن ۽ سنڌي ۾ ٽوالوئي ماڻھو چوندا آهن. ماڻھن ۾ 86.8 سيڪڙو ماڻهو ٽوالوئن آھن. 5.6 سيڪڙو ڪربتي آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي ٽوالوئن ٻولي ۽ انگريزي آھي. سامائوئن ۽ ڪربتي ٻوليون بہ ڳالھائيون وينديون آھن . ماڻھن جو 92.4 سيڪڙو پروٽسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي[2].

نالو[سنواريو]

ملڪ جو نالو ٽوالو آھي جنھن جي معنیٰ قطار ۾ اٺن جو گروپ. ملڪ جي اٺن ٻيٽن تي ماڻھو آباد آھن جنھن ڪري اھو نالو ملڪ تي پيو[2].

سياسي نظام[سنواريو]

سرڪار جي آفيس جي عمارت

ملڪ ۾ سياسي نظام آئيني بادشاھت تحت پارلياماني جمهوريت آھي جيڪا ڪامن ويلٿ ريلم ۾ شامل آھي. حڪومتي گادي فونافوٽي شھر ۾ آھي جيڪو ھڪ ڇلي نما ٻيٽ ۾ واقع آهي

ٽوالو جو نقشو

ملڪ جي تقسيم ھڪ شھر ۽ ستن ڪائونسلن ۾ ٿيل آهي. شھر جو نالو فونافوٽي ۽ ڪائونسلون : نئنوميگا، نئنوميا، نيئوتائو، نوئي، نوڪوفيتائو، نوڪولائيلائي ۽ وائيتوپو.

موجوده آئين پھرين آڪٽوبر 1986 ۾ لاڳو ٿيو. ملڪ جي رياستي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ II جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم آھي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Tuvalu". International Monetary Fund. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2016-07-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ