وڪيپيڊيا:پيسا ڏنل ايڊٽنگ (هدايت نامو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پيسا ڏنل ايڊيٽنگ (انگريزي ٻولي: Paid editing) پيسن جي ادائيگي جي عيوض وڪيپيڊيا ۾ ترميم آهي. جيتوڻيڪ معاوضي (هرجاڻو) جون ڪجهه شڪلون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي عام طور تي قابل قبول آهن، جهڙوڪ وڪيپيڊيا انعام بورڊ، پر ڪجهه ٻيون اهڙيون شڪلون پڻ آهن جيڪي ناقابل قبول سمجهيون وينديون آهن. نيارپ جهڙوڪ گوگل ميڊيسن پراجيڪٽ کي برادري جي اجازت يا منظوري سان ڏسڻ گهرجي. وڪيپيڊيا رٿا کي اَڏڻ ۽ سنڀالڻ جي لاءِ ايڪتا (هڪراءِ، منظوري) سان استعمال ڪئي ويندي آھي. وڪالت ۽ مفادن جو تڪرار کي ايڪتا (اتفاق راءِ) جي خلاف سمجهيو ويندو آهي ۽ انهيءَ نتيجي ۾ وڪيپيڊيا تي واپرائيندڙ تي بندش وجهڻ سميت ايڊٽنگ کان روڪڻ لاءِ پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه مڃيل آهي ته اهو ٻُڌائڻ مشڪل آهي ته ايڊيٽر کي ”ادائيگي“ ملي آهي يا نه، هڪ لڳاتار بحث واري ڳالهه اها آهي ته عام طور تي وڪيپيڊيا تي پيسن عيوض ايڊيٽنگ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. نه ٻُڌائڻ يا نه پُڇڻ وارو رَوَيو (هلت) ۾ اھا پاليسي اڪثر ايڊيٽرز جي لاءِ لاڳو آهي جيڪي ٻئي روپ ۾ پريشاني پيدا نه ڪري رهيا آهن. جيستائين هڪ ايڊيٽر اهو پڌرو نٿو ڪري ته ان کي پيسا ڏنا ويا آهن، تيسيتائين انهن جي سنوار (ترميم) يا وهنوار سان امڪاني مسئلن کي مُنهن ڏيڻ وقت نيڪ نيڪتي جي مفروضو ناس ٿي وڃي ٿو.

پسمنظر[سنواريو]

پيسا ڏنل ايڊٽنگ بابت بحث ورهايل آهي، جنهن کي وڪيپيڊيا رضاڪارن پاران سٺو ۽ خراب پڻ سمجهيو وڃي ٿو.

پيسا ڏنل ايڊيٽنگ ڇا آهي؟[سنواريو]

پيسا ڏنل ايڊيٽنگ، وڏي پيماني تي سمجهي ويندڙ، هڪ اهڙي ايڊٽنگ آهي جنهن لاءِ ايڊيٽر کي ڪنهن طرح جي پگهار، مراعتون يا معاوضو ڏنو ويندو آهي، مثال طور، ملازم ۽ پيسن جي لاءِ ٺيڪيدار، اسڪول ۽ يونيورسٽي منصوبن، لاءِ شاگردن پاران ڪورس جو گريڊ ۽ ڪورس ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، سماجي يا ڪاروباري ساٿين وٽان سڃاڻپ وٺڻ وغيره. پيسا ڏنل ايڊٽنگ جا معاملا ڪنهن به لاڀ بدران مسئلن تي ڌيان ڏيارين ٿا، جيڪڏهن ڪير جوڙجڪي يا تعميري ڀاڱيداريون ڪري ٿو ته ايڊٽنگ کي رکي سگهجي ٿي، توڙي جو ايڊيٽر کي ”پئسي“ طور ڏنا وڃن ٿا. اهڙيون سنوارون (ايڊٽس) جن ۾ جانبداري،تصديق ٿيل دعوائن سميت قابل ذڪر ۽ حوالا ڏنل مواد کي ختم ڪيو ويو هُجي ته اهي اڳ واريون سنوارون واپس ورايون وينديون آهن.

وڪالت ۽ مفادن جو تڪرار[سنواريو]

وڪالت

ڪنهن به قسم جي وڪالت، (يعني، وڪيپيڊيا مواد ۾ ڪابه ڀاڱيداري يا سنوار، جنهن ۾ ڪنهن اَڻ ڌريو نقطه نظر جي حمايت ڪئي وئي آهي) کي اَڻ ڌُريو ويچار جي سبب منع ڪيل آهي.

مفادن جو تڪرار

مفادن جي تنازعن بابت هدايتن کي هر حال ۾ ڏسڻ گهرجي. جتي وڪيپيڊيا جي مقصدن کي اڳتي وَڌائڻ جي مقابلي ۾ ڪنهن ايڊيٽر جي لاءِ ٻاهرين مفادن کي اڳتي وڌائڻ وڌيڪ اهم هوندو آهي، ته اهو ايڊيٽر مفاد جي تڪرار ۾ بيٺل هوندو آهي. جڏهن ڪنهن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، ته ڪم جي سچائي ۽ ان جو مواد، جنهن ۾ اهو پڻ امڪان شامل آهي ته اهو ايڊيٽر معاوضو ڏيڻ وارن ماڻهن جي لاءِ اَڻ ڌُريو (نيوٽرل) رهندو آهي، گڏوگڏ ان مواد کي، مناسب حد تائين سمجهوتو سمجهيو ويندو آهي. مفادن جي تڪرار سان گڏ ايڊيٽرن کي سختيءَ سان همٿايو وڃي ٿو ته اهي پنهنجي واپرائيندڙ صفحن يا واپرائيندڙ بحث صفحن تي ۽ جن مضمونن ۾ ڀاڱيداريون يا سنوارون (ايڊٽنگ) ڪن ٿا، انهن مضمونن جي بحث صفحن تي پنهنجي دلچسپين ۽ مفادن جو اعلان ڪن، خاص طور تي جيڪڏهن انهن سنوارن بابت مقابلو هلي رهيو هجي. مفادن جي تڪرار لاءِ سنوارون ڪرڻ کي انتظامي اوزارن جو غلط استعمال برادري جي ڀروسي جي سخت ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو آهي. (وڪيپيڊيا منتظمن جي لاءِ ضابطہ اخلاق پڻ ڏسو)

پاليسسيون جن بابت پڪ آهي ته اهي سنٻنڌي (تعلق رکندڙ) ادائيگي جي ايڊٽنگ ۾ ترميم جي سبب ڏُکيائون پيدا ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ امڪان آهي:

  • مضمون ملڪيت نه هوندا آهن: ڪنهن به ايڊيٽر کي ڪنهن ٻئي جي مقابلي ۾ ڪنهن مضمون جي مواد کي طئي ڪرڻ جو وڌيڪ حق حاصل ناهي. ٻيا ايڊيٽر مواد کي بي رحمي سان ايڊٽ ڪندا ۽ ائين ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي. پيسا ڏنل ايڊيٽر ساڳيا حق ۽ فرض رکي ٿو، جهڙوڪ ڪو ٻيو ايڊيٽر اهڙن معاملن ۾ حق ۽ فرض رکندو آهي.
  • اَڻ ڌُريو ويچار: وڪيپيڊيا جو مقصد اَڻ ڌريائپ نقطه نظر قائم ڪرڻ آهي. مثال طور، هڪ ايڊيٽر کي هڪ آرٽيڪل لکڻ لاءِ پيسا ڏنا وڃن ٿا، جيڪو عملدار (پيسا ڏيندڙ) بابت ٿورائتو آهي. ٻيا ايڊيٽر نمايان نندا (تنقيد) شامل ڪن ٿا ۽ ڪوڙي واکاڻ کي ختم ڪن ٿا، ته جيئن اسان ان موضوع کي غير جانبدار طور تي پيش ڪريون ٿا.

مشورو[سنواريو]

جيڪڏهن توهان پيسا ڏنل ايڊيٽنگ ۾ مشغول ٿي رهيا آهيو يا اهڙي ڪنهن معاملي بابت ڊيل ڪري رهيا آهيو جيڪو پيسا ڏنل ايڊٽنگ واري صورتحال سمجهي سگهي ٿي، مهرباني ڪري ذهن ۾ هيٺين صلاحون کي رکو:

  • پگهاردار ايڊيٽرن (Paid editors) کي همٿايو وڃي ٿو ته اُهي وڪيپيڊيا تي يوزر اڪائونٽ ٺاهن، ۽ وقت سان گڏوگڏ ان کي برقرار رکن، جيتوڻيڪ انهن جي سمورين ترميمن (ايڊيٽنگ) کي هاڪاري طور نه ورتو ويو هُجي. ان سان توهان کي درست ساک بڻائڻ ۾ سهائتا ملندي آهي، ۽ ٻين ڀاڱيدارن کي توهان جي ڀاڱيدارين جي مجموعي جانچ پڙتال ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. جانچ پڙتال کان بچڻ لاءِ گهڻن اڪائونٽس جي استعمال جي اجازت ناهي. جيڪڏهن توهان انيڪ کاتن (اڪائونٽس) کي رجسٽرڊ ڪريو ٿا، ته انهن سڀني کاتن جي هر يوزر صفحن تي انهن جي وچ ۾ ڳنڍڻو (لِنڪ) ٺاهيو.
  • سڀ مواد بي رحمي سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن تمام جلدي ايڊٽ ڪيو ويندو آهي. پڪ ڪريو ته توھان جا ڌڻي (نوڪريءَ ۾ رکندڙ، امپلائر) اڳواٽ ئي اهو سمجھن ٿا. جيڪڏھن توھان ڪو اهڙو آرٽيڪل (مضمون) ٺاھيو ٿا جيڪو نامعلوم ۽ وڪيپيڊيا جي معروفيت پاليسين جي اھميت ۽ قابل اعتماد وسيلن پٽاندڙ نه آھي ته اهو امڪان آهي ته اهو ڊانهيو ويندو. ان کي روڪڻ جي لاءِ سرشتي (سسٽم) سان راند نه ڪريو.
  • ڪنهن ڌڻيءَ (امپلائر) جي ويب سائيٽ يا پبليڪيشنز تان مواد جي اکر به اکر هوبهو ڪاپي نه ڪريو، جيستائين اهي مواد نٿا ڏين، جيئن وڪيپيڊيا تي ٻُڌايل آهي: ڪاپي رائٽ ٿيل مواد ڏيڻ. بس توهان کي اهو ٻڌائڻ ته توهان اهو مواد استعمال ڪري سگھو ٿا، اهو وڪيپيڊيا جي قانوني گُهرجون مڃڻ لاءِ ڪافي ناهي. جيڪڏهن توهان انهن کي صحيح طريقي سان ارپڻ ڪري سگهو ٿا ته توهان انهن کي پاڻ-ڇاپيل ذريعن طور استعمال ڪري سگهو ٿا.
  • وڪيپيڊيا تي ڪوبه نئون لکيل مواد جمع نه ڪرايو، جيڪو توهان جي ادائيگي ڪندڙ ماڻهوءَ يا ڪمپني جي ڪاپي رائيٽ سان گڏ ڀاڙي تي ڪم تي وٺڻ هجي، جيستائين ان حق ڇپائي جو مالڪ ڪريئيٽو ڪامنز-شيئر الائيڪ 3.0 انپورٽيڊ لائسنس ۽ خاص طور تي رضاڪار جوابي ٽيم OTRS پراسيس جي وسيلي مواد جي اجازت نه ڏني هجي. ان جو مسئلو آزاد ڪانٽريڪٽرن سميت ملازمن تي پڻ لاڳو ٿي سگھي ٿو، ۽ قانوني مسئلو اختيارن جو دائرو جي لحاظ کان پڻ مختلف ٿيندو.

جيڪڏهن توهان کي ان بابت پَڪ ناهي ته توهان جي ڀاڱيداري مناسب آهي يا نه، ته توهان آرٽيڪل ٺاهي پنهنجي واپرائيندڙ جي ذيلي صفحي جي طور تي ٺاهي سگهو ٿا. ائين ڪرڻ لاءِ، پنهنجي يوزر پيج جو دورو ڪريو ۽ پوءِ يو آر ايل ۾ هڪ سليش ("/") شامل ڪريو ۽ بعد ۾ ذيلي صفحي جو نالو لکو. (متبادل طور هتي ڪلڪ ڪريو). ان کان پوءِ توھان ان کي صحيح عنوان ڏانھن “چورڻ” کان اڳ وڌيڪ تجربيڪار واپرائيندڙ کان پنھنجي ذيلي صفحي تي فيڊبيڪ لاءِ درخواست ڪري سگھو ٿا.

پڻ ڏسو[سنواريو]