وڪيپيڊيا:يوزر صفحا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا نالو فضا
بنيادي نالو فضا بحث نالو فضا
0 مرڪز بحث 1
2 واپرائيندڙ واپرائيندڙ بحث 3
4 وڪيپيڊيا وڪيپيڊيا بحث 5
6 فائل فائل بحث 7
8 ذريعات وڪي ذريعات وڪي بحث 9
10 سانچو سانچو بحث 11
12 مدد مدد بحث 13
14 زمرو زمرو بحث 15
16 [[Wikipedia:زمري بندي|]] [[Help:بحث صفحن جو استعمال|]] 17
100 باب باب بحث 101
102 [[Wikipedia:ڪتاب|]] [[Help:بحث صفحن جو استعمال|]] 103
118 [[Wikipedia:مسودا|]] [[Help:بحث صفحن جو استعمال|]] 119
828 ماڊيول ماڊيول بحث 829
مجازي نالو فضا
-1 خاص


جڏهن ڪوئي يوزر سنڌي وڪيپيڊيا (انسائيڪلوپيڊيا) تي پنهنجو کاتو ٺاهي ٿو ته ان کي پنهنجي کاتي نالو سان هڪ مُڪمل صفحو (يوزر صفحو) ۽ اُن سان لاڳاپيل بحث صفحو (تبادلهءِ خيال، يا ڳاله ٻولهه) جو صفحو حاصل ٿيندو آهي اُنهيءَ صفحي کي انسائيڪلوپيڊيا (اها لغت جنهن ۾ سڀني علمن بابت مفصل بيان هجي) تي يوزر صفحو (user page) چيو ويندو آهي۔ انسائيڪلوپيڊيا جي پاران کاتو ٺاهڻ واري يوزر کي هي يوزر صفحو ڏيڻ جو مقصد انسائيڪلوپيڊيا جي معلومات رسائي منصوبي ۾ يوزر جي خدمتن (ڀاڱيدارين) جو اِعتراف ۽ اُنجي ڪم ۾ شامل ٻين ساٿين (ٻين يوزرن) سان رابطي ۾ آساني پيداڪندو آهي. هن يوزر صفحي جي وسيلي سان يوزر پنهنجي شناخت قائم ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي دُنيا سان پنهنجي پاڻ کي متعارف ڪرائي سگهي ٿو۔ هن يوزر صفحي تي عمومي طور تي يوزر کي پنهنجي باري ۾ تمام ڳالهيون درج ڪرڻ جي مُڪمل آزادي حاصل هوندي آهي ۽ هو ان ذاتي يوزر صفحي کي جنهن انداز ۾ چاهي آرستا ۽ پيراستہ ڪري سگهي ٿو ۽ يوزر صفحو جي ان خوبصورت تزئين جي لاءِ ان کي هر قسم جي معاونت پڻ فراھم ڪئي ويندي آهي ، ان معاونت (مدد، رهنمائي) کي حاصل ڪرڻ جا چند صفحا (في الحال انگريزيءَ ۾) هن انسائيڪلوپيڊيا تي مخصوص آهن جن کي هِتي ڏسي سگهجي ٿو۔

نجي ملِڪيت؟[سنواريو]

ڇاڪاڻ ته هي وڪيپيڊيا يعني انسائئيڪلوپيڊيا ڪائي عمومي ويب مهماني خدمت (web hosting service) ناهي لہذا توهان کي يوزر صفحي کي توهان جي ذاتي ويب_سائٽ (ذاتي ويب_سائٽ) جو درجو حاصل ناهي۔ ان ڳاله کي ملحوظ خاطر رکڻ ا اهم آهي تہ توهان جو يوزر صفحو توهان جي ذاتي ويب سائٽ ناهي بلڪہ هي --- هِن وڪيپيڊيا --- تي توهان جي ڪردار ۽ فعاليت (سرگرميءَ) جي باري ۾ آهي ۽ هن تي رکيو ويندڙ مَواد يا معلومات جو اندراج ، هِن منصوبي (وڪيپيڊيا) تي توهان جي ڀاڱيداري آهي ،توهان جا لکيل مَضمونَ ۽ توهان جي مجموعي ڪار ڪردگيءَ جي باري ۾ هُجڻ گُهرجي۔

"توهان جو" يوزر صفحو ۽ "توهان جو" مفهوم[سنواريو]

فرض ڪريو ته توهان جو يوزرنالو ، مثال يوزر ، آهي؛ ته اهڙيءَ صورت ۾:

  • توهان جو يوزر صفحو ، يوزر:مثال يوزر جي عنوان سان هوندو جنهن کي (Special:Mypage) تي پڻ ڏسي سگهجي ٿو۔
  • ۽ توهان جو بحث صفحو يا يوزر ڳاله ٻوله صفحو ، يوزر بحث:مثال يوزر جي عنوان سان هوندو جنهن کي (Special:Mytalk) تي پڻ ڏسي سگهجي ٿو۔
  • ۽ توهان جي يوزرنالو (مثال يوزر) جي تحت بڻائي ويل ذيلي صفحا ۽ انهن جي بحث صفحا (هڪ / جي اضافي سان گڏ) هيئن هوندا.
    • يوزر:مثال يوزر/ذيلي صفحو جنهن کي (Special:Mypage/ذيلي صفحو ) تي پڻ ڏسي سگهجي ٿو۔
    • يوزر بحث:مثال يوزر/ذيلي صفحو جنهن کي (Special:Mytalk/ذيلي صفحو) تي پڻ ڏسي سگهجي ٿو۔
      • مذڪورہ بالا (مٿي ذڪر ڪيل) ٻنهين مثالن ۾ ذيلي صفحو جي جڳه توهان جي ذيلي صفحي جو نالو ظاهر ٿيندو۔
      • مذڪرہ بالا ٻنهين مثالن ۾ صفحن کي مندرجہ ذيل (هيٺ ڏنل) صورت ۾ اشاريہ يا انڊيڪس (فهرست) ڪيو ويندو آهي۔
    • Special:Prefixindex/User:مثال يوزر/ ۽
    • Special:Prefixindex/User talk:مثال يوزر/
توهان جو يوزر صفحو ، مندرجہ بالا تمام صفحن جو مجموعو چئي سگهجي ٿو، يعني مندرجہ بالا تمام قسمن جي صفحن ، توهان جو يوزر صفحو تشڪيل ٿيندو آهي۔ تي ياد آوري فرمايو ته هِتي لفظ ---- توهان جو ---- سان مُراد توهان جي ملڪيت هرگز ناهي پر هِتي توهان جو سان مُراد توهان سا تعلق کي ظاهر ڪري ٿو۔ يعني وڪيپيڊيا تي توهان متعلق صفحو نه هي ته وڪيپيڊيا تي توهان جي متعلق صفحو۔

توهان جي يوزر صفحي تائين پَهُچَ[سنواريو]

بالائي قطعي ۾ درج ڪيل متعدد ڱنڍڻن منهجان Special:Mypage ۽ Special:Mytalk ٻه اهڙا رابطا يا ڱنڍڻا آهن ته جو هِن وڪيپيڊيا تي توهان کي توهان جي متعلق صفحي تائين ته وٺيويندو آهي، پَر ان جي تلاش جي خاني ۾ لکي ڪري ڪوئي ٻيو يوزر توهان جي يوزر صفحي کي تلاش نٿو ڪري سگهي ؛ ان کي ائين ڪرڻ لاءِيوزر:مثال يوزر سان تلاش ڪرڻو پوندو۔ جيڪڏنهن توهان يوزر صفحو نٿا (نٿيون) رکڻ چاهيو ته اهڙيءَ صورت ۾ توهان هن کي پنهنجي بحث صفحي جي پاسي (طَرِف) واپس موٽائي (رجوع مڪرر (redirect)) ڪرائي سگهو ٿا (ٿيون)۔

آئون پنهنجي يوزر صفحي تي ڇا رکي سهگان ٿو (ٿي)؟[سنواريو]

هڪڙي ڳاله ته ڄڻ ايئن ڪرڻ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ته ناهي ايندي، پر توهان جيڪڏنهن پنهنجي يوزر صفحي تي ابتدا ۾ چند اهڙا اندراجات (داخلائون) هجن ته جن سان هڪ نئين يوزر کي هي مغالطو (شَڪُ) نه هجي ته توهان جو يوزر صفحو ، انسائيڪلوپيڊيا جو ڪوئي مقالو (مضمون يا آرٽيڪل) آهي؛ ان مقصد جي لاءِ توهان ابتدا ۾ چند اهڙا سانچا پڻ سَجائي سگهو ٿا (ٿيون) جيڪي يوزر صفحو جي لاءِم خصوص آهن جيئن

  1. سانچو:برقي خط پيغام
  2. سانچو:يوزر تاريخ مضمون وغيره۔

ان کان علاوہ توهان پنهنجي يوزر صفحو تي اهو سڀ ڪُجه رکي سگهو ٿا (ٿِيون) جيڪو هِن منصوبۂ انسائيڪلوپيڊيا (يعني وڪيپيڊيا) سان موافقت ۽ موازنت رکندو هُجي يا باالفاظ ٻين وڪيپيڊيا جي متعلق هجي۔ براءِ مهرباني پنهنجي يوزرصفحو کي پنهنجي گهرصفحو (homepage) يا پنهنجي بلاگ (blog) وغيرہ تصور ڪرڻ جي غلط فهميءَ کان اجتناب فرمائجو؛ ۽ پنهنجي يوزر صفحو (صفحي) کي هِن ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا، ( دائرۃ المعارف) تي پنهنجي ڪيو ويل ڪم جو تعارف ڪرائڻ، هن ڪم جو تاريخچو(سوانح (هسٽري)) واضح رکڻ ۽ ٻين جي لاءِ ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي استعمال ڪريو۔