وچون عدد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وچون عدد: ميڊين (median): وچون- درميانو- وچٿروانگن اکرن جي مرڪزي جهڪاءُ جي پيماني لاءِ ٻيو طريقو وچون عدد هوندو آهي. يعني عددن جي سلسلي جي وچ واري عدد کي وچون عدد چيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح هي عدد سلسليوار عددن جو مرڪز هوندو آهي ۽ سندن اڳيان  ۽ پٺيان  سلسلي ۾ هڪجهڙا عدد هوندا آهن ۽ هي عدد پوري سلسلي کي پورن ٻن حصن ۾ ورهائيندو آهي.

غير گروهي مواد ungrouped data) جو وچون عدد هن طرح سان ڳوليو ويندو آهي. سمجهو ته عددن جو سلسلو هن ريت آهي: 6، 9، 12، 14، 18 انهن پنجن عددن جي وچ وارو عدد آهي 12. يعني وچون عدد (median) ٿيو 12. پر جيڪڏهن غير گروهي مواد (ungrouped) هن طرح هجي يعني 6، 9، 15، 18 ۽ 22 ته اهڙي حالت ۾ وچ وارن ٻن عددن کي جوڙ ڪري انهن کي ٻن سان وند ڪجي ته ٻنهي عددن جي وچ وارو عدد نڪري ايندو. مٿي ڏنل عددن ۾ 12 ۽ 14 وچ وارا عدد آهن جن جو جوڙ ٿيو 26 ۽ اڌ ٿيو 13 يعني وچون عدد ٿيو 13. طريقو وچون عدد median 2/ (12+14) 13=2/26 سلسلي ۾ وچون عدد انهيءَ عدد کي چيو وڃي ٿو جنهن کي اڳيان % 50 عدد هجي ۽ پٺيان به %50 عدد هجن. ڪنهن سلسلي ۾ جڏهن مثال قدر هجن ته وچون عدد عام طور تي سلسلي ۾ سراسري قدر جو سٺو نتيجو ڪڍي ٿو. هي طريقو حسابي طريقي کان بلڪل جداگانه آهي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ (unit) جي پيماني جي خاصيتن ۾ تفاوت آهي ته پوءِ سراسري صحيح نتيجو نه ايندو. انهيءَ حالت ۾ ضروري آهي ته وچون عدد هٿ ڪيو وڃي، جنهن ۾ مٿيون ۽ هيٺيون اڌ برابر ڪري ۽ اهڙي وچين عدد کي ورتو وڃي ۽ اهو ئي صحيح نتيجو ٿي سگهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}