نوري سال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the astronomical structure تي آهي. other uses نوري سال (سلجھائپ) ڏسو.
NGC 4414, a typical spiral galaxy in the constellation Coma Berenices, is about 55,000 light-years in diameter and approximately 60 million light-years away from Earth

اسان جي عام پرک موجب بلب روشن ٿيندي ئي روشني جتي ڪٿي پهچيو وڃي، پر حقيقت ۾ روشنيءَ جي به هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل يا لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر آهي. اها روشني هڪ منٽ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي، ان کي چئبو هڪ نوري سال پنڌ. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪندي اها آهي اسان جي کير پٽي يا کرائين واٽ يا مِلڪي وَيَ جي ڊيگهه آهي.

جڏهن سان ٽارچ يا بلب ٻاريون ٿا ته ان جي روشني جنهن رفتار سان اڳيان وڌي ٿي ته اها آهي 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ. يعني ڪو ٽارچ ٻاري ۽ ٻيو همراهه ٽي لک ڪلوميٽر پري بيٺل هجي ته هن کي ٽارچ ٻرڻ کان پوءِ پوري هڪ سيڪنڊ بعد ان جي روشني نظر ايندي. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي، ڇو جو چنڊ اسان کان 376300 ڪلوميٽر پري آهي اهڙي طرح سج جي روشني 500 سيڪنڊن ۾ پهچي ٿي ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 150 ملين ڪلوميٽر پري آهي. هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته 500 سيڪنڊ (يعني ساڍن اٺن منٽن) بعد پهچڻ وارو روشني وارو سج اسان کان ڪيترو پري آهي، اتي هڪ مهينو يا هڪ سال بعد پهچڻ واري روشني جو تارو ڪيترو پري هوندو. هڪ نوري سال معنيٰ هڪ سال جا سيڪنڊ ڪڍي ان کي روشنيءَ جي رفتار ”300،000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ“ سان ضرب ڪرڻ سان 9460730472580 ڪلوميٽر ٿيو. [1]

اسين جيڪڏهن کير پٽي يا کيرائين واٽ (انگريزي ٻولي: Milky Way) کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي ته (1). مٿان يا هيٺان کان ڏسڻ مهل اهو جرڪيدار جليبي جهڙي ٿالهيءَ ۽ (2). پاسي کان ڏسڻ مهل چُهنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندو. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کيرائين واٽ يا کير پٽي ڪهڪشان جي ڊيگهه هڪ لک نُوري سال (انگريزي ٻولي: Light-year) آهي.

اسان جو سِچ منڊل يا سج سرشتو (نظام شمسي) اسان جي کيرائين واٽ جي وچ (سرائي) کان 30 لک نوري سالن جي مفاصلي تي آهي ۽ ان جي چوڌاري 170 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊوڙي (چڪر هڻي) رهيو آهي، تڏهن وڃي 2200 لک سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. [2] [3] [4]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت September 12, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل August 1, 2016 
  2. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت September 12, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل July 27, 2016 
  3. Galaxy - Wikipedia
  4. Light-year - Wikipedia