نازو ڌاريجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نازو ڌاريجو
پيدائش قاضي احمدسنڌ
قوميت پاڪستاني
پيشو زميندار سوشل ورڪ سياست

وڏيري نازو ڌاريجو جو پيء حاجي خدا بخش خان، هڪ زميندار خاندان جي زميندار هو، جيڪو پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ زرعي زمين جو مالڪ هو. وڏيري نازو ڌاريجو سندس ٻئين زال وڏيري جامزادي مان سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ آهي. هوء قاضي احمد ۾ هڪ حويلي ۾ پيدا ٿي.[1][2] سنڌي اردو انگريزي سکڻ لاءِ استاد رکيو ويو سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس ڪيائين. هن پنهنجي  مرد رشتيدارن جي خلاف پنهنجي زرعي زمين جو دفاع ڪيو، کيس "پاڪستان جي مضبوط (چيڙهالو ناري)" جو سڏيو ويو ۽ 2017 جي فلم ماءِ پيور لينڊ پڻ سندس زندگي کان مُتاثر ٿي ٺاهي وئي هُئي.

بابت ڄاڻ[سنواريو]

نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجهه به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي." نازو جو والد ۽ ڀاءُ گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا.

سماجي خدمتون[سنواريو]

وڏيري نازو ڌاريجو سنڌ جي هن بهادر نياڻي جي زندگي تي “ماءِ پيور لينڊ ” فلم به ٺهي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعي شهيد بينظيرآباد سان تعلق رکندڙ وڏيري نازو ڌاريجو جيڪا ھڪ وڏيري هجڻ سان گڏوگڏ ھڪ آبادگار به آھي- خود ٻني ۾ پورهيو ڪري ٿي ۽ ڦٽيون پڻ چونڊ سان گڏ ٻني جو ٻيو ڪم ڪاري به ڪندي آهي ته ھاري مزدورن جي مسئلن کان به واقف آهي، وڏيري نازو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کي سنڀالڻ سان گڏ پنهنجو تحفظ به ڄاڻي ٿي ۽ هوءَ گهوڙي تي چڙهي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف وجهي ٻني به گهمڻ ويندي آهي.نه صرف پنهنجو تحفظ پر 2010ع واري ٻوڏ ۾ جڏهن وڏن زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رخ ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو هو، جنهن سان ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين ٻڏي. اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجن ماڻهن ۽ زمينن کي بچائڻ لا سرزمين تي پهچي اُهي غير قانوني ڪٽ بند ڪرايا.

  • تازو قاضي احمد لڳ يونين ڪائونسل پٽ پيرل جي ڳوٺ مٺو ڏيٿو ۾ فوت تي ويل ٽن ورهين جي معصوم فرحان علي پٽ فقير محمد ڏيٿو جي لاش کي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪڻ واري مامري تي وڏيري نازو ڌاريجو دليري سان سڀني کان اڳيان هئي، مردن جيان سندس جي لاڳتي ڪوشش ۽ اعلى اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ بعد مذڪوره معصوم ٻارڙي جو لاش ساڳئي ئي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

سياسي پسمنظر[سنواريو]

مختيار ناز ڌاريجو جي نالي سان مسلم ليگ ن جي پارٽي سان سياست ۾ سرگرم ٿي. 2013 ۾، سنڌ جي لاء سنڌ جي مخصوص سيٽن تي هوء عورتن مان هڪ طور درج ڪئي وئي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Imtiaz, Saba. "Meet Nazo Dharejo: The toughest woman in Sindh". دي ايڪسپريس ٽريبون. حاصل ڪيل 16 January 2019. He dressed the girls in men’s clothing and gave them male names — Nazo’s was Mukhtiar — and taught them how to use the guns he owned. 
  2. "Ms Mukhtar Naz Dharejo Interview". Rights Now Pakistan. حاصل ڪيل 17 January 2019. She is considered a local legend due to her bold stance on dealing with her ongoing battle to protect her land from people who are attempting to grab her agricultural land; She is always armed with a single Kalashnikov for her safety, whenever she makes rounds on her land. In the two decades she is looking after her land whilst supervising her workforce, making sure that land is productive and profitable. She is also taking part in politics and supports PML-N. Her long term goal is to become the Chief Minister of Sindh. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]