مينديءَ جو وڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مينديءَ جو وڻ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): لاسونيا
جنس: Template:Taxonomy/لاسونيا{. انرمس
حياتياتي نالو
لاسونيا انرمس
ايل.

ميندي (انگريزي: Lawsonia inermis) هي عام ٻوٽو يا ننڍو وڻ آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ مهندي ۽ فارسيءَ ۾ حِنا ۽ عربي ۾ حناء چوندا آهن. انگريزي نالو اٿس لاسونيا آلبا (انگريزي: Lawsonia Alba). ڪڏهن ڪڏهن هي وڻ ست اٺ فوٽ وڏو ٿئي ٿو. پن ننڍڙا ٿا ٿينس. سياري جي مهڙ ۽ پڇاڙيءَ ۾ گل ڪري ٿو، جي ساوڙا اڇڙا ٿين ٿا ۽ باغ کي هٻڪار سان ڀري ڇڏين ٿا. هنن جي پنن مان ڳاڙهو رنگ ڪڍندا آهن. ماڻهو هٿن ۽ پيرن کي به لائيندا آهن. ڪي اڇي ڏاڙهيءَ کي لائي ڳاڙهو ڪندا آهن، پوءِ وري ڪيس ڪري ڪارو ڪندا آهن. ٻج مان بہ پيدا ٿيندي آهي ۽ قلمن مان به، جي مينهن جي موسم ۾ هڻجن.

هن جو هڪڙو قسم ٿيندو آهي، جنهن کي چيني ميندي چوندا آهن. اهو گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي. انهيءَ جا قسم بين رنگن وارا به آهن. هڪڙو اڇن گلن وارو به آهي. ٻيو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي ولايتي ميندي چوندا آهن. اهو ننڍڙا ۽ اڇا گل ڪندو آهي، انهن جي پٺيان وري سياري ۾ ڪارو داڻن جهڙو ڦر ڪندو آهي. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ مئيرِٽل چوندا آهن.[2]ھن ٻوٽي جي پنن کي سڪائي ان جي سفوف کي مھندي خضاب طور استعمال ٿيندي آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. سانچو:Cite DNB Linnaeus dedicated the genus Lawsonia to Isaac Lawson (d. 1747).
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.