ميقات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالحليفه، مڪي جي رهاڪن لاءِ ميقات

ميقات (انگريزي ٻولي: Meeqath) مان مراد اھا خاص ۽ مقرر ٿيل جڳھ آھي جتي احرام ٻڌڻ کانسواءِ مڪي ۾ وڃڻ جائز ناھي[1]. ڪنھن بہ ڪم سان مڪي ۾ ڪوبه جڏهن ويندو آهي تہ ان لاءِ لازم آهي تہ ميقات پھچي احرام ٻڌي[1]. احرام کانسواءِ ميقات کان اڳتي وڌڻ مڪروه تحريمي آھي[1]. اها جڳهه آهي، جتان حج يا عمري تي ويندڙن کي احرام ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. حضرت محمد ميقات لاءِ پنج جڳهون مقرر ڪيون هيون، پر بعد ۾ هندوستان توڙي اوڀر ايشيا مان حج تي ايندڙن لاءِ ڇهون ميقات مقرر ڪيو ويو. مڪي جي رهاڪن لاءِ سندن گھر يا مسجد الحرام ميقات هوندو آهي.

ميقات جون ڇهه جڳهون:

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 306

هوگز, ٿامس پيٽرڪ (1994). اسلام جي ڊڪشنري. شڪاگو: قاضي پبليڪشن آمريڪا. ISBN 0-935782-70-2.