مشاھدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشاهدو __(Observation): مشاھدو جي معني آهي ڪنھن شئي جي جانچ پڙتال مثال طور مليريا انسانن لاءِ قاتل بيماري ھئي جنھن جو علاج درڪار ھو.1878 ۾ ھڪ فرانسيسي طبيب يا فزيشن ليوران مليريا جي مريضن جي رت جي نمونن جو خوردبيني اڀياس ڪيو تہ کيس نهايت ننڍڙي مخلوق نظر آئي جيڪا پوءِ پلازموڊيم نالي سان مشھور ٿي.[1]

ادب[سنواريو]

ھڪ شاعر ۾ نہ فقط حسن جي مشاھدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت ھجڻ گھرجي، پر ان سان گڏ ھڪ ٻئي ھنر جو ھجڻ پڻ ضروري اھي، جنھن کي شعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنھنجي خيالن ۽ جذبن کي اھڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾ اھڙي سليس پر رنگين عبادت ۽ اھڙن نون ويسن، ورثن ۾ اھڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙھندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. {بائيولاجي؛ ليکڪ: ڪامران ڀٽي؛ڇپائيندڙ:حسنين پبلشرز حيدرآباد.ايڊيشن:2016 }
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي