مسجد اقصي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مسجد الاقصيٰ

مسجد اقصيٰ جو ڏاکڻو فضائي منظر
اوچي سطح
بلندي 740 m (2٬430 ft)
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
مقانيت
جاگرافي
مسجد اقصي is located in Jerusalem
مسجد اقصي
مرڪزي جابلو قطار جوڊيئن جبل
ارضيات
جبل جو قسم لائيم اسٽون[1]

مسجد اقصيٰ (اردو ۾ مسجد اقصٰی) هڪ عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي پاڪ مسجد. اھا مسجد اقصي فلسطين ۾ پراڻي يروشلم جي اوڀر واري حصي ۾ مقدس مقامن واري علائقي ۾ 70ع ۾ رومين پاران تباھ ڪيل ٻئين ٽيمپل واري باقيات مٿان واقع آهي جنھن ڪري ان مسجد کي عيسائي ۽ يھودي ٽيمپل مائونٽ جي نالي سان سڏيندا آهن.[2] هن وقت يروشلم تي اسرائيل جو قبضو آهي. مسجد اقصي دنيا ۾ مسلمانن جي لاءِ ٽيون وڏو مقدس مقام آهي. هن مسجد کي بيت المقدس پڻ چيو ويندو آهي.[3]

اڏاوت ء عبادت[سنواريو]

روايتن مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام جيروسلم ۾ الله جي عبادت لاءِ هڪ گهر ٺاهيو ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي الله جو گهر چوڻ لڳا اڃا ڪعبي جي اڏاوت کي چاليهه سال ٺيا هئا حضرت ابراهيم ان جي توسيع ڪئي.حضرت ابراهيم عليه السلام جي ننڌي پٽ هتي عبادت ڪرڻ شروع ڪئي.حضرتاسحاق جي ٻيئي پٽ حضرتيعقوب هن عبادت گاه جي وري توسيع ڪئي.فلسطين جا مسلمان پڻ ان وقت هتي الله جي عبادت ڪرڻ ايندا هئا ان کان پوءِ هن جڳه کي مسجد القصي چوڻ لڳا جنهن جو مطلب آهي ته الله جي عبادت ڪرڻ جو وڏي جاءِ.[4] پر تاريخ جي رڪارڊ مان ۽ قرآن مان پڻ انھن روايتن جي ڪا تصديق ڪانھي. حضرتداؤد عليه السلام جي پٽ حضرتسليمان عليه السلام هن مسجد جي توسيع ڪئي[5] قرآن ۾ ھن مسجد جو ذڪر معراج جي نسبت سان ۽ قبلي جي حيثيت ۾ آيو آھي. تاريخي رڪارڊ مطابق ان جاء تي موجودہ مسجد بنو اميہ جي خليفي عبدالملڪ بن مروان (685-705) شروع ڪرايو ۽ وليد بن عبدالملڪ (705-715) مڪمل ڪرايو[2]. مسجد ايتري ته ڪشادي آهي جو اتي چار لک نمازي نماز پڙھي سگھن ٿا[2]. 1096ع ۾ صليبين جڏهن بيت المقدس تي قبضو ڪيو تہ ان کي شاھي محل ۾ ۽ پوء فوجي جوڌن جي رھائش ۾ تبديل ڪيو ھو جنھن کي مسلمانن مسجد جي بي حرمتي قرار ڏنو. 1187ع ۾ سلطان صلاح الدين بيت المقدس واپس قبضي ۾ آندو ۽ مسجد کي پاڪ ڪيو ۽ اتي ٻيھر نماز جي بحالي ٿي[2]. 1967 ۾ عرب اسرائيل جنگ دوران اسرائيل يروشلم تي قبضو ڪيو پر مسجد جي انتظاميه مسلمانن جي ھٿ ۾ رھڻ ڏني[2].

مسجد اقصي جي پکيڙ[سنواريو]

مسجد اقصي جو گنبد نه صرف سون جو آهي بلڪي هن ۾ ڪارو پٿر پڻ استعمال ڪيو ويو آهي اگر مسجد اقصي جي رقبي جي باري ۾ ڳاله ڪجهي ته هن مسجد جو رقبو 144 دونم آهي هڪ دونم 1000 چورس ميٽرن جي برابر آهي. هتي گنبد صخره به آهي جنهن کي عربي زبان ۾ "الجامع القِبْلی "مطلب ته قبلي واري مسجد به چيو ويندو آهي.

مسجد جو اهو پورو حصو جتي موجود آهي اهو هڪ واري جي دڙي وانگر آھي جنھن جو نالو "موريا" آهي مسجد جي پيمائش ڪجهن هن طريقي سان ڪئي وئي آهي ڏکڻ طرف 281 ميٽر، اتر طرف 310 ميٽر، اوڀر طرف 462 ميٽر ۽ اولھ طرف 491 ميٽر تائين ڦھليل آهي.[6]

مسجد اقصي تي قبضو[سنواريو]

جولائي 1948 ۾ يهودين بيت المقدس تي 55 ڀم ڪيرايا.1967 ۾ اسرئيل بيت المقدس تي قبضو ڪيو. 1969 ۾ هن مسجد جي داخلي جڳه کي باه ڏني وئي جنهن ڪري مسجد جي ڇت کي نقصان رسيو ء منمبر صلاح الدين پڻ متاثر ٿيو.21 جولائي 1969 جڏهن اتي نمازي فجر جي نماز پڙهي رهيا هئا تہ مسجدکي باه ڏني جنهن جي ڪري مسجد جا ٽي خاص حصا باھ ۾ سڙي ويا. مسجد اقصي جي آزادي لاءِ مسلمان هر سال يوم القدس ملھائيندا آهن.

مسجد اقصي ء قرآن مجيد[سنواريو]

قرآن جي سورت اسراع آيت نمبر هڪ ۾ الله فرمائي ٿو.

سُبْحَانَ الَّذِي أَسْرَى بِعَبْدِهِ لَيْلاً مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ إِلَى الْمَسْجِدِ الأَقْصَى الَّذِي بَارَكْنَا حَوْلَهُ لِنُرِيَهُ مِنْ آيَاتِنَا إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ البَصِيرُ (الاسراء: 1)

ترجمو:پاڪ آهي اهو جيڪو رات منجھ وٺي ويو پنهنجي ٻانھي کي مسجد حرام کان مسجد اقصي تائين.[7]

مسجد اقصي جي فضيلت[سنواريو]

  • مسجد اقصي مسلمانن جو پهريون قبلو آهي.
  • معراج دوران پيغمبر صہ اتي رڪيو ھو.
  • زمين تي الله جو ٺاھيل ٻيون گھر آھي.
  • جتي کوڙ اصحابين جو قبرون آهن.
  • الله جي معجزن واري جاء
  • جنهن کي الله رحمت وارو ھنڌ سڏيو
  • ستر دفعا قرآن مجيد ۾ ذڪر آيل
  • جتي الله جي وحي نازل ٺي.
  • جتي سڀني نبين حضرت محمد صه جي امامت ۾ نماز پڙهي.

[8]

حوالا[سنواريو]