مدد:توھان جو پھريون مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مضمون تحرير ڪرڻ ٿا چاهيو
توهان مضمون ڪيئن لِکي سگهو ٿا، هن سان سِکو۔


هي صفحو توهان جي پهريون مضمون لِکڻ جي متعلق آهي، اُن کي تحرير ڪرڻ جي جڳهه ناهي!

جيڪڏهن توهان تجربو ڪرڻ چاهيو ٿا ته براءِ مهرباني تجربيگاهه يا پنهنجي صفحو صارف ۾ تشريف کَڻي وڃو۔ جيڪڏهن واقعئي مضمون لِکڻ چاجيو ٿا ته ساحر تخليق مضمون ۾ ڪوشش ڪريو۔

وڪيپيڊيا ۾ ڀليڪار اميد آهي ته اوهان اڳئي بلاگ لکيا يا ترميم ڪيا هوندا يا سماجي ويبسائيٽن تي ڪم ڪيو هوندو. يا اسان جي ويبسائيٽ تي اوهان اڳ ئي ڪا ننڍڙي ترميم ڪئي هوندي – پر هاڻ اوهان شروعات کان ئي نئون مضمون لکڻ چاهيو ٿا. ڪجهه اهڙا مضمون آهن جيڪي خودبخود پڪ ڪيل واپرائيندڙَ تخليق ڪري سگھن ٿا. جيڪڏهن ڪير خودڪار پڪ ڪيل يا بغير کاتي وارو واپرائندڙ آهي ته اهو مضون جي لاءِ درخواست ڏئي سگھي ٿو.

تعارف

پهريون، ان ڳالهه کان واقف رهو ته وڪيپيڊيا ڄاڻ چيڪلو آهي، ۽ اسان جو مقصد آهي ته اهڙي معلومات شايع ڪجي جي قبول جوڳي هجي ۽ جنهن سان ماڻهن کي فائدو پهچي. هي ڪا سماجي ربطن جي ويبسائيٽ ناهي، نه ئي اهڙي جڳهه جتي ڪنهن ڪمپني يا ماڻهو جو ويهي هروڀرون تعريف ڪجي نه ئي وڪيپيڊيا صرف لکندڙ جي نقطه نظر ڪري ڪنهن جي مخالت هي اجازت ڏي ٿو. اهو هميشه پنهنجي دماغ ۾ رکو. (اسان جو اهڙو مقصد ”وڪيپيڊيا ڇا نه آهي“ ۾ پڻ بيان ڪيل آهي.)

اسان قبول جوڳي اهڙي معلومات جا خواهشمند آهيون، جيڪو سٺن حوالن تي ٻڌل هجي. سٺن حوالن مان مراد ڪو مستنعد ڪتاب يا ڪو اخبار جيئن روزاني ڪاوش وغيره، اسان اهڙن حوالن جو تت هتي لکندا آهيون. ۽ اهو ئي آهي جيڪو هتي وڪيپيڊيا ۾ قابل قبول هوندو آهي. ان لاءِ پڪ ڪري وٺو ته اوهان جيڪو لکو ٿا ان متعلق حوالن ۾ ڇا لکيل آهي نه ڪي اوهان جي دماغ ۾ ڇا آهي ۽ اوهان ان موضوع کي ڪيئن ٿا ڏسو.

هي ڪجهه صلاحون آهن جن سان اوهان کي نئون مضمون تخليق ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي:

  • سڀ کان پهرين کاتو کوليو — ان لاءِ صرف ڳجهو لفظ ۽ هڪ واپرائيندڙ–نانءُ گھربل آهي. ان سان اوهان پنهنجي ترميمن کي آساني سان ڏسي سگھو ٿا ۽ ٻيا واپرائيندڙ اوهان کي آساني سان ڳولي سگھن ٿا.
  • پوءِ مضمون جي ڳولا ڪيو، ڇو ته شايد اهو مضمون اڳ ئي موجود هجي، جيڪڏهن مضمون موجود هجي ته ان کي سوارڻ جي ڪوشش ڪيو.
ڇا اهو نئون آهن؟
لکو پوءِ ڳوليو کي ڪلڪ ڪيو (موضوع ڳوليو)"
  • مضمون نه لڌو؟ ٺيڪ آهي، پوءِ نئون مضمون تخليق ڪيو پر پڪ ڪري وٺو ته ڇا مضمون مشهور ماڻهو يا جاءِ يا موضوع جي باري ۾ آهي؟ ڇا مضمون ڄاڻ چيڪلي ۾ ڏيڻ جهڙو آهي؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 16,413 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

موبائيل مان مضمون تخليق ڪرڻ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا:نئون صفحو موبائيل

🌏⁦ وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي کاٻي طرف "ڳولا جو خانو" 🔍 نظر ايندو آھي⁦▪️⁩ جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو، اھو ڳولا جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳولا🔍 تي ڪلڪ 👇 ڪريو⁦▪️⁩

توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا۔ اھو اطمينان ڪرڻ کان بعد تہ توھان جي گھربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا⁦▪️⁩ واضع رھي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي⁦▪️⁩ نئون صفحو ٺاھڻ جي لاءِ، ڳولا جي نتيجن ۾ توھان جي ڳولھيل عبارت ڳاڙھي رنگ ۾ لکيل نظر ايندي، جنھن کی ڪلڪ 👇 ڪندؤ تہ سرجڻ جو صفحو کلي ويندو، جتي توھان نئون مضمون لکي سگھو ٿا⁦⁦⁦▪️⁩ يا توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا⁦▪️⁩



نامڪمل مضمون

نئون مضمون لکندي ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته مضمون کي اڌ تي نه ڇڏيو وڃي، مضمون جي شروعات سان گهٽ ۾ گهٽ عنوان کي ثابت ڪرڻ جيترو مواد حوالن سان لکجي. اهڙا مضمون جيڪي چند اکرن تي مشتمل هجن يا اهڙا مضمون جيڪي چند سٽن تي بغير حوالن جي موجود هجن اگر انهن کي جلد از جلد سنواريو نه ويو ته اهڙا مضمون ڪنهن به وقت حذف ڪيا ويندا.