مابعدالطبعيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مابعد الطبعيات ، انسان جي روح جو علم (Metaphysical) ميٽا (Meta) معنيٰ مٿانهون (Beyond) ۽ فزيڪل (Physical) طبعي دنيا. يعني طبعي دنيا کان مٿاهون علم.مابعد الطبيعات جي حدن ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. ڪي ان کي فلسفي جي مترادف استعمال ڪن ٿا، ڪي ان کي الاهيات واري مقصد ۾ آڻن ٿا ۽ ڪي وري اخلاقيات کي بہ مابعد الطبعيات جي ذمري ۾ آڻن ٿا. حقيقت ۾ اهي تمام موضوع يا مسئلا، جيڪي طبعي علمن جي دائري مان خارج، طبعي فڪر و نظر جي حدن کان مٿي ۽ مشاهدي ۽ تجربي جي احاطي مان ٻاهر آهن. سي مابعد الطبعيات جي دائري ۾اچن ٿا. [1] اها فلسفي جي ٻين شاخن جهڙوڪ اخلاقيات، جماليات، علميات جهڙي شاخ آهي، (Metaphysics) اصطلاح يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان جڙي ٺهيو آهي ميٽا (Meta) معنيٰ ڏور/پري/مٿانهون ۽ فزيو (Physio) معنيٰ جسم. هن شاخ ۾ ڪائنات جي آخري ۽ بنيادي سچائي جي ڳولها ۽ ان جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. فلسفي ۾ مابعد الطبعيات کي ڪائنات کي سمجھڻ جي هڪ طريقي طور سمجھيو وڃي ٿو. هن شاخ مادي، تحرڪ، مڪان، زمان، لامحدود، سبب ۽ ٻين بنيادي تصورن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}