عيد نماز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عيد جي نماز جو ھڪ ڏيک

عيد نماز (Eid prayers) (عربي: صلاة العيد) ٻن اسلامي ڏڻن (عيدين) جي موقعن تي ادا ڪئي ويندڙ خصوصي نماز آھي۔ عيد الفطر جي نماز پھرين شوال تي ادا ڪئي ويندي آھي۔ عيد الاضحيٰ جي نماز ڏھ ذوالحج تي ادا ڪئي ويندي آھي. ٻنھي موقعن تي ھي خصوصي نمازون عام طور تي عيد گاھ ۾ ادا ڪيون وينديون آھن۔ عيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن جيڪي جمعي جي نماز جا آھن پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي[1]. عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ سان پيلاڻ جي ختم ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو پر مستحب آھي تہ عيد نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي[1]. ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي[1]. عيد جو خطبو سنت آھي پر ان جو ٻڌڻ واجب آهي.خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي[1]. ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي[1] .

پڻ ڏسو[سنواريو]

سانچو:اسلام ۾ نمازون

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 279