عرب ليگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ليگ آف عرب اسٽيٽس

  • جامعة الدول العربية
  • Jāmiʻat ad-Duwal al-ʻArabiyya
Flag of عرب ليگ
نسبتي نشان of عرب ليگ
جھنڊو نسبتي نشان
Location of عرب ليگ
انتطامي مرڪز قاھرہa
سرڪاري  ٻوليون
رڪنیت
سربراھ
احمد ابوالغيط
علي الداقبعاشي
 لبنان
قانونساز ادارو عرب پارليامينٽ
قیام
22 مارچ 1945
پکيڙ
• رڪن ملڪن جي جملي پکيڙ
13٬333٬296 km2 (5٬148٬014 sq mi)
آبادي
• 2012 تخمینو
400,652,486
•  گھاٽائي
24.33 /km2 (63.0 /sq mi)
ڪچي ملڪي پيداوار (مساوي قوت خرید) 2011 تخمینو
• ڪل
$4.766 ٽرلين [1]
•&nbsp في سيڪڙو
$11895
خام ملڪي پیداوار (رڳو نالي ۾) 2011 تخمینو
• ڪل
سانچو:Reference necessary



عرب ليگ(انگريزي: Arab League ) جنھن جو رسمي نالو ليگ آف عرب اسٽيٽس (انگريزي: League of Arab States ) آھي 1945 ۾ قائم ٿي. ان جو مقصد يورپ ملڪن کان آزادي حاصل ڪندڙ عرب ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ ھيو. ان تنظيم جو بنياد وجھندڙ رڪن مصر، عراق، اردن، شام، سعودي عرب، لبنان ۽ يمن ھيا. جنھن بعد وڌيڪ 15 ملڪ ان ۾ شامل ٿيا. جن جا نالا آهن: الجيريا، بحرين، ڪومورو آئلينڊز، جبوتي،ڪويت، لبيا، ماريطانيہ، مراڪش، اومان، فلسطين، قطر، تيونس، يونائيٽيڊ عرب امارات، صوماليا، سوڊان. ان جو مستقبل صدر مقام مصر جي شھر قاھرہ ۾ آھي[2]. اھا عرب اتحاد ۽ سھڪار جي لاء ھڪ سيڪيولر تنظيم آھي. اھو فورم عرب ملڪن جي پنھنجي سياسي، قانوني، سلامتي، آمدورفت، رابطن جي ذريعن، معاشي ترقي ، سماجي ۽ ثقافتي معاملن متعلق سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء آھي. ان جو سڀ کان وڏو آفيسر آن جو سيڪريٽري جنرل ھوندو آھي ۽ سڀ کان وڏي اختياري ان تنظيم جي ڪائونسل آهي جيڪا رڪن ملڪن جي نمائندن تي مشتمل ھوندي آھي[2]. عرب ليگ جو اجلاس سال ۾ ٻہ دفعا ٿيندو آهي جنھن ۾ ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيندا آهن. ھن تنظيم ذريعي اتحاد ھجڻ باوجود عرب ملڪن ۾ پاڻ ۾ معاشي نابرابري، سياسي تشڪيل ۽ نظرياتي اختلافن ۽ سربراھن جي پاڻ ۾ ذاتي اختلافن سبب نفاق موجود آهي[2]. مصر جڏهن عرب ليگ ۾ سيڪيولر خيال واري جمال عبدالناصر جي سربراهي ۾ حاوي ھيو تہ سعودي عرب 1962 ۾ اسلامي ملڪن جي ھڪ وڏي اتحاد جو بنياد وڌو ۽ بعد م مصر کي عرب ليگ مان اسرائيل سان 1979 ۾ امن معاهدو ڪرڻ جي ڪري نيڪالي ڏني وئي ۽ 1987 ۾ ان جي رڪنيت وري بحال ڪئي وئي جيڪو عرب ليگ ۾ موجود نفاق جو ھڪ مثال آهي[2]. 1990 ۾ عراق جو ڪويت تي حملو پڻ نفاق جو ھڪ ٻيو مثال آهي[2]. انھن حضرت علي جي خليفي ٿيڻ جي حمايت ڪندڙن ۾ ھئا. انھن عباسين جي بنو اميہ وارن جي خلاف انقلاب جي پڻ حمايت ڪئي[2].

ملڪن جي رڪنيت جون تاريخون[سنواريو]

  • مصر (باني):
    22 مارچ 1945

(1979 کان 1989 تائين ان جي رڪنيت معطل رھي)

عرب ليگ جا سيڪريٽري جنرل[سنواريو]

سيڪريٽري جنرل جنم ڏينهن آفيس سنڀاليائين آفيس ڇڏيائين قوميت تصوير
1 عبدالرحمن حسن اعظم 1893–1976 22 مارچ 1945 سيپٽمبر 1952  مصر
2 عبدالخليل حسونة 1898–1992 سيپٽمبر 1952 1 جون 1972  مصر
3 محمود رياض 1917–1992 1 جون 1972 مارچ 1979  مصر
4 شازلي قليبي 1925 مارچ 1979 سيپٽمبر 1990  تيونس
5 احمد عصمت عبدالمجيد 1924–2013 15 مئي 1991 15 مئي 2001  مصر
6 عمرو موسیٰ 1936 15 مئي 2001 1 جولاءِ 2011  مصر
7 نبيل العربي 1935 1 جولاءِ 2011 3 جولاءِ 2016  مصر
8 احمد ابوالغيط 1942 3 جولاءِ 2016 '  مصر

حوالا[سنواريو]

  1. MENAFN. "Qatar, UAE, wealthiest Arab states". حاصل ڪيل 26 July 2010. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 57,