عبدالغفار تبسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالغفار تبسم

عبدالغفار تبسم (انگريزي:Abdul Ghaffar Tabassum) سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

عبدالغفار ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي، 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم ۽ سرگرميون[سنواريو]

پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1966ع ۾ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾، ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾، ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.ڪاليج واري دور 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر به ٿي رهيو. هن تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام پڻ کنيا. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئون ديرو ڊراميٽڪ سوسائٽي جو صدر ۽ سرپرست پڻ رهيو. هن پليٽ فارم تان ”شيرين فرهاد“ آغا حشر ڪاشميري جو سنڌي ترجمو ڪيل ڊرامو ”باغبان“، تاريخي ڊرامو ”ليلا چنيسر“ ۽ ٻيا ڊراما پڻ پيش ڪيا ويا.

نوڪريون[سنواريو]

عبدالغفار ”تبسم“ پهرين 1972ع ۾ استاد، پوءِ فئملي پلاننگ آفيسر، يوءِ بي ايل بئنڪ نوڪري ڪيائين ۽ بعد ۾ 1975ع ۾ پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلا جي دوران 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. 1983ع کان 1987ع تائين نئون ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿي رهيو. 1990ع ۾ ٻيهر پي آئي اي جي نوڪري ۾ بحال ٿيو

ادبي اوسر[سنواريو]

عبدالغفار ”تبسم“ 1964ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. پاڻ پهريون شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ مخدوم طالب المولى جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. انهي کان اڳ پاڻ هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو. انهي جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو: ”منهنجي پهرين پين جو نب ناول تي هليو آهي. جنهن جون قسطون اڃان تائين مون وٽ آهن. منهنجي هڪ آس اها به آهي ته مان هڪڙو ناول لکان ۽ ڀرپور لکان ۽ ان ۾ ئي پنهنجي شاعراڻي تاس جي پورائي ڪري سگهان ۽ اها منهنجي زندگي جي اهم لکڻي هجي.“

عبدالغفار ”تبسم“ جو پهريون شعري مجموعو ”گلشن جهڙا گل“ 1966ع ۾ ڇپيو. عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز لاءِ شعري ٽڪرو لکندو رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪيسٽون رليز ٿيون آهن.

عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ پيش ٿيل ڊرامون ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو، جنهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار“ جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. 1983ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهيائين. هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو ۽ ايس گل جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيائين.

عبدالغفار ”تبسم“ شاعري کانسواءِ سفر نامو ۽ آتم آکاڻي پڻ لکي آهي. سندس آمريڪا جوسفرنامو ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ ۽ آتم ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهڙا“ 1994ع ۾ شايع ٿي. عبدالغفار ”تبسم“ جا هيستائين اٺ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي. گلشن جهڙا گل (1966ع) شفق وارا ڇانورا (1982ع) مٽي جا سُر (1991ع) سوچون صحرا سراب (1995ع) نيڻن جي آڳر (1996ع) ڪندي ڪناري ناوَ (1999ع) موسيقي، موسم ۽ تبسم (2003ع) اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن (2004ع). سج آرسيءَ ۾ (2005ع).[2] [3] [4]

حوالا[سنواريو]

  1. "تبسم عبدالغفار ڀٽي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22. 
  2. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  3. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-07 
  4. ڪتاب:هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي