طاهره صفدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيده طاهره صفدر
چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ
دفتر سنڀاليو
1 سيپٽمبر 2018ع
مقرر بطرف ميان ثاقب نثار
جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
11 مئي 2011 – 31 آگسٽ 2018
ايڊيشنل جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
7 سيپٽمبر 2009 – 11 مئي 2011
چيئرپرسن بلوچستان سروس ٽربيونل
عهدو سنڀاليو
10 جُولاءِ 2009 – 7 سيپٽمبر 2009
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سول جج
عهدو سنڀاليو
1991–1996
سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
1987–1991
سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
1982–1987
ذاتي تفصيل
پيدائش طاهره صفدر
آڪٽوبر 1957 (عمر 66 سال)
ڪوئيٽا، بلوچستان
شهريت پاڪستاني
قوميت  پاڪستان
مادر علمي بلوچستان يونيورسٽي (اردو ادب)
ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي (قانون)
ڪرت چيف جسٽس
پيشو قانوندان
سڃاڻپ پاڪستان جي پهرين چيف ۽ سول جج

سيده طاهره صفدر (انگريزي ٻولي: Syeda Tahira Safdarپاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس ۽ پهرين عورت سول جج آهي. سيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي پيدا ٿي. هي 1 سيپٽمبر 2018ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ٿي.[1][2]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

سيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا جي مشهور وڪيل سيد امتياز حسين بقري حنفي جي گھر ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڪنٽونمنٽ پبلڪ اسڪول ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. هن بيچلر جي سند گورمنٽ گرلز ڪاليج ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. بلوچستان يونيورسٽي مان هن اردو ادب تي ماسٽر جي سند حاصل ڪئي ۽ 1980ع ۾ ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي مان قانون جي سند حاصل ڪيائين.[1]

پيشوار زندگي[سنواريو]

طاهره صفدر پاڪستان جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي پهرين سول جج طور 1982ع ۾ مقرر ٿي، 1987ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن، بلوچستان جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هن کي سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو. هن کي ضلعي سيشن جج طور 27 فيبروري 1991ع ۾ مقرر ڪيو ويو.[3]

حوالا[سنواريو]