صنف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صنف (Genre) جو جمع اصناف/صنفون آهي. هر علم ۽ ادب ۾ مختلف صنفون ٿينديون آهن، جن جون الڳ شاخون بہ نڪرنديون آهن. مثال طور شاعريءَ جي صنفن ۾ بيت وائي، ڪافي، نظم، غزل، هائيڪو، سانيٽ آزاد نظم وغيره ۽ نثر ۾ ناول، ڊرامو، ڪھاڻي، تنقيد، سفرناما، سوانحي، ادب وغيره جون صنفون اچي وڃن ٿيون. صنف جو هڪ ٻيو مفھوم مذڪر ۽ مؤنث وارو بہ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Gender چئبو آهي، شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار کي اڪثر ”صنف نازڪ“ طور پيش ڪيو ويو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.