صدر الدين ھاشواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صدرالدين هاشواڻي
پيدائش جُولاءِ 1940 (عمر 83 سال)
ڪراچي، پاڪستان
رھائش اسلام آباد، پاڪستان
قوميت پاڪستاني
شھريت پاڪستان
مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي
پيشو سربراه ھاشو گروپ
آمدني سانچو:Profit آمريڪا جون گڏيل رياستون $1.1 billion (2010)[1]
مذھب اسماعيلي

صدرالدين هاشواڻي 1960ع ۾ قائم ٿيل هاشو گروپ جو سربراه آھي. اڄ هاشو گروپ جي سڄي پاڪستان ۾ مختلف طرح جا ڪيترائي صنعتي گروپ آھن جيڪي سفر ۽ سياحت، جائداد، دوا سازي، انفورميشن ٽيڪنولوجي ۽ تيل ۽ گيس سان لاڳاپيل سرگرمين ۾ مصروف آھن. هاشو گروپ سڄي پاڪستان ۾ ميريٽ ھوٽل ۽ پرل ڪانٽي نينٽل هوٽلز جا مالڪ آھن.

آتم ڪھاڻي[سنواريو]

صدرالدين هاشواڻي جي پنھنڪي ڪتاب سچائي ڪا سفر ۾ ھن پنھنجي زندگي جي نشيب ۽ فراز جو ذڪر ڪرندي پاڪستان جي ڪرپٽ ليڊرن جو ذڪر ڪيو آهي. روزنامه جنگ ڪراچي 8 نومبر 2014 جي خبر ڪي مطابق ھو ٻڌائن ٿا تہ:

  • فوج جو ساٿ ڏيڻ جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي.
  • ڀُٽَي صنتڪارن ک سرمائيہ ڪاري جي تحفظ جو يقين ڏياريو پر اڳلي صبح بينڪن قوميائيو ويو.
  • ضياء دور ۾ مون کي ڏاڍو بليڪ ميل ڪيو ويو.
  • جوڻيجي جعلي ڪاغذن تي ڪار درآمد ڪرائي.
  • بينظير دور ۾ ڪرپشن جا ڪيترائي اسڪينڊل سامھون آيا.
  • مون کي 250 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ جي اجازت نہ ملي.
  • نوازشريف جي ٻين دور ۾ منھنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ۽ منھنجي فون ٽيپ ٿي.
  • مشرف ذاتي خواهشن ۾ گھريل انسان ھو.
  • شوڪت عزيز ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ دلچسپي رکندو ھيو.
  • منھنجي هوٽل ۾ ڌماڪو ٿيو تہ مون کي چيو ويو تہ ما بيان ڏيان تہ حملي جو هدف صدر زرداري ھيو.

حوالا[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]