سوانح نگاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوانح نگاري __(Biography):

پنهنجي زندگيءَ کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي حياتي، حياتيءَ جا حادثا واقعا ۽ زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪرڻ کي سوانح نگاري سڏبو آهي. سوانح لکندڙ کي سوانح نگار (Biographer) چئبو آهي. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا ۾ ھن صنف لاءِ لکيو ويو اھي تھ ”ھي غير افسانوي ادب جو قسم اھي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي ھوندو اھي. عام طور تي ھن ۾ اتم ڪھاڻي بھ اچي وڃي ٿي. جنھن جو موضوع ڪنهن جي پنھنجي تاريخ جو بيان ڪرڻ ھوندو اھي.“ تاريخ، وسيع تناظر ۾ نسلن ۽ گروھن جي حالات، واقعات حادثات، عروج و زوال ۽ شڪست وغيره جي ڪھاڻي ٻڌائيندي اھي، جڏھن تھ سوانحي ادب ھڪ فرد جي شخصيت جي مڙني پھلوئن جي تصوير ڏيکاريندو اھي ۽ ان سان لاڳاپيل تاريخي واقعا ان ۾ خود بخود اچي وڃن ٿا. ان حساب سان جيون ڪھاڻي کي تاريخ جو حصو سمجھڻ گھرجي. ڇو جو ان جو دارومدار واقعن جي تسلسل ۽ لکيل توڙي زباني مواد جي وضاحت تي ھوندو اھي، جيڪو تحقيق ۽ ذاتي يادگيرين تي قائم ھوندو اھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي