سنا مڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنا مڪي (عربي: سنا، فارسي: جتي، هندستاني، وغيره: مهار، الوي، بهوين ۽ ترور) مشهور شيءِ آهي، هن جا پن سائي رنگ تي ليار جي پنن وانگر ٿيندا آهن.

طب[سنواريو]

گهاٽي بلغم، سودا ۽ صفرا جي خلطن جو جلاب آهي. معدي کي طاقت ڏئي ٿو، مرگهي، مٿي جو سور، ماليخوليا، پاسي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا ۽ قولنج جي مرضن لاءِ مفيد آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. بدن جي خارش لاءِ مجرب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.