سرگاسو سمنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مڪانيت: 28°N 66°W / 28°N 66°W / 28; -66

3,500,000 km²
اتر ايٽلانٽڪ ۾ سرگاسو سمنڊ


سرگاسو سمنڊ(انگريزي: Sargasso sea ) ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع ھڪ سمنڊ آھي[1] جنھن جون حدون ٻين ننڍن سمنڊن جي برعڪس زمين سان نہ ٿيون لڳن[2][3][4]. ھي پنھنجي وصفن: سارگسم نالي ناسي رنگ جي سامونڊي ٻوٽن ۽ اڪثر ماٺيلي نيري رنگ جي پاڻي جي ڪري ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ھڙني ننڍن سمنڊن کان منفرد آھي[1] ھن سمنڊَ جون حدون اولھ طرف ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ ميڪسيڪو جي نار کان اٿي فلوريڊا پار ڪري اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچندڙ نار واري ھوائن پھچڻ واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اتر طرف اتر ايٽلانٽڪ ھوائن واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اوڀر طرف ڪئنري واري ھوائن جي ھنڌ سان ملن ٿيون ۽ ڏکڻ طرف اتر استوائي ھوائن جي وھڪري سان ملن ٿيون. ھن سمنڊ جي جاگرافيائي بيھڪ °70 ۽ °40 ڊگري اولھ طرف ۽ °20 کان °35 ڊگري اتر طرف جي وچ ۾ واقع آهي. اھو لڳ ڀڳ 1100 ڪ م ويڪرو ۽ 3200 ڪ م ڊگھو آھي[5][6]. ,ھن سمنڊ جي پکيڙ اٽڪل 35 لک ھمچورس ڪلوميٽر آهي. ھن سمنڊ جي اولھندي ڪناري جي ويجھو برميوڊا واقع آهي[7]. ھن سمنڊ جو رنگ نيرو ھجڻ سان گڏ ان جي پاڻي جي اندر ڪمال جي چٽائي آھي ۽ ڏسڻ جي حد پاڻي جي اندر 61 ميٽرن يا 200 فٽن تائين آھي[8][9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Stow, Dorrik A.V. (2004). Encyclopedia of the Oceans. Oxford University Press. p. 90. ISBN 978-0198606871. https://books.google.com/books?isbn=0198606877. Retrieved 27 June 2017. 
  2. NGS Staff. "Sea". nationalgeographic.org. National Geographic Society. حاصل ڪيل 27 June 2017. ...a sea is a division of the ocean that is enclosed or partly enclosed by land... 
  3. Karleskint, George (2009). Introduction to Marine Biology. Boston MA: Cengage Learning. p. 47. ISBN 9780495561972. https://books.google.com/books?id=0JkKOFIj5pgC&pg=PA47. Retrieved 7 January 2017. 
  4. "What's the Difference between an Ocean and a Sea?". Ocean Facts. Silver Spring MD: National Ocean Service (NOS), National Oceanic and Atmospheric Administration (NOAA). حاصل ڪيل 7 January 2017. 
  5. "Sargasso Sea". oceanfdn.org. The Ocean Foundation. حاصل ڪيل 27 June 2017. 
  6. Weatheritt, Les (2000). Your First Atlantic Crossing: A Planning Guide for Passagemakers (4th ed.). London: Adlard Coles Nautical. ISBN 9781408188088. https://books.google.com/books?isbn=1408188082. Retrieved 27 June 2017. 
  7. Webster, George. "Mysterious waters: from the Bermuda Triangle to the Devil's Sea". CNN. حاصل ڪيل 27 June 2017. 
  8. "Sargasso Sea". World Book. Field Enterprises Educational Corp. 
  9. Heller, Ruth (2000). A Sea Within a Sea: Secrets of the Sargasso. Price Stern Sloan. ISBN 978-0-448-42417-0. https://archive.org/details/seawithinseasecr00hell.